ٻارن تي تشدد جي خاتمي وارو بل، 2013ع کان پارليامينٽ ۾ رولڙي جو شڪار، انساني حقن واري وزارت عدالت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

انساني حقن واري وفاقي وزارت تعليمي ادارن ۾ ٻارن تي تشدد جي مخالفت ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته 2013ع ۾ پيش ڪيل بل هيستائين پارليامينٽ ۾ منظور نه ٿيو آهي. وزارت طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ تعليمي ادارن ۾ ٻارن تي تشدد خلاف ڪيس جي حوالي سان لکت ۾ جواب جمع ڪرايو ويو آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته انساني حقن واري وزارت تعليمي ادارن ۾ ٻارن تي تشدد جي حمايت نٿي ڪري ۽ ان جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. سال 2013ع ۾ پارليامينٽ ۾ بل پيش ڪيو ويو، پر اڃان تائين ٻنهي ايوانن مان منظور نه ٿي سگهيو آهي. جواب ۾ چيو ويو آهي ته انساني حقن واري وزارت ٻارن تي تشدد جي ازالي لاءِ بل تيار ڪيو آهي. اهو بل تعليمي ادارن سميت هر جاءِ تي ٻارن مٿان تشدد کي روڪي ٿو
