بلاگ

سٺي حڪمراني ڇو ضروري آهي؟

جديد دور ۾ ماڻهن جي زندگي ۽ خوشي سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طور حڪمراني تي دارومدار رکي ٿي، پيئڻ جي پاڻي کان وٺي، بجلي، روزگار، صحت، شخصي حق ۽ تعليم ۽ تربيت ۽ ٻيا ڪيترائي معاملا حڪومتي پاليسين ۽ ان تي عمل ڪرڻ جا محتاج آهن. ان ڪري حڪمراني اڄڪلھ جي دنيا ۾ اهم موضوع اختيار ڪيو ويو آهي. جڏهن به ماڻهن کي تڪليف پهچي ٿي ته ان وقت اهو چيو وڃي ٿو ته هي خراب حڪمراني آهي ۽ حڪمران نااهل، رشوت خور يا عوام دشمن آهن انهيءَ سبب ڪري هر چوٿين يا پنجين سال جن به ملڪن ۾ جمهوريت آهي اتي حڪمراني کي ڏسي ماڻهون پنهنجي پسنديده سياسي پارٽي کي ووٽ ڏين ٿا. سنڌيءَ ۾ حڪومت يا حڪمراني تي تمام گهٽ لکت جو رڪارڊ آهي. هن مضمون جي ذريعي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته حڪومت ۽ حڪمراني جي موضوع تي پڙهندڙن کي ڄاڻ ملي ته جيئن هو صحيح نموني سان ان جي تصور کان واقف ٿين.

هن وقت اسان سڀ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هڪ تنظيم جي اندر زندگي گذاريون ٿا، اهو خاندان هجي، اسڪول هجي، اسپتال هجي، مقامي حڪومت هجي، خانگي ادارو هجي، صوبائي ۽ ملڪي قومي حڪومت هجي. ان کي هلائڻ لاءِ يقينن حڪمراني ذريعي هلايو ويندو آهي. جڏهن هي ادارا صحيح ڪم ڪن ٿا ته اسان چئون ٿا ته هنن جي حڪمراني ڏاڍي سٺي آهي ۽ جيڪڏهن هنن جي ڪارڪردگي صحيح ناهي ته اسان اهو تبصرو ڪيون ٿا ته هن اداري جي حڪمراني صحيح ناهي.

حڪومت ڪرڻ ماضي جي مقابلي ۾ تمام سخت ۽ تڪليفي عمل آهي، ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ تيزيءَ سان معاشي، ٽيڪنالاجي، سماجي ۽ ٻين شعبن ۾ تبديلي اچي ٿي، ان ڪري حڪمراني ڪنهن به نصابي ڪتاب ذريعي بلڪل نه ٿي ڪري سگهجي مثال طور: 2019 ۾ ڪووِڊ-19 ظاهر ٿيو ته سڄي دنيا پريشان ٿي وئي ۽ پوءِ سائنسي تحقيقن جي ذريعي ويڪسين پيدا ڪري 2 سالن کانپوءِ هن وبا مان ڇوٽڪارو مليو يا يوڪرين ملڪ تي روس جي حملي جي ڪري تيل جون قيمتون وڌي وڃڻ يا ٻيا مسئلا پيدا ٿيڻ ڪري هر هڪ ملڪ پنهنجي ملڪي حڪمراني کي تبديل ڪري پنهنجي عوام کي ان جي اثر کان بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا يا دنيا ۾ مهانگائپ ۽ معاشي ترقي جي رفتار گهٽ هئڻ ڪري هر ملڪ جي معاشيات تي اثر پيو.

جيئن ته جمهوريت ۾ اڪثريت کٽيندڙ پارٽي کي آئيني حڪمراني جو اختيار ملي ٿو ان تي اهو فرض آهي ته هو اهڙي نموني سان ملڪ جي حڪمراني ڪري جو اتان جا رهواسي تڪليفن کان بچي سگهن، جيئن سنڌيءَ ۾ چيو ويندو آهي ته حڪمراني اڪُ جي ماکي لاهڻ نه هوندي آهي صدر يا وزيراعظم يا چيف منسٽر جي ڪرسي تي ويهي هو حڪمراني ناهي ڪندو، پر انهن عهدن تي ويٺل ماڻهن کي هر وقت چوڪس رهڻو هوندو آهي ڇو جو جيڪڏهن ڪو به واقعو ٿئي پوءِ اهو ڏيهي هجي يا پرڏيهي ان کان پنهنجي ماڻهن کي ان جي اثر کان ڪيئن بچائجي.

ريسرچ ٻڌائي ٿي ته اعليٰ قيادت سان گڏ ٻئي درجي جي قيادت پيدا ڪري انهن کي ايترو قابل ڪجي جو هو اعليٰ قيادت کي مڪمل مدد ڪري. دنيا جي ڪنهن به ملڪ جو حڪمران ماڻهن جي مسئلن کي قدرتي آفتن جو سبب ڄاڻائي پنهنجي ذميواري کان آجو نه ٿو ڪري سگهي مثال طور: 2010، 2011 ۽ 2022 ۾ جيڪي به سنڌ ۾ ٻوڏون آيون ان لاءِ سنڌ حڪومت صرف موسمي تبديلين کي ذميوار نه ٿي ڳڻائي سگهي.

ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ اڳڪٿي جي ٽيڪنالاجي موجود آهي جيڪڏهن نهري ۽ نڪاسي جي نظام کي اڳڪٿي جي روشني ۾ مضبوط ڪيو وڃي ها ته سنڌ ۾ 2 ڪروڙ ماڻهون تڪليف ۾ نه اچن ها. ڪيترائي ملڪ سنڌ جي مقابلي ۾ تمام ڏکين حالتن ۾ هلايا وڃن ٿا. اتي غربت، بک ۽ بيروزگاري گهڻو ڪري ختم ڪئي وئي آهي، پر ان جي مقابلي ۾ سنڌ ۾ جيڪي وسيلا موجود آهن، بجلي، پاڻي، گئس، ڪوئلو، زمين هوائي طاقت (wind power) ان جي باوجود سنڌ ۾ ايتري ته غربت آهي جو بقول سنڌ جي وزيراعليٰ جي بيان مطابق ٻهراڙي ۾ 75 سيڪڙو ماڻهون غربت جو شڪار آهن ۽ ساڳي نموني سان 70 سيڪڙو ماڻهون طاقت واري غذا نه ٿا واپرائي سگهن.

سٺي حڪمراني جو اصطلاح 1992 ۾ ورلڊ بئنڪ جي سالياني ”ورلڊ ڊولپمينٽ رپورٽ“ ۾ باقاعده استعمال ڪيو ويو ۽ ان کانپوءِ هي اصطلاح دنيا جي وڏن فورمن، يونيورسٽين، تحقيقي ادارن ۽ سياسي جماعتن جي بحثن ۾ وڏي سطح تي استعمال ٿي رهيو آهي ۽ ائين ئي سٺي حڪمرانيءَ جي وصفن، فائدن ۽ ٻين پاسن تي بحث مباحثو ٿي رهيو آهي. هن اصطلاح تي ڪيترائي تحقيقي ادارا قائم ٿيا آهن ۽ لڳاتار سٺي حڪمراني تي تحقيق جاري آهي هاڻي ته جيڪو به ادارو ڪم ڪري ٿو ته انهيءَ کان سوال ڪيو ٿو وڃي ته هن اداري ۾ سٺي حڪمراني آهي يا نه ان ڪري سٺي حڪمراني يا ان جي ابتڙ خراب حڪمراني هاڻي اهو جملو اسان جي روزمره جي بحث ۾ عام استعمال ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي.

سٺي حڪمراني شهرين جو حق آهي، ڇاڪاڻ ته سٺي حڪمراني ۾ انهن جي جان مال ۽ عزت جي حفاظت ٿئي ٿي. انهن کي صحت، تعليم، امن امان، صاف پاڻي، نوڪري ۽ وڌيڪ آمدني جهڙيون سهولتون ملن ٿيون. سٺي حڪمراني ۾ انهن جا بنيادي حق محفوظ آهن.

سٺي حڪمراني ۾ نه صرف موجود شهرين کي خوشي ملي ٿي، پر ايندڙ نسل جي بهتر زندگي جو بنياد مهيا ٿئي ٿو. سٺي حڪمراني ۾ شهري ذهني طور پاڻ کي آزاد سمجهي ٿو ۽ ان جي مٿان ڪو به سياسي، سماجي ۽ معاشي خوف طاري نٿو رهي. سٺي حڪمراني ۾ شهرين جي تخليقي صلاحيتن جي همت افزائي ٿئي ٿي. سٺي حڪمراني ۾ شهرين جا بنيادي حق محفوظ رهن ٿا، جيئن اسان ڏسون ٿا ته فنلينڊ، سوئيڊن، سوئيٽزرلينڊ، اسپين يا جاپان جا شهري پاڻ کي خوش نصيب سمجهن ٿا ۽ سٺي حڪمراني جي موجودگي ۾ انهن کي بنيادي ضرورتون سلامتي ۽ ترقيءَ جا موقعا ملن ٿا.

سٺي حڪمراني جون وصفون

جڏهن اسان چئون ٿا ته جاپان، فنلينڊ، سوئيڊن، سوئيٽزرلينڊ يا برطانيه جا شهري سٺي حڪمرانيءَ ۾ رهن ٿا ته پوءِ اهو ضروري آهي ته ڄاڻجي ته سٺي حڪمراني ڇا کي چئجي ٿو هن وقت تائين جيڪا هن موضوع تي تحقيق ٿيل آهي ان ۾ هي وصفون اچي وڃن ٿيون.

جائز حڪومت

آئين ۽ قانون جي حڪمراني

حڪومتڪاريءَ ۾ شهرين جي شموليت

شفافيت

حڪمرانيءَ ۾ شفافيت

احتساب

ذميوار حڪمراني

شهرين جي برابري

شهرين جي ٽيڪس جو بهتر استعمال

شهرين جي انساني حقن جو احترام

سٺي حڪمراني جي ذريعي شهرين کي هيٺيان فائدا ملن ٿا‏:

شهري پاڻ کي آزاد ۽ سلامت محسوس ڪن ٿا.

