خاص

ڪدو هڪ صحت بخش ڀاڄي

اڄڪلهه جي دور ۾ جتي چڪن به غير محفوظ غذا هجي ۽ گوشت تمام مهانگو هجي اتي ڀاڄين جي طرف ڏسبو ته اهي کائڻ لاءِ بهترين غذا طور نظر اينديون. هن وقت مارڪيٽ ۾ ڪيتريون ئي ڀاڄيون موجود آهن جن ۾ ڪدو به هڪ تمام سٺي ڀاڄيءَ طور موجود آهي. هيءَ هڪ قديم ڀاڄي آهي جيڪا قبل مسيح کان کائڻ لاءِ استعمال ٿيندي اچي.

100 گرام ڪدو ۾ 96.1% نمي، 0.2% پروٽين، 0.1% چڪنائي، 0.6% ريشو، 0.5% معدنيات، 2.5% ڪاربو هائيڊريٽس، 100 ملي گرام فاسفورس، 0.7 ملي گرام فولاد ۽ 20 ملي گرام ڪيلشم موجود هوندو آهي.

ڪدو ول تي پيدا ٿيندڙ ڀاڄي آهي، ول تي پچي وڃڻ کانپوءِ ان کي استعمال ڪيو ويندو آهي. ان ڀاڄيءَ جا مختلف قسم ٿين ٿا ۽ مختلف سائز به ٿين ٿا. هن ڀاڄيءَ مان مختلف مٺائيون ۽ حلوه به تيار ڪيا ويندا آهن. هيءَ ڀاڄي هاءِ بلڊ پريشر جي مريضن لاءِ تمام سٺي شيءِ آهي. ان کان علاوه پيشاب جي مختلف مرضن ۾ به افاقو ڏيندڙ آهي. گرمين ۾ اڄ جي شدت کي گهٽائيندي آهي ۽ جسم جي گرميءَ کي به گهٽ ڪندي آهي.

هن ڀاڄيءَ کي مختلف طريقن سان تيار ڪري کائي سگهجي ٿو. گوشت جي ٻوڙ ۾ ملائي پچائي سگهجي ٿو. ان کانسواءِ ڪارن مرچن ۾ زيتون جي تيل ۾ هلڪي ڦلڪي ڀاڄي ٺاهي کائي سگهجي ٿي. ڪدوءَ جو رائتو به تمام صحت بخش ۽ لذيذ ٿيندو آهي.