نئون

اليڪشن ڪميشن هڪ ڪروڙ ويهه لک عورت ووٽرن جي رجسٽريشن جي مهم شروع ڪري ڇڏي

اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرز جي وچ ۾ فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪروڙ ويهه لک عورتن جي رجسٽريشن ڪرڻ لاءِ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. ملڪ ۾ جيئن ته اڌ آبادي عورتن جي آهي تنهن هوندي به مرد ووٽرن جو تعداد 5 ڪروڙ 46 لک (56 سيڪڙو) آهي ۽ عورتن جي تعداد 4 ڪروڙ 24 لک آهي، جنهن کي هاڻي ايندڙ اليڪشن کان اڳ برابر ڪرڻ لاءِ هي مهم شروع ڪئي وئي آهي. هن مهم ۾ سول سوسائٽي به نادرا جو ساٿ ڏيندي. هن تقريب جي موقعي تي خطاب ڪندي اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين جسٽس سردار محمد رضا چيو ته اليڪشن آزاد ۽ صاف شفاف تڏهن ئي ٿي سگهن ٿيون جڏهن مرد ۽ عورت ٻنهي کي ان ۾ حصو وٺڻ لاءِ برابر جو موقعو مليل هجي. هن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ جڏهن عورتن جي آبادي ته اڌ هجي پر انهن وٽ شناختي ڪارڊ ئي پورا نه هجن ته پوءِ اهي اليڪشن ۾ حصو ڪيئن ٿيون وٺي سگهن. هن مهم جي دوران 79 ضلعن ۾ عورتن جا شناختي ڪارڊ ٺهرايا ويندا.