شهرين جي حقن جو احترام ڪيو وڃي ٿو.

سماج يا حڪومت ۾ جيڪي سهولتون شهرين جون ضرورتون آهن اهي انهن کي مهيا ڪيون وڃن ٿيون. جيڪڏهن ڪا به شڪايت شهرين کي ٿئي ٿي ته جلد ئي ان شڪايت کي دور ڪيو وڃي ٿو.

شهرين جي بنيادي ضرورتن جنهن ۾ امن امان، تعليم، صحت، پيئڻ جو پاڻي، ٽرانسپورٽ، روڊن جو ڄار ۽ ٻيون اهم شيون انهن کي مهيا ڪيون وڃن ٿيون. نه صرف ضرورتون، پر شهرين کي تفريح ۽ ڪتب خانه مهيا ڪيا وڃن ٿا.

شهرين کي در تائين حڪومت پهچائي وڃي ٿي. نه صرف موجوده شهرين جي پيڙهي، پر انهن جي ايندڙ نسل لاءِ به سٺي حڪومت ۽ سٺي زندگيءَ جو بندوبست ڪيو وڃي ٿو. قانون جي حڪمراني جي ڪري سڀني شهرين لاءِ برابريءَ ۽ احساس ملندو رهي ٿو ۽ هر شهري کي مذهب، ٻولي ۽ جنس جي فرق کانسواءِ هڪ جهڙو انصاف ملي ٿو. حڪومتڪاري ۾ هر شهري سڌو يا اڻ سڌو طور شريڪ رهي ٿو ۽ ان جي سوچ ۽ صلاح جي اهميت جو خيال رکيو وڃي ٿو. سٺي حڪمرانيءَ جي ماحول ۾ عورت توڙي مرد يا ٻار جي تخليقي صلاحيتن کي همٿايو وڃي ٿو. شهرين جي روزگار ۽ مناسب آمدني جي لاءِ حڪومتي پاليسين تي عمل ڪيو وڃي ٿو. عورتن، اقليتن ۽ هيڻائپ وارن طبقن جي حقن جي مڪمل حفاظت ڪئي وڃي ٿي. معاشي اڻ برابريءَ کي گهٽايو وڃي ٿو. قدرتي آفتن، وڏي عمر، معذوري يا ٻئي ڪنهن سماجي، جسماني يا نفسياتي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومتي ادارا مدد ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار هوندا آهن.

سٺي حڪمراني سٺي سياست جي پيداوار آهي، جيترو به ڪنهن ملڪ يا سماج ۾ سٺو سياسي ڪلچر هوندو، سياسي جماعتون آئين تي دل سان عمل ڪنديون ۽ شهرين جي حقن ۽ خوشيءَ لاءِ ڪم ڪنديون ته يقينن ان ملڪ ۾ سٺي حڪمراني عمل ۾ ايندي. گلوبل هيپينيس رپورٽ جيڪا 2012 ۾ شايع ٿيڻ شروع ٿي آهي ان ۾ مٿيان ڏهه ملڪ جنهن ۾ فنلينڊ، سوئيٽزرلينڊ، سوئيڊن، ناروي، ڊينمارڪ، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ وغيره اچي وڃن ٿا. اتي جي بهتر سياسي ڪلچر ۽ سياسي نظام جي ذريعي بهترين حڪمراني قائم ڪيل آهي. هن وقت جيڪي به پوئتي پيل ملڪ آهن انهن کي گهرجي ته مٿين ملڪن جي بهترين حڪمراني جو اڀياس ڪن ۽ پنهنجن ملڪن ۾ انهن کي لاڳو ڪن. سٺي حڪمراني جيئن پهريان ئي ٻڌايو ويو آهي ته شهرين جو حق آهي ۽ سڄي سياسي نظام جو محور شهري آهن، ان ڪري شهرين جا حق، سلامتي ۽ خوشحالي سٺي حڪمرانيءَ جي ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿي. ان ڪري حڪمراني جو لاڳو ڪرڻ اتان جي سياسي اڳواڻن، سياسي نظام ۽ سياسي ڪلچر جو مکيه مقصد هوندو آهي.

حڪمراني سماج جي سياست جي پيداوار آهي جيڪڏهن صحيح سياسي ڪلچر هوندو ته حڪمراني به عوام کي فائدو ڏيندي، پر غلط سياست هوندي ته قدرتي طور ماڻهون خراب حڪمراني ۾ زندگي گذاريندا. توهان فنلينڊ، ناروي، ڊينمارڪ، جاپان، ڏکڻ ڪوريا، سينگاپور ۽ اولھ جي ترقي ڪيل ملڪن جي مقابلي ۾ ڏسندا ته پاڪستان، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جا ماڻهون غلط سياست هئڻ ڪري خراب حڪمراني جو شڪار آهن ۽ اتان جي ماڻهن جي زندگي جهنم کان گهٽ نه آهي.