نئون

آصف زرداري پاران هر گهر کي هڪ سرڪاري نوڪري ڏيڻ جو اعلان

جولاءِ ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ هر گهر کي سرڪاري نوڪري ڏينداسين. نوابشاهه ۾ زرداري هائوس تي مهمانن سان ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته پيپلز پارٽي وڌ کان وڌ نوڪري جا ذريعا پيدا ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته زراعت ملڪ لاءِ ڪرنگهي جي هڏي آهي ان کي هٿي ڏيارڻ لاءِ به اسان ڪوششون ڪنداسين. هن وقت سڄي ملڪ کي پاڻي جي بحران جو مسئلو سامهون آهي ان ڪري ملڪ ۾ ڊيم به ٺهڻ گهرجن ته جيئن پاڻي کي محفوظ طريقي سان بچائي ۽ استعمال ڪري سگهجي. آصف زرداري مسلم ليگ تي تنقيد ڪندي چيو ته ان سڄي ملڪ ۾ وڏا مسئلا پيدا ڪيا آهن. هن چيو ته هر مهيني ملڪ اندر پيٽرول جي قيمت ۾ اضافو ڪري عوام مٿان وڌيڪ بار وڌو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ايندڙ حڪومت ۾ نوابشاهه مان شگر ملون ۽ ٻيون انڊسٽريون منتقل ڪرائينداسين. هتان جي ڪم ايندڙ بجلي ڪچري جي ري سائيڪلنگ مان تيار ڪرائينداسين ۽ اسان جو وڌيڪ ڌيان هتان جي تعليم، آمد و رفت ۽ پيداوار تي هوندو ته جيئن اسان هن شهر کي هڪ ماڊل شهر بڻائي سگهون. واضح رهي ته عمران خان به ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي بعد هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن بعد وضاحت ڏيندي پي ٽي آءِ جي اڳواڻ اسد عمر چيو هو ته سڀ نوڪريون سرڪاري نه هونديون پر صنعتي ترقي ڏياري اهڙا ذريعا پيدا ڪيا ويندا، جنهن کانپوءِ پ پ پاران هن کي هڪ خواب قرار ڏنو ويو هو. هاڻي زرداري صاحب چيو آهي ته ملڪ جي هر خاندان کي هڪ نوڪري جو مطلب جيڪڏهن هڪ خاندان ۾ 20 ماڻهون به ڳڻيون ته پوري ملڪ اندر هڪ ڪروڙ گهر ٿي ويندا ۽ اهڙي هڪ ڪروڙ کان به وڌيڪ نوڪرين جي آسري کي عوام ڇا سمجهي.