خاصنئون

سرڪيولر ريلوي ٽريڪ تي 24 انڊر پاس ۽ فلائي اوور ٺاهيا ويندا

چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي سرڪيولر ريلوي جي جائزي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ محمد وسيم، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سلمان طالب الدين، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ غلام عباس، ڊي ايس ريلوي انصار احمد ميمڻ، ڊي جي ايس بي سي اي سميت ڪي يو ٽي سي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سرڪيولر ريلوي جي ٽريڪ تي مختلف جاين تي روڊ ٺاهيا ويا آهن، هاڻي ٽريڪ کي ڪليئر ڪرڻ لاءِ 24 انڊر پاس ۽ فلائي اوورز ٺاهيا ويندا. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ انڊر پاس ۽ فلائي اوور ٺاهڻ لاءِ سروي ڪاميٽي جوڙي ڇڏي ۽ ڪاميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته 20 مارچ تائين ٽريڪ جو سروي ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ريلوي رائيٽ آف وي جي ٻنهي طرفن ريلوي جي زمين جي فينسنگ ڪئي وڃي. سيڪريٽري ٽرانسپورٽ کي هدايت ڪئي وئي ته فينسنگ لاءِ ٽن ڏينهن ۾ ٽينڊر جاري ڪيو وڃي ۽ ريلوي ڪليئر زمين جي رپورٽ ٽرانسپورٽ کاتي کي ڏي ته جيئن اتي فينسنگ جو ڪم شروع ڪيو وڃي