موسيقي رڳو آوازن جي ترتيب ناهي؛ اها هڪ خاموش طاقت آهي، جيڪا جذبن کي شڪل ڏئي ٿي، دلين کي ڳنڍي ٿي ۽ انهن ڳالهين کي آواز ڏئي ٿي، جيڪي لفظن سان بيان نٿيون ٿي سگهن. انساني تهذيب جي ابتدائي ڌنن کان وٺي ليڊوگ بيٿوون (Ludwig van Beethoven) جهڙن ماهرن جي نفيس تخليقن تائين، لتامنگيشڪر جي امر آواز تائين، پنڊت ڀيم سين جوشي جي ڪلاسيڪي ڪمال تائين ۽ استاد منظور علي خان ۽ استاد محمد جمن جي روحاني گهراين تائين موسيقي سدائين انسانيت جي ساٿي رهي آهي. اها اسان جي خوشين ۾ به آهي ۽ اڪيلائيءَ ۾ به، اسان جي يادگيرين ۾ به ۽ خوابن ۾ به. وڏا موسيقار رڳو ڳائڻا نه هوندا آهن؛ اهي انساني زندگيءَ جا قصا بيان ڪندڙ هوندا آهن. هو سر ۽ آواز وسيلي ثقافت، تاريخ ۽ احساسن کي کڻي هلن ٿا ۽ سادن لمحن کي يادگار بڻائين ٿا. جيئن فرڊرڪ نٽشي (Friedrich Nietzsche) چيو هو ته: “موسيقي کانسواءِ زندگي هڪ غلطي هجي ها.” هي سوچ اسان کي سمجهائي ٿي ته اڄ اسان هتي رڳو ٻڌڻ لاءِ نه، پر هڪ اهڙي آواز کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، جنهن سنڌ جي دلين کي ڇُهيو آهي. انهيءَ پسمنظر ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) پنهنجي روايت مطابق سدائين سنڌ جي ثقافتي ورثي، نشانين ۽ اهم فنڪارن کي مڃتا ڏيندي رهي آهي. حيدرآباد ۾ ٿيندڙ پروگرام “هڪ شام شفيع فقير جي نانءِ” رڳو هڪ تقريب ناهي، پر هڪ خراج آهي، هڪ اهڙي آواز کي، جنهن ۾ مٽيءَ جي خوشبو، صوفي فڪر جي گهرائي ۽ سچائي جي سادگي سمايل آهي.