درسي ڪتابن ۾ مذهبي هم آهنگي جو مواد هجڻ گهرجي: انساني حقن جو قومي ادارو

انساني حقن جي قومي اداري پاران چيو ويو آهي ته ملڪ اندر اسڪولن جي درسي ڪتابن ۾ مذهبي هم آهنگي جو مواد هجڻ گهرجي جنهن سان ملڪ جي ماڻهن وچ ۾ سٺو لاڳاپو رکڻ ۾ مدد ملي سگهندي. اداري پاران پڌري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فرقه پرستي، نفرت انگيز ڳالهين ۽ اقليت خلاف ٿيندڙ نا انصافين بابت قانون سازي به ٿيڻ گهرجي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته رياست کي نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرائڻ گهرجي ته جيئن مذهبي انتها پسندي ختم ٿي سگهي، اقليت جي حفاظت ٿي سگهي ۽ اهڙن عنصرن کي روڪيو وڃي جيڪي فرقه پرستي وڌائي رهيا آهن. ان موقعي تي اداري جي چيئرمين ٻڌايو ته ڪوئيٽا ۾ هزارا ڪميونٽي کي ديوار سان لڳايو ويو آهي، ڪيترائي دفعا هزارا ڪميونٽي تي حملا ڪيا ويا آهن جيڪي پنهنجي اباڻي ڳوٺ وڃي رهيا هئا. ڪوئيٽا ۾ هزارا ڪميونٽي جا ماڻهو پنهنجا دڪان بند ڪري رهيا آهن، هاڻي ته اهي ملڪ ڇڏڻ جو به سوچي رهيا آهن. ملڪ اندر هزارا ڪميونٽي جو تعداد 4 کان 5 لک آهي جنهن مان هڪ وڏو تعداد آسٽريليا لڏي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئين مطابق اقليت سان گڏجي هلڻ جو ماحول جوڙيو وڃي ان سان گڏ اقليتن جي زندگين جي بچاءُ لاءِ قانون سازي پڻ ڪئي وڃي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments