خاصنئون

آرمي چيف ٻن فوجي ۽ هڪ سويلين آفيسر جي سزا جي منظوري ڏيئي ڇڏي

آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ٻن فوجين سميت هڪ سويلين جي سزائن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سزا حاصل ڪندڙن ۾ ليفٽيننٽ جنرل جاويد اقبال کي 14 سالن جي قيد بامشقت جي سزا. جڏهن ته برگيڊيئر راجا رضوان ۽ حساس اداري جي ملازم ڊاڪٽر وسيم اڪرم کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي. آءِ ايس پي آر مطابق سزا ملندڙن کي ملڪ سان غداري ۽ حساس راز ۽ معلومات غير ملڪي ايجنسين کي ٻڌائڻ ۽ قومي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جا الزام ثابت ٿيا آهن ۽ انهن خلاف الڳ الڳ ڪيسن ۾ پاڪستان آرمي ايڪٽ تحت فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ڪيو ويو آهي. هن معاملي تي ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر آصف غفور چيو آهي ته آرمي چيف پاران سزائن جي منظوري جو مطلب آهي ته فوج اندر سڀ ڪنهن جو احتساب ٿي سگهي ٿو. آفيسرن کي انهن جي ڏوهن جي قانون مطابق وڌ کان وڌ سزا ڏني وئي آهي.