گوگل جو نئون پروگرام ڪمپيوٽر ذريعي مريض جي موت جي اڳڪٿي ڪندي

گوگل پاران هڪ نئين ايپليڪيشن متعارف ڪرائي وئي آهي جنهن ذريعي ڪنهن به انسان جي موت جي 95 سيڪڙو صحيح اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي. گوگل پاران مختلف سهولتون ڏنيون ويون آهن جنهن ۾ اي ميل سروس کان وٺي سڄي دنيا جي گهٽي گهٽي جي تصويرن سميت نقشو شامل آهي ۽ هاڻي اهڙي ايپ ايجاد ڪئي وئي آهي جيڪا موت جي اڳڪٿي به ڪري سگهندي. گوگل جي ميڊيڪل برين ٽيم پاران هڪ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي الگور شهر ذريعي ان ڳالهه کي ممڪن بڻايو آهي ته اهو موت جي اڳڪٿي به ڪري سگهي ٿو. هن قسم جي پروگرام کي ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ ٻن مختلف اسپتالن ۾ آزمايو ويو آهي جتي ان پاران 93 کان 95 سيڪڙو صحيح اڳڪٿي ڪئي وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *