پاڪستاننيو‍‍ز

اسد دراني پاران ڪتاب لکڻ تي جي ايڇ ڪيو ۾ طلب

اڳوڻي ڊي جي، آءِ ايس آءِ رٽائرڊ جنرل اسد دراني طرفان اي ايس دلت سان گڏجي ڪتاب لکڻ تي آرمي پاران اعتراض جو اظهار ڪيو ويو آهي. اعتراض ظاهر ٿيڻ کانپوءِ اسد دراني کي 28 مئي سومر ڏينهن جي ايڇ ڪيو ۾ پڻ طلب ڪيو ويو آهي. فوج پاران چيو ويو آهي ته اسد دراني جي ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون حقيقت جي برعڪس آهن، جنهن ڪري هن کي پنهنجي نڪتهءِ نظر کي واضح ڪرڻ لاءِ 28 مئي تي گهرايو ويو آهي. فوج پاران اهو به چيو ويو آهي ته اسد دراني جو هي ڪتاب فوج جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي خلاف آهي، جنهنڪري اسد دراني کي وضاحت ڏيڻي پوندي. ڪوبه شخص ملڪ قانون کان مٿانهون نه آهي. فوج جو چوڻ آهي ته ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ حاضر سروس سان گڏ رٽائرڊ فوجي آفيسرن تي به لاڳو ٿئي ٿو. هن کان اڳ ۾ سينيٽ ۾ به اسد دراني جي هن ڪتاب تي ڳالهائيندي رضا رباني اعتراض اٿاريا ۽ چيو ته جيڪڏهن ان قسم جو ڪوبه عمل ڪو عام پاڪستاني يا سياستدان ڪري ها ته مٿس غداريءَ جو الزام لڳي وڃي ها. واضح رهي ته اڳوڻي ڊي جي، آءِ ايس آءِ رٽائر جنرل اسد دراني ۽ هندستاني جاسوس ايجنسي جي اڳوڻي سربراهه اي ايس دلت گڏجي ڪري The Spy Chronicles RAW ISI & The Illusion of Peace جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيو آهي جنهن جي تقريب رونمائي هندستان ۾ ٿي گذري.