ايڊيٽوريلنئون

موسمياتي تبديليون، ڊيمن جا راڳ ۽ پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي ڪمي يا پاڻيءَ جي ورڇ ۾ انصاف جي ڪمي!

پنجاب ۾ هن وقت چوڏهن سئو کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي چڪا آهن، فصل تباهه ٿي چڪا آهن، راوي ۽ چناب ۾ مٿئين درجي جو چاڙهه موجود آهي ۽ ان کانپوءِ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه اها آهي ته سڄي ملڪ ۾ هڪ ڀيرو وري ٻيهر مون سون جي بارشن جو سلسلو داخل ٿيڻ جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو 2 سيپٽمبر تائين وقفي وقفي سان ڪيترن ئي علائقن ۾ انتهائي شديد بارشن جي صورت ۾ پيش ايندو.

موسميات جي کاتي مطابق عربي سمنڊ ۽ خليج بنگال کان ايندڙ مضبوط مون سون هوائون ملڪ جي مٿانهين حصي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته 30 آگسٽ کان هڪ اولهه جي هوائن جو سلسلو به ملڪ جي مٿانهن ۽ وچولن علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي.

خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب هن وقت ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ اتي تمام گهڻي تباهي اچي چڪي آهي. سنڌ جي ضلعن مٺي، ٿرپارڪر، سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، دادو ۽ عمرڪوٽ ۾ 30 ۽ 31 آگسٽ تي بارشن جو مضبوط امڪان آهي. بلوچستان جي ضلعي بارخان، موسيٰ خيل، لورالائي، سبي، يوب، قلات ۽ خضدار ۾ به 30 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر تائين بارشون ٿي سگهن ٿيون.

سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري هڪ پريس ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ٻوڏ واري صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪيل انتظامن بابت صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پنهنجا انتظام مڪمل ڪري ڇڏيا آهن. ڪچي جي ماڻهن کي اطلاع ڏنو ويو آهي ته اهي پنهنجو پاڻ کي لڏپلاڻ لاءِ تيار رکن. ان کان علاوه دريائن ۾ پاڻيءَ جي وهڪري جي صلاحيت تي ڳالهائيندي هن چيو ته پاڻي سنڌ مان خيريت سان گذري ويندو ۽ بغير ڪنهن نقصان ڏيڻ جي سمنڊ ڏانهن اماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.

اها هڪ خوش آئند ڳالهه آهي ته سنڌ حڪومت جي آبپاشي جي وزير پنهنجي عوام کي اعتماد ۾ وٺندي ڪيل انتظامن بابت ٻڌايو آهي، ان سان نه صرف عوام اندر اعتماد پيدا ٿئي ٿو، بلڪه عوام کي حڪومت جي متحرڪ رهڻ جي خبر پوي ٿي. ان کان پهرين حڪومت اهڙي طريقي سان متحرڪ نظر نه پئي آئي ته انهن مون سون جون تياريون ڪهڙيون ڪيون آهن يا برساتن کي ڪيئن منهن ڏنو ويندو. حقيقت اها آهي ته بدلجندڙ ماحولياتي تبديلين کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو ته هاڻي حڪومتن کي مون سون جي موسم کان گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينا اڳ مون سون لاءِ تياريون ڪرڻ جي ضرورت پئجي رهي آهي، اها ڳالهه نه صرف سنڌ، پر پوري پاڪستان جي لاءِ ضروري بڻجي وئي آهي.

ٻوڏ جي صورتحال کانپوءِ وري ڪيترن ئي حلقن ۾ ڊيمن جو راڳ شروع ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ رکي رکي ڪالا باغ ڊيم جي به ڳالهه ڪئي پئي وڃي جنهن کي ٽي صوبا پنهنجي صوبائي اسيمبلين ۾ رد ڪري چڪا آهن، پر وري ان جي ڳالهه ڪرڻ ائين ٿو لڳي ته ڳالهه ڪرڻ وارن وٽ سوچ جي ڪمي آهي، جيڪا کين ٻئي پاسي ڏسڻ کان روڪي ٿي. جڏهن ته پاڪستان ۾ ٻه ڊيم ڀاشا ۽ مهمند تمام وڏي ايراضيءَ تي ٺهڻا آهن جن کي خبر ناهي ته ڇو مڪمل نه ڪيو ويو آهي؟ انهن جي مڪمل نه ٿيڻ جي ڪري پورو پاڪستان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پاڻيءَ جي گهٽتائيءَ واري صورتحال کي ڀوڳي رهيو آهي.

علي توقير شيخ ڪلائيميٽ چينج ايڪسپرٽ جي مطابق، صرف ڊيم ٺاهي پاڻي ذخيرو نٿو ڪري سگهجي، بارش جي دوران جڏهن توهان وٽ وڌيڪ پاڻي جمع ٿئي ٿو ته توهان هر گلي محلي ۾ ڊيم نٿا ٺاهي سگهو، بلڪه ان پاڻيءَ کي گرائونڊ واٽر ريچارج جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، جيڪو گهرن کان وٺي ننڍن ننڍن انتظامي يونٽن جي ذريعي هر جاءِ تي ٺاهي سگهجي ٿو ۽ تمام گهٽ خرچ تي تعمير ٿي سگهي ٿو. پاڻيءَ جي ماهرن مطابق انڊس ريور سان گڏ 14 جايون اهڙيون آهن جيڪي هن وقت پاڻيءَ جي ڊپريشن ۾ آهن. جيڪڏهن مينهن جي پاڻيءَ کي انهن 14 پوائنٽن تائين موڙيو وڃي ۽ استعمال ڪيو وڃي ته گرائونڊ واٽر ريچارج جي طور تي اسان وٽ زمين ۾ هڪ وڏو ذخيرو پاڻيءَ جو جمع ٿي سگهي ٿو، جيڪو اسان زرعي ضرورت جي لاءِ استعمال ڪري سگهون ٿا.

ان کان علاوه هن هڪ ٻي تحقيق بابت به ڳالهه ڪندي هڪ پروگرام ۾ چيو ته دريائن جي هيٺان به زمين ۾ پاڻيءَ جا درياءَ موجود آهن، جنهن ۾ 500 ملين ايڪڙ پاڻي موجود آهي. ان جي حصول لاءِ به اسان کي ٽيڪنالاجيءَ ۽ ذريعن جي طرف وڃڻو پوندو ۽ ان پاڻيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ مستقبل ۾ تياري ڪرڻي پوندي.

علي توقير شيخ جو چوڻ آهي ته گرائونڊ واٽر ري چارجنگ هڪ اهڙي ٽيڪنڪ آهي جيڪا تمام سستي ۽ تمام بهترين آهي. اسان کي وقت سان گڏوگڏ ان پاسي وڃڻ گهرجي جيڪا وقت جي اهم ضرورت آهي. گرائونڊ واٽر ري چارجنگ جي پنهنجي هڪ سائنس آهي، پر اها تمام سادي ۽ سستي آهي، ان کي پراسيس ڪرڻ جي لاءِ تمام گهٽ خرچ جي ضرورت آهي، جيڪا شهري ۽ حڪومت گڏجي ڪري سگهن ٿا.

سندس چوڻ مطابق پنجاب ۽ سنڌ جيئن ته ميداني علائقا آهن انهن ۾ ڊيم ٺاهڻ بجاءِ انڊر گرائونڊ واٽر ري چارجنگ تي ڪم ڪرڻ تمام بهترين ثابت ٿي سگهي ٿو، جيڪو بغير ڪنهن نقصان جي وڏو فائدو ڏئي سگهي ٿو. سندس چوڻ مطابق جابلو علائقن ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺاهڻ جي ضرورت آهي.

علي توقير شيخ جي چوڻ مطابق اسان وٽ ڊيم ٺاهڻ جو سڀ کان وڏو مقصد انرجي پيدا ڪرڻ به آهي، پر هن وقت ڏٺو وڃي ته اسان وٽ سولر ۽ ونڊ انرجي هڪ متبادل طور موجود آهن، جيڪي پاڻيءَ جي ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ کان تمام گهڻي سستي بجلي پيدا ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ مطابق پاڪستان ۾ ڊيمن مان جيڪو پاڻي مهيا ٿئي ٿو اهو به طاقتور زميندارن کي پاڻيءَ جي کوٽ واري وقت ۾ مهيا ٿئي ٿو، اها هڪ قسم جي حڪومت جي سيڙپ يا سبسڊي ٿي وڃي ٿي، جيڪا امير، جاگيردارن کي ڏني وڃي ٿي. ان ڪري اسان کي ان ڳالهه تي سوچڻو پوندو ته ڇا اسان وٽ پاڻيءَ جي ڪمي آهي يا پاڻيءَ جي ورڇ ۾ انصاف جي ڪمي آهي، ان کي ايترو آسانيءَ سان ڏسڻ جي ضرورت ناهي، بلڪه ان جي اندر جيڪي به مونجهارا آهن انهن سڀني کي گڏي ڏسڻ جي ضرورت آهي.