پروفائل آغا سليم

موهن جو ماڙهو

ساگر مشتاق

هڪ عظيم انسان هڪ ڪردار هڪ وڏو ماڻهون هڪ ڏاهو هڪ عالم هميشه اهڙي سماج ۾ ئي جنم وٺندو آهي جتي ڌرتيءَ جو ۽ ان تي رهندڙ قوم جو عام ماڻهن جو وجود خطري ۾ هجي. آزادي، خود مختياري، پنهنجي حقن تي مالڪيءَ جو حق جنهن قوم کان نسل درنسل کسيو ويندو هجي، جتي سوليون سجايون وينديون هجن، جتي دار ۽ صليب جوڙي ويندي هجي، جتي ڌرتي ٽامو ٿيندي هجي، جتي هر ماڻهون جي وجود تي خاموشي تاري ٿي پئي هجي، جتي ڪڇڻ واري کي ڪافر سمجهيو وڃي، جتي قانون جي اصول ۽ ضابطي جي عوامي راڄ جي جديد تقاضائن جي رئيت پسنديءَ جي ديس ڌرتي وطن جي وجود جي ڳالهه ڪرڻ واري کي چريو ۽ پاڳل سمجهيو وڃي، ديوانو ڪوٺيو وڃي، گمراهه چيو وڃي، اتي ئي ڪو انسان چر پر بڻجي لڇ پڇ بڻجي ڪوڪ ۽ دانهن بڻجي صدين جي ڊگهي چيخ بڻجي جنم وٺندو آهي، جيڪو جڳ جي جوڙيل ريتن رسمن رواجن ڪڌن عملن کي ٿڏي پنهنجا رستا گس ۽ منزلون طئي ڪندو آهي لطيف سائين چيو آهي ته:

جت لهوارو لوڪ وهي

تون اوچو وهه اوڀارو

تيئن اهو انسان اوڀر ڏانهن يعني ابتي تڙ ڏانهن وڃڻ بجاءِ سڌي رستي هلڻ شروع ڪندو آهي ٽيڙي اک سان هر ڳالهه هر فهم فڪر ۽ دنيا جي سماج جي چال بازين کي سمجهندو آهي ۽ انهن خلاف هڪ بغاوت هڪ احتجاج هڪ سچ بڻجي اٿي پوندو آهي.

خالد سليم جنهن کي آغا سليم طور سڃاتو وڃي ٿو، اهڙو ئي کرو چٽو ۽ سڌو ماڻهون هيو جنهن پنهنجي زندگيءَ جي آخري هڏڪيءَ تائين وطن جي ويڙهه ۽ ديس جي آزاديءَ جا اهڙا نعرا پنهنجي تحريرن ۾ سرجيا جيڪي نه صرف تاريخ آهن پر سندس عملي زندگيءَ جو اهو اهم حصو به آهن جنهن ۾ هو هڪ سورهيه وانگر ميدان جنگ ۾ لفظن جي جنگ وڙهندو رهيو. شڪارپور مان 8 اپريل 1935ع ۾ جنم وٺندڙ هن عظيم انسان جي زندگي مسلسل جدوجهد جو خاڪو رهي. هو جڏهن شاعر ٿي پنهنجا احساس ظاهر ڪندو هو ته هومر، ورڊس ورٿ، شيلي، ڪيٽس ۽ پابلو نيرودا جون سڪون لاهيندو هو. جڏهن ناول نگار جي نظر سان سماج جي عڪاسي ڪندو هو تڏهن هو جون ملٽن ۽ پائلو ڪوئلو جي پايي جو ليکاري محسوس ٿيندو هو. هن وٽ ڳالهه ڪرڻ ۽ ڳالهه رکڻ جو ڏانءُ هڪ آفاقي جزو هو جيڪو ڪنهن ڪنهن ماڻهون وٽ هوندو آهي، پنهنجي فڪر ۾ مستقل مزاجي ظاهر ڪرڻ پنهنجي ڏنل خيال سان ثابت قدم هجڻ سندس شخصيت جو هڪ اهڙو حصو آهي جيڪو نه وساري سگهجي ٿو نه ذهن تان اتاري سگهجي ٿو. جڏهن هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان جڳ کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو ڪم ڪندو هو تڏهن هو مختصر لفظن ۾ مختصر ڳالهه ۾ مختصر ڪهاڻي ۾ هڪ وڏو خيال سرجي ويهندو هو. اهڙو خيال جيڪو هڪ نظريو هڪ قانون هڪ اصول هڪ ضابطو لڳندو هو. آغا سليم جنهن جي واٽ سنڌُ هئي جنهن جو محور لطيف هو جنهن وٽ ايازي فڪر ۽ سوچ هئي اهو ماڻهون جڏهن وڇڙڻ لفظ ۾ آيو آهي تڏهن اياز جا لفظ ياد اچي ويا آهن ته:

ٻه لڙڪ آلا تڏهن به هوندا

متان چوين آجيان نه ٿيندي

هڪ اڻ لڀ ماڙهو املهه انسان مسلسل جستجو جو پرچارڪ، سائنسي ذهن جو مجموعو مطلب ته آغا سليم جي ڪردار تي لکندي ڪي ڪتاب کپن جيڪي سندس ڪم، عمل ۽ پيغام تي مشتمل هجن. هو نه صرف وڏو ماڙهو هو پر هو هڪ زنده دل انسان پڻ هو. هو هڪ بهادر هڪ سرمست هڪ ارڏو ۽ پٺتي نه هٽندڙ انقلابي سوچ جو قائل، پنهنجن چيل سمورن لفظ تي آخر تائين اٽل ۽ قائم رهندڙ جرئتمند انسان جيڪو سنڌُ کي موتين، هيرن ۽ لال جواهرن جهڙا ڪتاب ڏيئي ويو. سنڌي ادب جي ڪيل خدمتن، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌُ سان ڪيل محبت کي ڪنهن شاعره جي لفظن ۾ هيئن ظاهر ڪري سگهجي ٿو ته:

سچ ته هو!

ساجن اسان جي لئه وڏو!

هَئيِ ڇپر ۽ ڇانو هو!

ڄڻُ ڪو جوڀن ۾ اڇل سنڌوءَ سندو

ڀرجهلو ڪوئي ڪپر جو ڪانهن هو!

سندس ناول نگاري جي ڳالهه ڪندي جيڪڏهن هن جي هم اوست تي ڳالهائجي ته  آئون سمجهان ٿو هو هڪ دستاويز، هڪ تاريخ ۽ هڪ سبق آهي جنهن ۾ سمايل سموريون ڳالهيون سمورو فڪر سنڌُ جي نوجوان نسل کي ڪنهن ابتي تڙ وڃڻ کان نه صرف روڪي سگهي ٿو پر سڌي راهه تي به آڻي سگهي ٿو. کين سهي منزل طرف ويندڙ دڳ تي عمل پيرا به ڪري سگهي ٿو. آغا سليم جي حياتي اڻ تڻ جو جستجو جو ۽ پنهنجو پاڻ مان هڪ طاقتور انسان کي ڳولڻ جو مثال آهي. سندس ڪيل پنڌ ۽ سانجهيءَ ويلي ڇڏيل پيرا سنڌُ جي نئين نسل عقل ڏاهپ ۽ سياڻپ سان کنيا ته پنهنجي ڌرتيءَ جو فرض ۽ ڇڏيل قرض به پورو ڪري ويندا ۽ وڃي ماڳ کي رسندا لطيف چواڻي ته:

هلو ته هلئون ڪورئين جتي نينهن اڇل

نڪا جهل نه پل سڀڪا پسي پرينءَ کي!

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *