آمريڪي جنرل پاڪستان سان جنگ جي امڪان کي خارج ڪري ڇڏيو
آمريڪا جي هڪ فوجي جنرل ڪينيٿ مڪينزي چيو آهي ته پاڪستان تي فوجي حملي جو ڪوبه امڪان نه آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ويڇا هجڻ باوجود افغانستان ۾ ڪاميابي لاءِ پاڪستان جو سهڪار لازمي آهي. ساڳئي وقت آمريڪا جي دفاع واري اداري پينٽاگون جي عيوضي چيو ته پاڪستان کي دهشتگردن خلاف ڪاررواين ۾ آمريڪا جو سهڪار ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جاگرافيائي طور تي هڪ اهڙي هنڌ موجود آهي جتي هن جي سهڪار جي خاص ضرورت آهي. واضح رهي ته وائٽ هائوس طرفان هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان کي پاڪستان اندر ۽ ٻاهر دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملي جي اجازت مليل آهي، جنهن بابت هڪ سوال ۾ پاڪستان جي دفاع واري وزير خرم دستگير چيو ته اها اسٽيٽمينٽ تمام پريشان ڪندڙ آهي. پاڪستان هڪ خود مختيار ملڪ آهي جنهن بابت اهڙي قسم جو بيان ڏيڻ مهل آمريڪا کي پاڪستان سان ڳالهائڻ گهرجي، جنهن بابت جنرل ڪينيٿ مڪينزي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ان اسٽيٽمينٽ کي پاڪستاني ميڊيا غلط انداز ۾ بيان ڪيو آهي.

