ايڊيٽوريلنئون

برطانيه جي ڪيترين ئي يونيورسٽين پاڪستان ۽ بنگلاديش جي شاگردن لاءِ داخلا پاليسي سخت ڪري ڇڏي

برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز جي رپورٽ مطابق گهٽ ۾ گهٽ 9 اعليٰ تعليمي ادارن پاڪستان ۽ بنگلاديش جي شاگردن کي ويزا لاءِ هاءِ رسڪ ڪئٽيگري ۾ رکي پنهنجي داخلا پاليسين کي سخت ڪري ڇڏيو آهي. فنانشل ٽائمز جي رپورٽ ۾ ان ڳالهه جو ذڪر ڪيل آهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي شاگردن جي ويزا جي سختيءَ جو هڪ اهم سبب پناهه جون درخواستون پڻ آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن مان شاگردن پاران ويزا سان گڏ پناهه جي درخواست به ڏني وئي آهي. جن برطانوي وزيرن جا ڪن کڙا ڪري ڇڏيا ۽ انهن يونيورسٽين کي سخت پاليسين اختيار ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا آهن. ان کانسواءِ برطانيه جي هوم آفيس يونيورسٽين لاءِ ويزا رد ڪرڻ جي وڌ ۾ وڌ شرح 10 سيڪڙو مان گهٽائي 5 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي. جيڪي يونيورسٽيون 5 سيڪڙو جي حد کان مٿي وينديون انهن کي بين الاقوامي شاگردن کي اسپانسر وڃائڻ يا پابندين کي منهن ڏيڻ جو خطرو آهي. هن وقت گهٽ ۾ گهٽ 9 يونيورسٽين انهن ٻن ملڪن کي هاءِ رسڪ واري ذمري ۾ رکيو آهي. سيپٽمبر 2025 تائين پاڪستاني ۽ بنگلاديشي شاگردن جي ويزا رد ٿيڻ جي شرح تمام گهٽ هئي، جيڪا هاڻي 18 کان 22 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.

هن وقت ان ڳالهه جو خطرو آهي ته سٺو تعليمي رڪارڊ رکندڙ پاڪستاني شاگرد به آسانيءَ سان برطانوي يونيورسٽين ۾ داخلا حاصل نه ڪري سگهندا. مستقبل ۾ شايد شاگردن لاءِ پاليسين کي سخت ڪري مالي سختيون وڌائي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. اهڙي صورت ۾ اهي شاگرد جيڪي برطانيه ۾ پڙهڻ جا خواهشمند آهن انهن کي مجبور ٿي ٻين ملڪن جو رخ ڪرڻو پوندو. ٻئي پاسي برطانوي يونيورسٽين جي لاءِ به هڪ سخت دٻاءُ آهي، ڇو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش کان هر سال ڪيترائي شاگرد اتي داخلائون وٺن ٿا، جنهن سان يونيورسٽين کي مالي فائدو پهچي ٿو. هاڻي انهن کي به مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پوندو. اها هڪ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته هي پابنديون صرف انهن شاگردن جي لاءِ آهن جيڪي برطانيه ۾ نئين شاگرد جي حيثيت سان ڪنهن به يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ درخواست ڏيندا. جڏهن ته اڳ ۾ ئي پڙهندڙ شاگرد جيڪي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهي رهيا آهن، اهي هن نئين پاليسي کان متاثر نه ٿيندا. جيستائين اهي پنهنجن ڪورسن جي پڄاڻي ڪري اتان فارغ ٿين. اها به هڪ خوش آئند ڳالهه آهي ته هن پابنديءَ جو مقصد اهو هرگز نه آهي ته هاڻي پاڪستان يا بنگلاديش جا شاگرد مڪمل طور تي برطانيه ۾ داخل نه ٿي سگهندا، ڪجهه يونيورسٽيون جيڪڏهن شاگردن جا ويزا رد ڪنديون ته ڪجهه يونيورسٽيون تمام محدود ويزا جاري به ڪنديون. جيڪو شاگردن جي لاءِ يقينن هڪ ڏکي صورتحال پيدا ڪندو. ڇو ته هاڻي شاگردن جي لاءِ مقابلو سخت ٿي ويندو ۽ مالي طور تي به انهن کي وڌيڪ مستحڪم هجڻ جي ضرورت هوندي.

پاڪستان جي حڪومت کي گهرجي ته برطانيه سان سفارتي رابطا ۽ ڳالهيون ڪري ان صورتحال بابت ڪو حل ڳولهي ڪڍي. ڇو ته رياستي سطح تي انهن شين جو حل ڪڍڻ ممڪن آهي. جيڪڏهن پاڪستان جي حڪومت برطانوي حڪومت کي بلڪل صاف ۽ سٿريون درخواستون جيڪي شاگرد واقعي ميرٽ تي اچن ٿا انهن درخواستن موڪلڻ جي سفارش ڪندو ۽ اهي شاگرد جيڪي اتي پناهه وٺڻ جا خواهشمند به نه هوندا ته اهڙن شاگردن جي لاءِ حڪومتي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي. اها هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال ضرور آهي، پر پريشان يا نااميد ٿيڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. اهو هڪ انتظامي مسئلو آهي، جيڪو سفارتي ڳالهين ٻولهين سان حل ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن نه ته پوءِ اسان جا شاگرد ڪئناڊا، آسٽريليا، جرمني يا ٻين يورپي ملڪن ڏانهن به پڙهڻ جي لاءِ وڃي سگهن ٿا.