عبدالستار ايڌي جيئن مون هن کي ڏٺو
ليکڪ: ڊاڪٽر شير شاهه سيد
آڪٽوبر ٻه هزار پنج ۾ پاڪستان جي اترين علائقن ۾ زبردست زلزلو آيو. ڪشمير کان وٺي اسلام آباد تائين لڳاتار لوڏن تباهي مچائي ڇڏي هئي، جبل لڏي ويا، نيون ڍنڍون ٺهي ويون. رستا بند ٿي ويا. گهر ۽ جايون ڪِري پيون، هزارن جي تعداد ۾ ٻار عورتون ۽ مرد فوت ٿي ويا ۽ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو زخمي ٿيا. پاڪستان ميڊيڪل ايسوسئيشن هڪدم ڊاڪٽرن کي گڏ ڪيو، ڊاڪٽرن جو وڏو گروپ لاهور مان ۽ ٻيو ڪراچي مان ۽ ٽيون ملتان مان زلزلي متاثر علائقن ڏانهن روانه ٿيا. ڪراچي جي ڊاڪٽرن سان گڏ جڏهن آئون مظفرآباد جي ويجهو پهتس ته ان وقت مظفرآباد وڃڻ واري رستي تي جبل جو وڏو پهڻ ڪِريل هو، جنهن کي پاڪستان فوج جا انجنيئر هٽائڻ جي ڪوشش ۾ لڳل هئا. پهڻ کان ٿورو پري ايڌي ايمبولينس جي هڪ وڏي قطار هئي، جيڪا ايڌي صاحب جي فرزند فيصل جي قيادت ۾ پهتل هئي. فيصل مون کي ٻڌايو ته ايڌي صاحب پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي تمام ايمبولينس سروسز کي حڪم ڏنو هو ته هر ڪو پنهنجي پنهنجي ايمبولينس، اٽي جون ٻوريون ۽ اڇي لٺي جا ٿان ڀري مظفرآباد طرف روانه ٿي وڃو. ڪجهه گاڏيون بالا ڪوٽ، ميرپور ۽ ٻين علائقن طرف نڪري ويون آهن ۽ مان انهن کي وٺي مظفرآباد پهچي ويو آهيان.
منهنجي ناتجربيڪاري ۽ بيوقوفي جي انتها اها هئي جو مان سمجهي ئي نه سگهيس ته ايڌي صاحب اڇي لٺي جا ٿان ڇو کڻي وڃڻ جو حڪم ڏنو هو؟ ڪيترن ڪلاڪن جي مسلسل جدوجهد ۽ ڪجهه ڌماڪن کانپوءِ وڏو پهڻ ٽُڪر ٿي ويو ۽ رستو کلي ويو. ايڌي جي ايمبولينس سڀ کان پهرين شهر ۾ داخل ٿي ۽ صرف ان وٽ ئي ضرورت جون سڀ کان اهم شيون کائڻ لاءِ اٽو ۽ دفن ڪرڻ جو ڪفن موجود هو. مان دل ئي دل ۾ ايڌي صاحب جي تجربي ۽ ويزن کي داد ڏيڻ بنا رهي نه سگهيس. پوءِ مون ڏٺو ته تمام جلدي صوبائي حڪومتون، غير ملڪي امدادي ادارن، مرڪزي حڪومت جي آفتن کي منهن ڏيڻ واري ڪميشن ۽ ڪيوبا جي سوين ڊاڪٽرن جي اچڻ کان اڳ ايڌي صاحب جي ايمبولينس ۾ ضرورت جون دوائون، اَن، اٽو، چانهه، کنڊ ۽ گرم ڪمبل اچڻ شروع ٿي ويا هئا. هي هڪ ماڻهو ضعيف، عمر جي آخري سالن ۾ سرڪار کان وڌيڪ وزن رکي ٿو. مان اڄ افسوس سان لکي رهيو آهيان ته پاڪستان جي فوجي ادارن نظام رسل وسائل کي ته بحال ڪيو ۽ ڪجهه طبي امداد به پهچائي، پر فوج صوبائي ۽ مرڪزي حڪومت گڏجي به پيشه ور ڦوروئن کان آفت زده ماڻهن کي نه بچائي سگهيا هئا. نه ڄاڻ هي ڪهڙا ماڻهو هئا جن ڊهي ويل گهرن مان قيمتي شيون چوري ڪيون، گهرن سامهون چڪناچور گاڏين مان اندران ريڊيا، ٽيپ رڪارڊر، ڪئسيٽ پليئر ڪڍي ويا. لاوارث ٿي ويل ڇوڪرين، نياڻين کي اغوا ڪري ويا. زلزلي جي ڪافي ڏينهن کانپوءِ اهو ممڪن ٿيو جو ڇوڪرين جي شناخت جي ڪارروائي ۽ اغوا جي روڪٿام شروع ٿي هئي. اربن رپين جي امداد پاڻي وانگر وهائي وئي. حڪومت جي ڪارندن ۽ سياستدانن ملي ڪري لٽ مار مچائي. اهي اسانجي قوم تي ڪارو داغ آهن. ايڌي صاحب اڪثر هن بي حسي جي شڪايت ڪئي هئي.
ايڌي صاحب جي ڪم جي طريقن سان گهڻن ماڻهن کي اختلاف رهيو، پر اختلاف ڪرڻ وارا ماڻهو اهو نٿا سمجهن ته ايڌي صاحب ڪهڙن ماڻهن جي وچ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. بدعنواني ۽ بي ايماني جنهن قوم جي ٻچي ٻچي کان وٺي وڏن ۾ ڀريل هجي، اتي ڪم ڪرڻ ڪيترو مشڪل هوندو آهي.
جنهن قوم جي مسجدن جي بيت الخلا ۾ لوٽن ۽ ڪولرن ۽ پاڻي پيئڻ جي مگن کي زنجيرن سان ٻڌي رکيو ويندو آهي، اتي فلاحي ڪم ڪرڻ آسان نه هوندو آهي. هو ايمبولينس جي پيٽرول جو حساب رکي يا صدقي ۽ قرباني جي لاءِ آيل چندي کي ڏسي. پينگهي ۾ ڇڏي ويل تازو ڄڻيل ٻارن جو خيال رکي يا ايڌي هوم جي معاملن ۾ ڦاٿل رهي. هر جاءِ تي بلقيس ايڌي، ڪاظمي صاحب، ڪبرا، فيصل ۽ سعد نٿا پهچي سگهن، انهن نامساعد حالتن ۾ شايد هن جو ئي طريقو درست آهي، جيڪو هو پنهنجي فهم ۽ سمجهه جي مطابق گهٽ ۾ گهٽ خرچ ڪري وڌ کان وڌ ماڻهن کي فائدو پهچائڻ لاءِ ڪندي رهي ٿو.
ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور ۾ هڪ ميٽنگ هئي. ميٽنگ کانپوءِ اسپتال مان نڪري هڪ رڪشا ڏسي رهيو هئس ته ساڄي پاسي مون کي ايڌي سينٽر جو بورڊ نظر آيو. آئون رڪشا ڇڏي سينٽر ڏانهن هليو ويس. اندر آفيس ۾ شير گل ويٺو هو، هن سان ملاقات ڪئي سال اڳ ايڌي صاحب سان نمڪ منڊي جي حادثي ۾ ٿي هئي، جنهن کانپوءِ هو، هن لاءِ ڪم ڪري رهيو هو. مان هن سان گپ شپ ڪرڻ لڳس. ڪم ڪيئن پيو هلي؟ مون پڇيو.
ڪم ته ختم نٿو ٿئي هر وقت هلندو رهندو آهي. هن جواب ڏنو هو، پشاور هاڻ وڏو شهر ٿي ويو آهي، هن تفصيل سان پنهنجي رپورٽ ڏني هئي.
ايڌي صاحب جي سڀ کان سٺي ڳالهه ڪهڙي آهي؟ مون هڪدم سوال ڪيو.
هن جون ٻه ڳالهيون سٺيون آهن، هن فورن جواب ڏنو.
