نئون

ملڪ اندر هر سال 148000 نوان ڪينسر جا مريض رجسٽر ٿين ٿا

آغا خان هاسپيٽل ڪراچي ۾ صحت جي باري ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ ماهرن چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر سال 148000 نوان ڪينسر جا مريض رجسٽر ٿي رهيا آهن. جنهن کي دنيا اندر ٿيندڙ نئين ريسرچ سان فائدو حاصل ٿي سگهي ٿو. هن ڪانفرنس ۾ 14 ملڪن جي ماهرن حصو ورتو. ماهرن چيو ته ريسرچ دوران دماغ جي ٽشو بابت وڌيڪ معلومات ملي آهي ته ڪجهه ٽيومرن وچ ۾ فرق  آهي. ان کان اڳ ان قسم جي ٽيومرن کي هڪ جهڙو سمجهيو ويندو هو. اهڙي قسم جي ريسرچ بعد بهتر علاج ڪرڻ ۾ آساني ٿي وئي آهي. هن قسم جي ريسرچ بعد علاج ٿيڻ سان مريض بهتر، صحتمند ۽ وڏي زندگي گذاري سگهندا.