حڪومت جي اهليت جي خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن ان کي عوام جي اهنجن جو احساس هجي، انهن جو علاج هجي، عوام جي دلين تائين رسائي هجي ۽ عوام جي دلين تي راڄ ڪري. انهيءَ معيار تي پرکجي ته ڇا اسين چئي سگهون ٿا ته سنڌ ۾ اهل حڪومت موجود آهي؟ ٻه سال پهرين برساتي ٻوڏن سبب سنڌ اندر جيڪا تباهي آئي، جنهن جي ڪري شهرن جا شهر برساتي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا. خيرپور ناٿن شاهه ان جو زنده مثال آهي، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، اهي ماڻهو اڃان تائين حڪومتي دعويٰ ڪرڻ کانپوءِ به آباد نه ٿي سگهيا آهن.
هن وقت موسمياتي کاتي طرفان ٻڌايو ٿو وڃي ته مون سون جي موسم ۾ وڌيڪ برساتون پوڻ جو امڪان آهي. ڇا سنڌ حڪومت ان ايندڙ چئلينج لاءِ تياري مڪمل ڪئي آهي؟ عملن اسان کي نظر نٿو اچي. هڪ ڏينهن پهرين گهوٽڪي، سکر، خيرپور، شڪارپور ۾ برسات پئي آهي، بارش جو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي. سبب اهو آهي ته بجلي نه هئڻ سبب پاڻي نيڪال ڪرڻ واريون موٽرون بند هيون، برسات جي پاڻيءَ جو نيڪال ٿي نه سگهيو، پوءِ جنريٽر ڪيڏانهن ويا انهن جو ڊيزل ته بجيٽ ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو ۽ جڏهن برسات جو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي ٿو پوي ته ان جي نيڪال لاءِ ڪو جوڳو بندوبست نه هجڻ جي ڪري ماڻهن جي ملڪيتن کي نقصان پهچي ٿو، گهر هجن يا دڪان ڊهي پون ٿا. هاڻي جڏهن گهڻين بارشن جي امڪان جي خبر پئجي وئي آهي ته سنڌ سرڪار پنهنجي اهليت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڻي ٿي، اهو ڏسڻو پوندو؟ شهر هجن يا ڳوٺ ۽ ٻهراڙيون اسان کي نيڪال جو مناسب انتظام نظر نٿو اچي. شهرن ۾ موجود برساتي نالا قبضاگير ماڻهن جي ور چڙهي ويا آهن، انهن کي آجو ڪرائڻ به حڪومت جو ڪم آهي. وري جڏهن برسات جي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ مختلف نالا ٺهن ٿا ته انهن جو ڪم هڪ ته ناقص ٿئي ٿو ٻيو ان ۾ ايترو ٽائيم لڳي ٿو وڃي جو مٿان ٻيون برساتون اچي وڃن ٿيون. اسين جڏهن به سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد طرف نظر ڦيرائيندا آهيون ته اسان کي مختلف روڊن تي ڪم ٿيندي نظر ايندا آهن، پر مڪمل ٿيڻ ۾ انهن منصوبن کي سالن جا سال لڳي ويندا آهن، اهڙو منظر اسان کي حيدرآباد جي مهانگي ۽ مصروف روڊ آٽوڀان تي پڻ نظر اچي رهيو آهي، جتي گذريل ڪيتري ئي وقت کان برساتي نالو ٺهي رهيو آهي، جنهن جي ڪري روڊ جي حالت تمام گهڻي خراب ٿي چڪي آهي، پر حڪومت کي نه روڊ جي مرمت ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي ۽ نه ئي برساتي نالي کي وقت سر تعمير ڪرڻ جي. آٽوڀان تي هلندڙ عوام کي خبر آهي ته اهي ڪيتري تڪليف سان انهيءَ روڊ تي پنهنجي ڪار ۽ موٽرسائيڪل کي هلائي رهيا آهن. اهڙي حالت شهر جي سڀني روڊن جي آهي. اسان کي اهي کوٽيل ته نظر اچن ٿا، پر ٺهيل نظر نٿا اچن. شايد آفيسر انهيءَ انتظار ۾ آهن ته بارشون پون ته پوءِ اسان ڪاغذن ۾ روڊ مڪمل ڏيکاري چئي سگهون ته بارشن کان پهرين روڊ تيار ٿي چڪو هو، پر بارشن ۾ روڊ لڙهي ويو، جيئن سکر بئراج جو دروازو نمبر 47 لڙهي ويو آهي. انهيءَ اهليت سان سنڌ حڪومت صوبي تي ته راڄ ڪري سگهي ٿي، پر عوام جي دلين تي راڄ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندي، پر حڪومت ۾ ويٺل نمائندن کي انهيءَ ڳالهه جي ڳڻتي نه آهي ته سندن ڪم عوام جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي، انهن کي ڳڻتي آهي ته صرف پنهنجن فائدن جي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن برساتون پون ٿيون ته برساتي پاڻيءَ جي نيڪال نه هئڻ سبب روڊ پاڻيءَ سان ڀرجي وڃن ٿا، عوام کي جڏهن مجبوري ۾ ٻاهر نڪرڻو پوي ٿو، پوءِ انهن تلاءُ نما روڊن تان گذري حڪومت کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندا رهن ٿا.
هاڻي به وقت ويو ناهي بلدياتي حڪومت جنهن وٽ هن وقت اربين رپين جو فنڊ موجود آهي، اها اڳواٽ سڀئي اپاءُ وٺي جنهن جي ڪري برساتن جو پاڻي جلد کان جلد شهرن مان ۽ ڳوٺن مان نيڪال ڪري سگهجي. جيڪڏهن جنريٽر ٺيڪ نه آهن ته بجاءِ ان کي برسات وسندي صحيح ڪرائڻ جي پهرين ٺيڪ ڪرائي وٺو، ڪري ته سگهو ٿا اگر ڪرڻ چاهيو ته.