هڪ اهو ته هو اوچتو اچي ويندو آهي، ڪنهن کي به خبر نه هوندي آهي ۽ ايڌي صاحب مسڪرائيندو داخل ٿيندو آهي. آئون 17 سالن کان هتي ڪم ڪري رهيو آهيان، مون کي لڳندو آهي جهڙوڪر هو هر وقت ”منهنجي پٺيان بيٺو آهي، مسڪرائيندو پنهنجي مهربان اکين سان، مون ڏٺو هن جي اکين ۾ ڳوڙها چمڪي رهيا هئا. هو ٿوري دير جي لاءِ خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ آهسته سان چيو: ٻي ڳالهه اها هو جڏهن به ايندو بکايل هوندو هو ۽ اسان سڀني سان هتي يا ٻارن جي شيلٽر هوم ۾ سڀني سان گڏجي سادي غذا کائيندو. کل ڀوڳ به ڪندو ۽ ماني کائي خاموشي سان روانو ٿي ويندو. نه اسان کي خبر پوندي، ڪٿان پيو اچي ۽ نه اهو پتو هوندو ته ڪيڏانهن پيو وڃي…
ڪنڊيارو جي سرجيڪل ڪيمپ ۾ ويندي آئون حيدرآباد ايڌي سينٽر ۾ ويس، رضاڪار عام ڏينهن وانگر پنهنجن ڪمن ۾ لڳل هئا، مان انچارج جي ڪمري ۾ وڃي ويٺس. ٿوري دير حال احوال کان پوءِ مون پڇيو ته ايڌي صاحب جي سڀ کان سٺي ڳالهه ڇا هئي؟ سڀ کان سٺي ڳالهه اها هئي ته هو ڪنهن به ڪم کي خراب نه سمجهندو هو. هر وقت هر ڪم پاڻ ڪرڻ لاءِ تيار هوندو هو. هن جي موجودگي ۾ هر ڪارڪن کي جهڙوڪر چار سئو چاليهه وولٽ بجلي لڳيو وڃي، هن مسڪرائيندي چيو هو.
پاڪستان ميڊيڪل ايسوسئيشن ڪراچي مائرن جي موت جي حوالي سان هڪ مهم هلائي رهي هئي ۽ اسين پي ايم اي سينٽر کي ڊاڪٽر ياسمين راشد، ڊاڪٽر شاهد ملڪ، ڊاڪٽر عظيم الدين زاهد ۽ ڊاڪٽر اڪرام تنيو جي مدد سان سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ مائرن جي موت تي مذاڪرا منعقد ڪري رهيا هئاسين، مذاڪرن ۾ ڊاڪٽرن جي سوالن سان اندازو ٿيو ته ڪيئي مائرون گهرن کان اسپتال ايندي رستي تي مريو وڃن. اسان سوچيو ته ڇو نه تجرباتي طور تي ايڌي ايمبولينس جي ڊرائيورن جي تربيت ڪجي. مان ۽ ڊاڪٽر حبيب الرحمان سومرو ايڌي وٽ وياسين ۽ هتي تجويز پيش ڪئي ته هو فورن راضي ٿي ويو. ان زماني ۾ يونيسيف سنڌ ۾ ڊاڪٽر آصف اسلم ۽ يونيسيف اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر صرير، آئون ۽ ڊاڪٽر حبيب رحمان سومرو ايڌي صاحب وٽ وياسين، مون اها تجويز انهن جي سامهون پيش ڪئي ۽ انهن ٻنهي ايڌي ايمبولينس جي سڀني ڊرائيورن ۽ ڪارڪنن جي لاءِ پي ايم اي جي تربيتي ڪورس کي منظم ڪرڻ ۾ مدد جي حامي ڀري ورتي. ايڌي ايمبولينس جي تمام ڊرائيورن ۽ ڪارڪنن کي پنجويهن پنجويهن جي بيچز ۾ پي ايم اي هائوس ۾ ان ڳالهه جي تربيت ڏني وئي ته هو ڪيئن حامله عورت کي ايمبولينس جي ذريعي هنگامي صورتحال ۾ کڻي اچن، ڪهڙي طرح رستي تي هنگامي طور ويم جي عمل کي آسان بڻائين ۽ حامله عورت جي مدد ڪن. ڪورس جي ڪاميابي کانپوءِ يونيسيف جي مدد سان ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس جي اهلڪارن جي به تربيت پي ايم اي هائوس ۾ ٿي. ايڌي صاحب جي اها ئي ڳالهه تمام ڀلي هئي، جو هو تجويزن کي رد ڪونه ڪندو هو، هو سوچيندو هو ۽ پوءِ فوري طور چاهيندو هو ته ڪم شروع ڪيو وڃي. ايڌي ايئر ايمبولينس جي شروعات اهڙي ڪوشش هئي، جنهن ۾ هن فهيم زمان جي مدد حاصل ڪئي. NED يونيورسٽي جو هر دل عزيز پروفيسر نعمان صاحب زندگي جي آخر تائين ان جو مشير رهيو. نعمان صاحب ئي هن کي قائل ڪيو ته هن جي ايمبولينس ۾ وائرليس سسٽم هجڻ گهرجي. ان زماني ۾ نعمان صاحب جي مدد سان ٽيهه هزار رپين وارو وائرليس نظام 18 هزارن ۾ حاصل ڪيو ويو. جڏهن گاڏي ۾ وائرليس لڳي ويو، ته هو پاڻ گاڏي ۾ ويهي رهيو، وائرليس آن ڪيو ۽ چيو:
حاجي اقبال، حاجي اقبال،
راجو هيلو هيلو،
اسماعيل هيلو هيلو چئي وائرليس جو نظام شروع ڪيو.
