بلاگنئون

ڇا سنڌ حڪومت مون سون جي موسم کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري ڪئي آهي؟

جڏهن کان بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت کي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ زور ڀريو آهي ته محسوس ايئن ٿئي پيو ته سنڌ جي ڪابينا پڻ انهيءَ ڳالهه تي غور ڪرڻ شروع ڪيو آهي. سنڌ جي وزيرن کي پنهنجي پارٽي چيئرمين جي ڳالهه کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ جي ضرورت آهي. هاڻي ڪجهه وزير صوبي اندر ٿيندڙ مسئلن جي نشاندهي ڪندي نظر اچن ٿا.
سعيد غني هجي يا ضياءُ الحسن لنجار بيانن جي حد تائين اسان کي سرگرم نظر اچن ٿا. سعيد غني جي چواڻي ته اسان کي خدشو آهي ته سنڌ ۾ هن سال به برسات گهڻي پوندي ۽ ٿي سگهي ٿو ته برساتي ٻوڏ جي حالت 2022ع جهڙي ٿي وڃي، جنهن جي ڪري لکين ماڻهو بي گهر ٿيا هئا. صوبي جو ڍانچو تباهه ٿيو هو ايستائين جو شهرن اندر پڻ برسات جي پاڻيءَ جو نيڪال نه ٿيڻ سبب تباهي آئي هئي. جيڪڏهن شروعات ڪراچي کان ڪريون ته اتي برساتي نالن تي ڪچيون آباديون ته پري جي ڳالهه، پر وڏيون وڏيون نالي واريون هائوسنگ سوسائٽيون ٺهي چڪيون آهن، گجر نالو هجي يا ملير ندي جيڪي برساتي پاڻي کي کڻي سمنڊ تائين پهچائين ٿا، انهن تي قبضن جي صورت ۾ پاڻي جو لنگهه بند ٿي ويو آهي جنهن جي ڪري ڪراچي شهر جا پوش علائقا پڻ گهڻي بارش پوڻ جي ڪري ٻڏن ٿا. سنڌ جي ٻهراڙي جون دانهون ڪنهن کي ڏيون جتي برساتي ۽ دريائي وهڪرن کي روڪي انهن جي پيٽ ۾ زراعت شروع ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ملوث سڀ وڏيرا اسيمبلين ۾ پڻ موجود آهن. اهي قدرتي وهڪرا جن ۾ سهڻي ڍورو، پراڻ ڍورو، حمل ڍنڍ کان وٺي منڇر ڍنڍ تائين قدرتي وهڪرا ۽ ڪچي اندر ڏسجي ته انهن زميندارن جو ڪيٽيون، ڪيٽين اندر باغ جنهن جي ڪري درياهه کي وهڻ ۾ رخنو پوي ٿو ته پوءِ بارشن جو ۽ ٻوڏ جو پاڻي تباهي آڻڻ کانسواءِ ڇا ڪندو؟ اهڙي قسم جو هڪ ٻيو بيان وزير داخلا ضياءُ الحسن لنجار ڏنو آهي جنهن ۾ موصوف فرمائي ٿو ته گذريل پنجن سالن جي دوران سنڌ اندر جنسي تشدد ۽ اجتماعي لڄالٽ جا لڳ ڀڳ اڍائي هزار واقعا رپورٽ ٿيا آهن. اسين سمجهون ٿا ته انهن واقعن جو انگ انهيءَ کان وڌيڪ آهي، پر جيڪڏهن وزير داخلا جي ڳالهه مڃون تڏهن به انگ خطرناڪ آهي. وزير داخلا اهو نه ٻڌايو ته انهن واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي سزا آئي يا نه؟ سزا نه آئي ته ان جو ذميوار ڪير آهي؟ ڇا صرف بيان ڏيڻ سان سنڌ حڪومت ۽ ان جا وزير پنهنجين ذميوارين کان آجا ٿي ويندا؟ بلڪل به نه. وزيرن جو ڪم صرف بيان بيازي نه آهي، انهن جو ڪم مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ عوام کي آسانيون ڏيڻ آهي. جيڪڏهن ڪو ڏوهاري ڏوهه ڪري ٿو ته انهيءَ کي قانون کان جوڳي سزا ڏيارڻ ڪم حڪومت جو آهي. بيان بازي ڪرڻ، شڪايتون ڪرڻ، آواز بلند ڪرڻ جو ڪم عوام ۽ ميڊيا ڪري رهي آهي.
اسان جو حڪومت کان پرزور مطالبو آهي ته برساتي ٻوڏ جي خدشن سبب قدرتي وهڪرن کي قبضن کان آجو ڪرايو وڃي اهي وهڪرا شهر اندر هجن يا ٻهراڙين اندر ۽ انهن تي قبضاگير ڀلي ڪيترا به طاقتور هجن، اهو به مطالبو آهي ته اجتماعي لڄالٽ جي واقعن ۾ ملوث ملزمن کي سزائون اچڻ گهرجن. جيڪڏهن ائين نه ٿيندو ته پوءِ اهي عادي ڏوهاري سماج جي ڪمزور طبقي جنهن ۾ عورتون ۽ ننڍا ٻار اچي وڃن ٿا، انهن سان اهڙي قسم جون وارتائون ڪرڻ ۾ نه ڪيٻائيندا. معاشري ۾ اها خراب روش ايتري وڌي وئي آهي جو هاڻي ته يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ ويٺل استاد، يونيورسٽين جا وي سي، وڏا وڏا آفيسر پڻ اهڙن ڪڌن ڪمن ۾ ملوث آهن ۽ انهن تي وڏا الزام لڳي رهيا آهن. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي وي سي جو مثال اسان جي سامهون آهي. سبب صرف هڪ ئي آهي ته انهن کي قانون جو خوف ئي نه آهي. هاڻي جيڪڏهن حڪومت ۾ ويٺل وزير سمجهن ٿا ته اهڙي قسم جي ڏوهن کي روڪجي جنهن ۾ قدرتي وسيلن تي قبضا ۽ معاشري ۾ وڌندڙ جنسي بي راهه روي شامل آهي ته پوءِ هڪدم قانون کي عمل ۾ آڻي حڪومت جي طاقت سان انهن واقعن کي روڪيو وڃي، جيڪا عوام جي به گهر آهي، ميڊيا جي به گهر آهي ۽ هاڻي ته بلاول ڀٽو زرداري جي به گهر آهي.