سنڌ جا مسئلا ايترا آهن جو انهن تي سوين ڪتاب لکجي سگهجن ٿا، پر ماحوليات جو مسئلو اهڙو مسئلو آهي جيڪو ڪنهن هڪ فرد، ذات، صنف ۽ عمر جي حد سان لاڳاپيل ناهي، اهو اسان سڀني انسانن، جانورن ۽ سڀني جاندارن جو گڏيل مسئلو آهي. انساني زندگيءَ جو دارومدار هوا، پاڻي ۽ روشنيءَ تي آهي. ساڳئي طرح اسان سان گڏوگڏ جيترا به جاندار نسل ڌرتيءَ تي رهن ٿا انهن کي به انهن ٽن شين جي اشد ضرورت آهي. اسان انسان جتي پنهنجي هٿن سان پنهنجي عظمت جا مينار کڙا ڪيا آهن اتي وري ڪيتريون ئي بيوقوفيون به ڪري رهيا آهيون. خيرپور ۾ ٻيلي کاتي جا وڻ ڪٽي وڪرو ڪرڻ ايئن ئي آهي، جيئن ڪو ماڻهو جنهن وڻ جي شاخ مٿان ويٺو هجي ان کي ڪهاڙيءَ سان وڍيندو هجي. اها انساني لالچ “ڌرتيءَ جا ڦڦڙ” (ٻيلا) ڌرتيءَ تان گهٽائي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسان هڪ شديد ماحولياتي تبديليءَ جو شڪار آهيون. جيئن ڦڦڙ آڪسيجن ڏين ٿا ۽ زهريلو مادو ٻاهر ڪڍن ٿا تيئن ٻيلا به ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪن ٿا ۽ اسان سوڌو سڀني جانورن کي آڪسيجن فراهم ڪن ٿا.
سنڌ جي ڪل زمين لڳ ڀڳ 14 ملين هيڪٽر آهي، جنهن ۾ هن وقت صرف 2 کان 2.03 سيڪڙو زمين تي ٻيلا موجود آهن، لڳ ڀڳ 0.3 ملين هيڪٽر (ٽي لک هيڪٽر کان به گهٽ) اهو هڪ ڇرڪائيندڙ معيار آهي. عالمي معيار مطابق سنڌ جي ايراضيءَ ۾ تقريبن 25 سيڪڙو ٻيلا هجڻ گهرجن. پاڪستان جي پاليسي مطابق هدف 10 کان 12 سيڪڙو آهي. هن وقت ڏسجي ته سنڌ ۾ ٻيلن جي شرح انهن ٻنهي معيارن کان تمام گهٽ ايراضيءَ تي آهي. جنهن جو سبب ڪاٺ جو واپار ڪندڙ مافيا جنهن کي يقينن طاقتور ڌرين ۽ سياستدانن جي پٺڀرائي حاصل آهي، انهن جو ٻيلن مان حد کان وڌيڪ وڻن جي ڪٽائي، دريائي ٻيلن ۾ پاڻي نه ڇڏڻ، زرعي زمين جي واڌ، سياسي اثر، ٺيڪيداري نظام ۽ بحاليءَ جا منصوبا صرف ڪاغذن جي حد تائين هجڻ آهن. عام طور تي ماڻهن کي پنهنجن مسئلن جي خبر ئي نٿي پوي ته انهن سان ڇا ٿي رهيو آهي. عوام پنهنجن مسئلن ۾ ڦاٿل آهي ۽ ادارن ۾ ويٺل ماڻهو پنهنجو ڪم ڏاڍي مڪاريءَ سان ڪري عوام کي اهو نقصان پهچائي رهيا آهن، جنهن جي خبر ان کي عام طور تي پوي ئي نٿي. جڏهن ته ٻيلن جي هدف مطابق واڌ ويجهه سڀني جو اجتماعي مسئلو آهي. ڌرتيءَ جي ٻين مسئلن تي جيئن قوم گڏجي آواز اٿاري ٿي، ساڳئي طريقي سان ٻيلن جي تباهه ۽ برباد ٿيڻ تي به عوام کي گڏجي آواز اٿارڻ جي ضرورت آهي. ڪو وقت هو جڏهن سنڌ ۾ 6 لک هيڪٽر دريائي ٻيلا موجود هئا، اڄ اهي هڪ لک هيڪٽر کان به گهٽ رهجي ويا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ ٿر ۽ ڪڇ ۾ ريگستاني علائقي ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ٻوڏن جي شدت ۾ اضافو اچي رهيو آهي، سنڌ جي مختلف حصن ۾ گرمي پد غير معمولي طور وڌي ويو آهي، جهنگلي جيوت جو خاتمو ٿي رهيو آهي ۽ مقامي ماڻهن جو روزگار پنهنجن علائقن مان ختم ٿي رهيو آهي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته انهن علائقن ۾ رهندڙ صحافي به ان قسم جي ٿيندڙ نا انصافيءَ تي قلم نه کڻي رهيا آهن.
جنهن جو نتيجو آهي جو مافيائون ان قسم جي همت ڪن ٿيون. هن وقت اها سڄي صورتحال صرف مافيائن جي لالچ نه، پر انهن سرڪاري عملدارن جي لالچ جو به نتيجو آهي، جيڪي پنهنجن ادارن ۾ ويٺل ڌاڙيل بڻيل آهن ۽ انهن طاقتن سان انهن جا خاموش معاهدا ٿيل آهن، جيڪي ذاتي فائدن جي ڪري پنهنجي ڌرتيءَ کي نقصان پهچائي رهيا آهن. ان قسم جو رويو اسان جي سڄي قوم جو اخلاقي زوال ظاهر ڪري ٿو ته اسان ڪيڏي اهم ذميداريءَ کي ڪيتري نه ننڍڙي شيءِ جي عيوض وڪڻي رهيا آهيون. اهو سماجي ۽ اخلاقي بحران جو الميو ظاهر ڪري ٿو. ٻيلن جي ڪٽائي صرف ڪاٺ جي چوري نه، پر ٻيلن جي قانونن جي کلي ڀڃڪڙي آهي. ماحولياتي توازن سان راند کيڏي پئي وڃي جنهن جو نقصان اسان جي نسلن کي برداشت ڪرڻو پوندو. ڇو ته جڏهن ٻيلا پنهنجي هدف مطابق نه هوندا ته ايڪو سسٽم پنهنجو توازن وڃائي ويهندو، جيڪو اسان سڀني جي صحت، تندرستي ۽ خوشحاليءَ جي لاءِ ضروري آهي. جڏهن ته ٻيلي کاتي جو ڪم ٻيلن جي واڌ ويجهه ڪرڻ آهي، پر اهو پنهنجو ڪم ڪرڻ بجاءِ انهن کي نقصان پهچائي رهيو آهي. ايئن چئي سگهجي ٿو ته اسان جا چوڪيدار چوري ڪري رهيا آهن. هن وقت في الحال صوبائي وزير نوٽيس وٺي پنجن ملازمن کي معطل ڪيو آهي، پر چيو وڃي ٿو ته عملدارن بدران ننڍن ملازمن کي معطل ڪرڻ صرف نالي ماتر ڪارروائي ڪئي وئي آهي. اميد ٿي ڪجي ته ٻيلي کاتي کي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اڳيان گهرايو وڃي، ٻيلي کاتي جي سڀني آفيسرن کان وضاحت، رپورٽون ۽ رڪارڊ طلب ڪيو وڃي ۽ انهن جي ڪارڪردگي کي جاچيو وڃي. ڪاميٽي کي ڪنگري تعلقي وڃي ٻيلي جي جاچ ڪرڻ گهرجي ۽ فيڪٽ فائننگ ڪاميٽي ٺاهڻ جي سفارش ڪرڻ گهرجي. اينٽي ڪرپشن يا نيب کي ريفرنس موڪلڻ جي ضرورت هجي ته اهو قدم کڻڻ ۾ دير نه ڪجي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان ٻيلن جي اهميت کي سمجهون جيڪڏهن ڪو انسان پنهنجن ڦڦڙن کانسواءِ زنده رهڻ جو تصور نٿو ڪري سگهي ته ڇا هيءَ ڌرتي جنهن کي قدرت هڪ پورو نظام ڏئي پيدا ڪيو آهي اسان انسان ان کي مسلسل نقصان پهچائي خوشحالي ۽ صحت سان زنده رهي سگهون ٿا؟ اهو سوال طاقتورن کان ٺي ڪمزورن تائين سڀني کي سوچڻ جي لاءِ ڇڏجي ٿو.