اها هيلو هيلو اڃا تائين هلي رهي آهي. بوهري بازار جو واقعو هجي يا سائٽ ۽ لانڍي واري باهه. فيصل آباد ۽ لاهور ۾ حادثه هجن يا ڪوئٽا ۾ قتل. سوات ۾ طالبان لاش اڇلائي رهيا هجن، تڏهين به هيلو هيلو جاري آهي.
توکي چلا ٺاهڻ اچن ٿا؟ صرف اهو هڪڙو سوال ايڌي صاحب ڪيو جو جڏهن هو اسانجي گهر مون سان ملڻ آيو هو. صَبا ايڌي صاحب جي نُنهن ۽ فيصل ايڌي جي زال مونکي ٻڌايو، اسان جو رشتو طئي ٿي ويو هو، پر تاريخ طئي ڪونه ٿي هئي، هو اسانجي گهر آيو هو، مون ٻڌو هو ته هن کي اها ڳالهه سُٺي لڳي هئي ته مونکي پڙهڻ جو شوق آهي. چلو ميمڻن جو هڪ خاص کاڌو آحي، جيڪو هر ميمڻ گهر ۾ ٺاهيو ويندو آهي، مونکي منهنجي امڙ ننڍي عمر ۾ چلا ٺاهڻ سيکاري ڇڏيو هو، ايڌي صاحب گهر آيو مون سلام ڪيو. هن مونکي غور سان ڏٺو ۽ پُڇيو. توکي چلو ٺاهڻ اچي ٿو؟ مون آهستي سان چيو هو جي اچي ٿو، پوءِ اسانجي شادي جي تاريخ طئي ٿي وئي هئي.
ايڌي صاحب کي چلا کائڻ جو ڏاڍو شوق هو. هن جي ماءُ هن کي ننڍپڻ ۾ چلا ٺاهي کارائيندي هئي ۽ پنهنجي امڙ جي انهيءَ ياد کي هميشه پاڻ سان گڏ رکيو. منهنجو پٽ سعد ۽ سڀ ٻار ميٺادر جي ميٽرنٽي هوم ۾ پيدا ٿيا، هو منهنجن ٻارن سان ايترو ئي پيار ڪندو هو جيترو يتيم خانن جي ٻارن سان پيار ڪندو هو. هو منهنجا ٺاهيل چلا شوق سان کائيندو هو ۽ هميشه منهنجي ٻارن جي تعليم جي باري ۾ پڇندو رهندو هو.
سادا چلا کائڻ وارو، اعليٰ تعليم کان محروم عبدالستار ايڌي جي وزن جي باري ۾ ماڻهو هميشه شڪ ڪندا رهيا، پر ان جو عمل سادگي هو، هن جو وزن تعليم هو، هن جو خيال هو ته هر ڪنهن کي تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي، هو سمجهندو هو ته شهر ۽ ملڪ ۾ امن امان هجڻ گهرجي، اسڪولن، مدرسن ۽ يونيورسٽين ۾ هٿيار نه هجڻ گهرجن.
هن کي ڪير به استعمال نه ڪري سگهيو، پيپلس پارٽي ۽ نه الطاف حسين… جنرل حميد گل ۽ نه عمران خان.
ان زماني ۾ ڪراچي جون حالتون تمام خراب هيون. روزاني ڪيترائي ماڻهو، نامعلوم گولين جو شڪار ٿي ويندا هئا. ڪير به محفوظ ڪونه هو، نه مهاجر نه پٺاڻ نه سرائيڪي، نه ئي بلوچ، نه شيعه، نه سُني. اهڙي وقت هڪ شام مونکي خبر ملي ته ٻي ڏينهن صبح ساڻ ايڌي صاحب ميٺادر کان قائداعظم جي مزار تائين امن مارچ ڪندو. آئون ۽ حبيب الرحمان سومرو صبح سوير فجر کان فورن پوءِ ميٺادر پهچي وياسين. ڪي گهڻا ماڻهو ڪونه هئا، ايڌي صاحب پنهنجي مخصوص انداز ۾ تيار ويٺل هو، هن جي پڪي ارادي کي ڏسندي ڪنهن جي به همت نه ٿي ته ان کي چوي ته ان قسم جي واڪ خطري کان خالي ڪونهي. ايڌي صاحب ستين بجي صبح ميٺادر کان پنهنجي وهيل چيئر تي واڪ شروع ڪئي. ان جو نعرو هو ”امن سڀني لاءِ“ قائداعظم جي مزار تائين هلندي هلندي هن سان محبت ڪرڻ وارن جو وڏي تعداد هن سان گڏ هو، ماڻهو گذرندا رهيا، بيهندا رهيا، هن سان هٿ ملائيندي هٿ چُمندي اڳيان وڌي ٿي ويا. هن امن جو پيغام پهچائي ڇڏيو هو، پر امن کي برباد ڪرڻ وارن جي سياسي ايجنڊا ۾ شامل ئي ڪونه هو ته ڪراچي ۾ امن قائم ٿئي.
ڪراچي وارن ان جي مهانگي قيمت ادا ڪئي آهي، ايڌي صاحب کي ان جو وڏو درد هو ۽ گهڻو ڪري ان جو اظهار به ڪندو رهندو هو.
ايڌي صاحب جي ايڌي هوم جي ٻاهر مون اهڙا اهڙا منظر ڏٺا آهن، جنهن سان انسانيت تان منهنجو اعتبار ئي ختم ٿي ويو آهي. ايڌي صاحب جو هي تمام وڏو ڪم آهي، جيڪو ڪنهن کي نظر نٿو اچي. مون خود ڏٺو آهي، جڏهن هڪ ڪار مان هڪ پوڙهي مائي کي ان جي خاندان وارا ايڌي هوم جي سامهون زبردستي ڇڏي هليا ويا. هوءَ عورت روئندي رهي، چوندي رهي ته آئون نوڪرياڻي ٿي رهڻ لاءِ تيار آهيان، پر خاندان وارن هن جي ڪابه ڳالهه نه ٻڌي. انهيءَ وقت ايڌي هوم ۾ ٻن هزارن جي ويجهو پوڙها مرد ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ پوڙهيون مايون رهنديون هيون، جن کي عزت سان ماني ملي ٿي. انهن ۾ اڪثر اهي آهن، جن جو ڪوبه والي وارث ڪونهي، يا اهي ماڻهو آهن، جن کي انهن جي گهرن وارن گهران ڪڍي ڦٽو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ جو خانداني مسئلن جي ڪري انهن کي گهر ۾ نٿو رکي سگهجي. آئون سوچيان ٿو جيڪڏهن هي ايڌي هوم نه هجي ها ته فقير مردن ۽ عورتن جا هي گروهه ڪراچي جي پيشه ور فقيرن سان گڏ رستن تي دربدر هجن ها.
ايڌي صاحب جا دروازا هر ڪنهن جي لاءِ کليل هوندا آهن. هندستان جي هندو ڇوڪري، گهر مان مار کائي ايندڙ زخمي زال، گهر مان ڌڪاريل ڌيءَ، بيواهه نُنهن يا اهي ويچاريون تاجڪ ۽ ازبڪ ڇوڪريون جن کي ڪراچي جي هڪ مافيا پاڪستان ۾ نوڪريون ڏيارڻ جي بهاني سان سڏائي پوءِ انهن کي سخت چوڪسي ۾ انهن کي طوائف بنائي شهر جي امير ۽ عياش ماڻهن جي خواب گاهن جي ذينت بنائي ڇڏيو. مون کي ذاتي طور تي خبر آهي ته پاڻ بچائي ايندڙ انهن بيوس ڇوڪرين کي ڪيئن ايڌي صاحب جي حڪم تي فيصل ايڌي ذاتي جدوجهد ڪري انهن کي واپس پنهنجي ملڪ پهچايو.
ايڌي صاحب بيمار ٿيو ته هر چوٿين پنجين ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ملڪ جو سفير يا نمائندو قونصليٽ ايڌي صاحب وٽ علاج جي لاءِ پنهنجي ملڪ وٺي وڃڻ چاهيندو هو، پر ايڌي صاحب انهن کي صاف جواب ڏيندو هو ته هو پاڪستاني آهي. پنهنجو پاڻ کي عام شهري ٿو سمجهي ۽ ڪراچي جي عام غريب ماڻهوءَ وانگر سول اسپتال ۾ وڃي پنهنجو علاج ڪرائيندو رهندو. هن جي مرضي هئي ته هن جي جسم جا سڀ عضوا مرڻ کانپوءِ استعمال ڪيا وڃن. هن جي وفات کان اڳ جڏهن مون پنهنجي ڪلاس فيصلو ۽ ڪراچي ۾ اکين جي بينڪ جي سربراهه قاضي واثق کي ٻڌايو ته ايڌي صاحب پنهنجي ڪورنيا جي باري ۾ وصيت لکي ڇڏي آهي ته قاضيءَ چيو هو ته ڪاش سڀ ماڻهو ايڌي صاحب وانگر ٿي وڃن ته سوين انڌن ماڻهن جي اکين ۾ روشني اچي وڃي.
هن جي وفات ٿي ۽ وفات جي فورن بعد ان جي ڀائيٽي ۽ اسانجي هڪ ٻي ڪلاس فيصلو ماهر چشم ادريس ايڌي هن جي ٻنهي چمڪندڙ اکين مان ڪورنيا ڪڍي ٻن انڌن انسانن جي اکين کي روشن ڪري ڇڏيو.
انسان اهڙا هوندا آهن، جيڪي مرڻ کانپوءِ به زنده رهندا آهن، ٻين جي اکين ۾ چمڪندا رهندا آهن. رات جو هڪ بجي فيصل جو فون آيو ته ايڌي صاحب جي طبيعت صحيح ڪونهي.
مون پڇيو مان اچان؟
هن چيو ته اچڻ جي ضرورت ڪونهي مون ته صرف ائين ئي فون ڪئي آهي. اڄ ٻن پهرن جو ئي هُو SIUT مان ڊائيليسس ڪرائي آيو آهي، پر هو اڃا به ڪجهه بيچين بيچين آهي. فون تي ڳالهائڻ کانپوءِ فيصل جي منع ڪرڻ کانپوءِ به آئون ميٺادر روانو ٿي ويس. فيصل مون کي ڏسي ٿورو حيران ٿيو، پر مون چيو منهنجي دل نه پئي مڃي ته آئون نه اچان. ميٺادر جي استقباليه جي پٺيان هڪ سادو ڪمرو آهي، جنهن ۾ هڪ بستري تي ايڌي صاحب ليٽيل هو. آئون فيصل سان گڏ اندر ويس ته ايڌي صاحب پڇيو، ڪير آهي؟
ڊاڪٽر آيو آهي، ايڌي صاحب. فيصل جواب ڏنو.
ڪير ڊاڪٽر؟ ايڌي صاحب پڇيو.
شير شاهه، فيصل ٿورو زور سان چيو.
اوه ڪميونسٽ! هن هڪ مخصوص انداز ۾ وڏي سڏ چيو هو.
منهنجي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. ايڌي صاحب جي واتان منهنجي لاءِ ڪميونسٽ هجڻ جو اعزاز ڪو معمولي اعزاز ڪونه هو. منهنجي دل ۾ شرمندگي به ٿي ته هن مونکي مولانا حسرت موهاني ۽ مولانا عبيدالله سنڌي جي قطار ۾ بيهاري ڇڏيو هو. ڪاش آئون انهن ماڻهن جهڙو ڪميونسٽ هجان ها. آئون هن جي ويجهو وڃي هن جي هنڌ تي ويٺس ۽ هن جي هٿ کي جهلي آهستي آهستي مهٽڻ لڳس، ڪمري جي جهڪي روشني ۾ هن جي چهري تي هڪ خاص ڪيفيت هئي، بيچيني جي باوجود هن هلڪو مسڪرايو ۽ چيو:
ڊاڪٽر، وڪيل ۽ ملان (ملا کي هو ن غنه سان ملائي چوندو هو) هنن ماڻهن پاڪستان کي برباد ڪيو آهي، جيڪڏهن اهي ٺيڪ ٿين ته پاڪستان به ٺيڪ ٿي وڃي. مون ۾ همت نه هئي ته آئون هن جي ان سچائي سان اختلاف ڪريان. پوءِ هو کِلي پيو.
ان جي اها معصوم ٻار جهڙي کِل منهنجي اکين جي اڳيان جهل ملائيندي رهندي آهي. اِها ئي هڪ هن جي آخري تصوير منهنجي ياد آهي ۽ ياد رهندي.
هن جي طبيعت واقعي به صحيح ڪونه هئي. مون فيصل کي ته ڪجهه ڪونه چيو، پر مونکي اندر ۾ خوف هو ته ايڌي صاحب جي وڃڻ جو وقت ٿي ويو آهي.
ٻن ڏينهن کانپوءِ آئون وري ميٺادر رات جو يارهين بجي پهتس ته مون ڏٺو ته پوليس جون ڪجهه گاڏيون اتان وڃي رهيون هيون. آئون ايڌي صاحب جي ڪمري ۾ پهتس ته فيصل ٻڌايو ته سنڌ جو وزيراعليٰ قائم علي شاهه پنهنجي ڌيئرن، نصرت شاهه ۽ نگهت شاهه سان گڏ ايڌي صاحب سان ملڻ آيو هو. آئون ٿوري دير اُتي ويٺو رهيس ۽ سوچيندو رهيس ته هاڻ هن صوفي جي درٻار بند ٿيڻ واري آهي.
ٻي ڏينهن مونکي نصرت جو فون آيو، هوءِ سخت حيران هئي ته ايڌي صاحب ايتري سادي زندگي گذاري ٿو؟ مون هن کي ٻڌايو ته گذريل ڪيئي سالن کان مون هن کي ائين ئي ڏٺو آهي، مليشيا جو پاجامو ۽ قميض ۾، سڌي سادي زندگي، سادو کاڌو، سچ ڳالهائڻ، ڪنهن به ڪيني ۽ منافقت کانسواءِ هر وقت ڪٿي به ڪنهن به جاءِ تي مدد جي لاءِ وڃڻ لاءِ تيار.
مٿي وڃڻ لاءِ به هو ائين ئي تيار هو.
آئون آمريڪا ۾ هئس. جڏهن مونکي هن جي وفات جي خبر ملي، ۽ هڪ فلم وانگر هن جي زندگيءَ جا ڪجهه حصا منهنجي اکين جي سامهون گذرندا رهيا.
پاڪستان واپس اچي آئون ايئرپورٽ تان سڌو فيصل ايڌي وٽ پهتس، هو ايڌي صاحب جي ڪمري ۾ هن جي ئي بستري تي ويٺو هو. مون فيصل کي چيو، يار مونکي ايڌي صاحب جي ڪپڙن جو هڪ جوڙو کپي. ايڌي صاحب وٽ ڪپڙن جا ڪُل ٻه جوڙا هئا، هن مونکي ٻڌايو. هن جي وصيت جي مطابق کيس سندس پاتل وڳي ۾ دفن ڪيو ويو آهي. ٻيو وڳو مون وٽ آهي، فيصل جواب ڏنو ۽ سواليا نظرن سان مون کي ڏٺو
منهنجي اکين ۾ لڙڪ تري آيا، مون چيو نه هي وڳو تون ئي رک.
***