هيپي برٿ ڊي ٽو يو “SMS”

اڄ SMS سروس جي 25 هين سالگره آهي. هي هڪ اهڙي سروس آهي جنهن جي بغير ته ڄڻ زندگي مڪمل ئي نه هجي. دنيا جو پهريون SMS 5 ڊسمبر 1992ع جي ڏينهن موڪليو ويو هو، جنهن ۾ ڪرسمس مبارڪ ٽائپ ڪيو ويو هو. اهو SMS برطانيه جي هڪ ٽيليڪام ڪمپني سيما گروپ جي 22 سالن جي ملازم نيل پاپورٽ پنهنجي ڪمپني جي ڊائريڪٽر کي موڪليو هو. نيل پاپورٽ اهو مئسيج ڪمپيوٽر وسيلي موڪليو هو جيڪو ان جي ڪمپني ڊائريڪٽر کي ان جي موبائل سيٽ Oriental 901 تي مليو هو.

 

پهريون SMS ته نيل پاپورٽ موڪليو هو پر ان جو خيال 1984ع ۾ ميٽي ميسڪوشن هڪ ٽيلي ڪام ڪانفرنس  دوران ڏنو هو. جنهن کي حقيقت ۾ اچڻ لاءِ 8 سال انتظار ڪرڻو پيو هو، سڀ کان پهريون ان SMS کي جي ايس ايم سيٽ تي موڪليو ويندو هو پوءِ نوڪيا پنهنجي سيٽن ۾ اها سروس متعارف ڪرائي. اڄڪلهه SMS موڪلڻ جي تعداد ڪافي وڌي چڪي اهي، جنهن جي ڪري ان جي هڪ مخصوص زبان به اچي ٺهي چڪي آهي. محلن رپورٽن مطابق دنيا ۾ هر روز 18.7 ارب SMS موڪليا ويندا آهن. جنهن ڪري خط لکڻ ۽ ميل ملاقات جو به رواج ختم ٿيندو پيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *