بلاگنئون

شاگرد سياست جي اهميت

تحرير: انعام الله ڪانڌڙو

‎شاگرد مستقبل جا روشن ستارا ھوندا آهن، جتي ڏاڍ، جبر هجي اتي شاگرد انقلاب جي پهرين چڻگ ثابت ٿيندا آھن. تاريخ جي ورقن کي ورائي ڏسون ته انقلابي تحريڪن ۾ شاگردن جون صفون اول دستي جو ڪردار ادا ڪنديون آيون آھن. اسين سمجھون ٿا ته شاگرد سياست اُھو جز آهي، جنهن سان ايندڙ نسل کي بااختيار، باشعور ۽ ذميوار بڻائي سگهجي ٿو. اڄ جيڪڏهن شاگرد پنهنجي تعليمي ادارن اندر سماجي سياسي شعور سان ڀرپور حصو وٺن ته اُهي ايندڙ وقت  ۾ پنهنجي مستقبل جي لاءِ لاڀائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اسان کي سمجھڻو پوندو ته شاگرد سياست نه رڳو شاگردن لاءِ، پر پوري سماج لاءِ بيحد ضروري ۽ اڻٽر آهي. غير سياسي نسل جي حڪمرانيءَ جا نتيجا اسان جي اکين آڏو آھن ۽ جي پوءِ به اسان جون اکيون نٿيون کلن ته اھا مڪاري ۽ خود غرضي واري سرمائيدارڻي سياست جي وڏي فتح هوندي. ھا بلاشڪ اسان کي ماضيءَ جي غلطين کان سکڻو آهي ۽ نئين تعليم دوست سياست جا بنياد وجھڻا آھن، جتي ھر شاگرد لاءِ نصابي تعليم سان گڏوگڏ سياسي تعليم حاصل ڪرڻ لازمي ھجي ته جيئن هو جڏهن عملي دنيا ۾ پير پائين ته ڪنهن جو ھٿيار ٿيڻ بدران آزاد ۽ خود مختيار باشعور انسان ھجن ۽ سندن دلين ۾ ذاتي ترقي سان گڏ ديس ۽ انسانيت جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ جو جذبو موجود ھجي. وٽن ھڪ درد مند دل ۽ اجتماعي چڱائي لاءِ سوچيندڙ ذهن ھجي، فقط تڏهن ئي ھڪ اھڙي انسان جي تخليق ٿئي ٿي، جنھن جو مقام پنھنجي ۽ دنيا جي نظرن ۾ بلند رھي ٿو. بلند ۽ بااصول انسان ۽ سماج جي تخليق ۽ تعمير لاءِ شاگرد سياست ۽ سياسي تعليم ۽ جدوجهد اسان جي سماج جي اڻٽر ضرورت آهي.

‎شاگردَ ڪنهن به سماج ۾ تبديلين جا علمبردار ۽ مستقبل جا معمار هوندا آهن. تاريخ جي ورقن کي ورائي ڏسون ته هر تحريڪ، هر انقلاب ۽ هر تبديليءَ جي شروعات شاگردن جي صفن مان ٿي آهي. شاگرد سياست جو مقصد رڳو سياسي پارٽين جو حصو ٿيڻ نه، پر سچ، سوال، سوچ ۽ شعور جو سفر اختيار ڪرڻ آهي. اھڙي طريقي سان سياست شاگرد کي نه صرف معاشرتي مسئلن جي سڃاڻپ سيکاري ٿي، پر انهن جو حل ڳولهڻ لاءِ سوچڻ ۽ آواز بلند ڪرڻ جو حوصلو به ڏئي ٿي. اڄ جو شاگرد بيروزگاري، مهانگائي، تعليمي زوال، نشي ۽ سماجي نابرابريءَ جهڙين مشڪلاتن جو شڪار آهي. انهن مسئلن خلاف شعور، تنظيم ۽ جدوجهد جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي. اها ضرورت فقط تعليم سان گڏوگڏ سياسي سجاڳي سان پوري ٿي سگهي ٿي. اسين سمجھون ٿا ته شاگرد سياست اُھو جز آهي، جنهن سان ايندڙ نسل کي بااختيار، باشعور ۽ ذميوار بڻائي سگهجي ٿو. اڄ جيڪڏهن شاگرد پنهنجي تعليمي ادارن اندر سماجي ۽ سياسي شعور جو مظاهرو ڪندي اڳتي اچن ته اُهو ايندڙ وقت ۾ نه رڳو بهتر فيصلا ڪرڻ جي سگهه رکندو، پر بهتر سماج جي تعمير ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو. ‎ان جي لاءِ اسان شاگردن کي محنت ڪرڻي پوندي شاگرد يونين تي پابندي ختم ڪرائڻ لاءِ گڏجي پنهنجو آواز بلند ڪرڻو پوندو. شاگردن سان يونيورسٽيءَ ۾ في جا مسئلا، هاسٽلن جا مسئلا ۽ ٻيا ڪيترائي انتظامي ۽ تعليمي مسئلا هلندا رهن ٿا. شاگرد يونين ئي آهي جيڪا شاگردن جا مسئلا حل ڪري سگهي ٿي ۽ کين ليڊرشپ جو ادراڪ عطا ڪري سگهي ٿي.