حيدرآباد جي سائيٽ واري علائقي ۾ فليٽ کي باهه، هڪ عورت ۽ چار ڌيئرون سڙي فوت

حيدرآباد جي سائيٽ واري علائقي ۾ هڪ فليٽ کي باهه، زخمي ناري سول اسپتال ۾ فوت، انگ 5 ٿي ويو. فوتين ۾ عورت ۽ سندس چار ڌيئرون شامل. پوليس موجب سائيٽ واري علائقي ۾ باهه سبب ليبر اسڪوائر فليٽ ۾ بيواهه عورت 59 سالن جي جنت بيبي قمبراڻي سندس ڌيئرون 24 سالن جي شبنم، 22 سالن جي نيها ۽ 8 سالن جي اسما فوت ٿي ويون. سندس هڪ ڌيءَ 26 سالن جي ريشم زخمي ٿي پئي جيڪا سول اسپتال ۾ فوت ٿي وئي. باهه جو سبب معلوم ٿي نه سگهيو آهي. لاشن کي اسپتال پهچايو ويو آهي
