لداخ ۾ چيني فوج ويڙهه دوران ڪرنل سميت 20 هندستاني سپاهي مارجي ويا، ڪيترائي لاپتا ٿي ويا
چيني فوج لداخ ۾ سرحدي ويڙهه دوران 20 فوجي مارجي ويا، جنهن ۾ هڪ انڊين ڪرنل پڻ شامل آهي. تفصيل موجب اهو واقعو هڪ اهڙي وقت تي پيش آيو آهي جڏهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تڪرار ڪيترن ئي هفتن کان سرحدن تي ڇانيل آهي ۽ ٻنهي طرفن کان سرحد تي اضافي فوج مقرر ڪئي وئي آهي. ٻن ايٽمي هٿياربند ملڪن جي وچ ۾ ساڍا ٽي هزار ڪلو ميٽر ڊگهي سرحد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لڳاتار تڪرار جو سبب رهي آهي. انڊين نيوز ايجنسي جي مطابق، پاڪ چين سرحد تي (لائين آف ايڪچوئل ڪنٽرول) 45 سالن ۾ پهريون ڀيرو، چين جي پيپلز لبريشن آرمي هڪ ڪرنل سميت 20 فوجين کي ماري ڇڏيو.

