نئون

صدر ممنون حسين پاران جولاءِ تي عام چونڊن جو اعلان

ملڪ جي صدر ممنون حسين 25 جولاءِ تي عام چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران صدر مملڪت کي چونڊن جي سمري ڏني وئي هئي جنهن کي صدر پاران قبول ڪيو ويو آهي. قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون گڏ ٿينديون. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن پاران صدر کان 25 ۽ 27 جولاءِ مان هڪ تاريخ چونڊڻ جو چيو ويو هو جنهن مان هن 25 تاريخ چونڊي. اها چونڊ اليڪشن ايڪٽ 2017 57 (1) تحت ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبلي جي مدت 31 مئي تي پوري ٿيندي. سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان اسيمبلين جو مدو 28 مئي سومر ڏينهن تي پورو ٿيندو. ياد رهي ته آئين جي آرٽيڪل 224 تحت قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ان جي مدت پوري ٿيڻ بعد 60 ڏينهن ۾ ٿيڻ لازمي آهن. جڏهن ته هن وقت تائين نگران وزيراعظم جو انتخاب ئي نه ٿي سگهيو آهي. ٻئي پاسي صرف خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير ۽ آپوزيشن جي ليڊر وچ ۾ عبوري وڏي وزير کي نالي لاءِ منظور آفريدي جي نالي تي اتفاق ٿي ويو آهي.