ھيانءُ سڙي ٿو يارو!
ھي جيڪو اچانڪ ڀري سماج مان گم ٿي ويو ھئو، اھو منھنجو پيءُ بہ آھي تہ ڀاءُ بہ.. ھن جنھن نياڻيءَ جي حق گهرڻ تي ڪپڙا ڦاٽا آھن سا منھنجي ڀيڻ بہ آ تہ ڌيءُ بہ آ!
صرف اھو احتجاج ئي تہ ھي ناھي، جنھن ۾ اسان جو سڄو خون پڄري ٿو، ۽ مان پنھنجي ادراڪ ۾ اھي رڙيون رانڀاٽ ٻڌان ٿو جيڪي انھن گهرن مان نڪرن ٿا جن گهرن مان جوان جماڻ ڀائر، پٽ ۽ پيئر ڪن نامعلوم ھٿن پاران کنڀيا ويا آھن.. مان سوچيان ٿو تہ اھي رڙيون اھي ڪوڪون اسان جي ھيانءَ کي ڦاڙيندي نڪتيون آھن اھي ڪوڪون ھڪ نئين ڪربلا پيون رقم ڪن.
۽ ھا ھن نياڻيءَ جنھن وڏي حوصلي سان، جنھن وڏي جگر سان ڳالھايو تہ مان ائين پيو محسوس ڪيان تہ اھا رڙ، اھو جگر اسان جي وڏن وڏن برڙ باڪاس قومپرستن جي جلسن ۾ دبنگ مقررن جي ڪيل لفاظيءَ کان ڪيڏو تہ اتم ھئو!
جنھن چيو پئي تہ اسان جي وارثن جو ڪو ڏوہ آ تہ سامھون ڪريو، ڪورٽن ۾ آڻيو، ۽ جيڪڏھن انھن مٿان ڏوہ ثابت ٿئي ٿو تہ کين ڦاسي ڏيو.. پر سامھون تہ آڻيو! اھي ڪٿي آھن، پيش تہ ڪريو! ڪاڏي گم ڪيا ويا آھن اھي موٽائي تہ ڏيو!
سڌي ڳالھ آھي تہ اھا دانھن اھا ڪوڪ رياست کي مڃي پوءِ ان جي سامھون پئي رکي وئي نہ!
معنا اسان ھن رياست کي تسليم ڪندي ان کان پنھنجا حق ٿا گهرون نہ! يا ڪا اڃا ٻي راءِ آھي؟
جيڪڏھن اسان منظور پشتين جو مثال ڏيون ٿا تہ اھو اسان جيان ”ڊاھيو ڊاھيو“ تہ نہ ٿو چئي نہ!
۽ جيڪڏھن اسان احتجاج لاءِ صرف پريس ڪلب کي ئي چونڊيو آھي تہ ان جو سڌو مقصد اھو ئي تہ آھي نہ جو اسان پنھنجي دانھن، پنھنجي پيڙا ملڪي ۽ بين الاقوامي ميڊيا معرفت جڳ جھان تائين پھچائڻ چاھيون ٿا تہ اھي اسان جي دانھن کي سگهارو ڪن…
۽ ھا، ھي جيڪا تحريڪ آھي اھا صرف ۽ صرف ”زوريءَ کنڀي کنيلن جي واپسيءَ“ جي ئي تحريڪ آھي نہ! يا ان ۾ ڪا ٻي بہ ايجنڊا آھي؟ ملڪ کي ٽوڙڻ جي؟ سنڌوديش جي ٺھڻ جي؟ ڪڏھن بہ نہ.. صاف ۽ سڌي ايجنڊا، تہ اسان کي اسان جا پيارا موٽائي ڏيو، نہ ٿا موٽائي ڏيو تہ ڪورٽن سامھون ڪريو، پر ظاھر ڪريو!
اي ڪاش پوءِ ان درد ۽ پيڙا واري تحريڪ جي کير ۾ لسي ملائي تباہ ڪرڻ وارن کي اھو عقل اچي تہ:
جيڪڏھن اسان ڪوبہ ٻيو جهنڊو نہ پر صرف پاڪستان جو سائو اڇو جهنڊو کڻي ويھي رھون!
پاڻ مٿان ڪنھن بہ ٻي رنگ جي نہ پر صرف اچي رنگ جا ڪپڙا پائي ويھي دنيا معرفت پنھنجي ملڪ جي ڪرتاڌرتائن کي اھو ٻڌايون تہ: اسان پر امن آھيون، ڪوبہ جهيڙو نہ ٿا چاھيون، انڪري ئي اڇي رنگ جا ڪپڙا پھريل آھن، ٻيو تہ پنھنجي ملڪ جي جهنڊي جي ان اڇي رنگ ۾ پنھنجو پاڻ ڏسندي اھا منٿ ڪريون ٿا تہ اسان اقليت ۾ ئي سمجهو… پر آھيون تہ پاڪستاني! سو خدارا، اسان کي اسان جا پيارا موٽائي ڏيو! جيڪڏھن اوھان جو منظور پشتين ٻچو آھي تہ اسان ڪھڙي ريت پراوا ٿياسين، ڪجھ اسان کي بہ تہ ٻڌايو اسان جي ملڪ جا مالڪو!
اسان ڪو بہ ديش ٺاھڻ نہ ٿا چاھيون، بس اسان جي گهرن اندر بديسي نہ ڪريو، اسان جي ٻوسٽ کي ختم ڪري اسان جي مطالبي کي ورنايو!
خدا جي واسطي اسان جي ٻڌو… اسان ملڪ کان جدا نہ ٿا ٿيڻ چاھيون، اسان جي ڪابہ ٻي ايجنڊا ناھي، بس ماڻھو موٽايو!
صرف اھو ئي دڳ آھي.. نہ ڪا ٻي ايجنڊا، نہ وري ڪو ٻيو ڇٽل ڪارتوسي طريقو!
امر فياض ٻررو


