ڪهاڻيونڪهاڻيوننئون

مائڪرو فڪشن ڪهاڻي: ٽڪرا

هو اوچتو هليو ويو، ڪنهن نه ڄاتو هن کي ڇا ٿيو، ڪوبه پرواھ ڇو ڪندو؟ هو ڪوئي به نه هو. شايد هڪ پاڳل، ڪو بيوقوف، هو ڪنهن سان نه ڳالهائيندو هو، هميشه هر شيءَ کان بي خبر پنهنجي دنيا ۾ رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو ھوا ۾ بجو ڏيندو هو. مان هميشه هن بابت سوچيندو هئس جڏهن به هن کي ڪم ڪندي ڏٺو. مان ڪٿي پڙهيو هو ته “هر ماڻهو ڪنهن مقصد لاءِ پيدا ٿيندو آهي،” شايد هو شيشن جا ٽڪرا ڪُٽڻ لاءِ پيدا ٿيو هو، جيڪي حادثن ۾ ٽٽي پوندا هئا. هو روڊ تي شيشي جا ٽڪرا گڏ ڪرڻ لاءِ پنڌ ڪندو هو اُنھن کي هڪ جڳھه تي گڏ ڪندو هو ۽ روڊ جي ڀرسان پٿر سان اُنھن کي ذرا ذرا ڪندو هو. مان هن کي ڪيترا ڀيرا ائين ڪندي ڏٺو هو. ماڻھو هن جو پٿر سان شيشا ڪُٽڻ پسند به ڪندا هئا ۽ هن کي پاڳل سمجھندا هئا، پر هو سدائين پنهنجي ڪم ۾ رڌل هوندو هو. ڪجھه ماڻهن جو چوڻ هو “هي پاڳل هو، ڪجھه نٿو ڪري صرف شيشا ٿو ڪُٽي، ڪجھه ماڻهن جو يقين هو ته هن پنھنجا حواس تڏهن وڃايا جڏهن هن لاءِ سمجهدار بڻجي جيئڻ مشڪل هو ۽ هو سمجهه ڀريو  بڻجي جيئي يا پنهنجا سڀ ھوش خطا ڪري” پر هو دنيا جي وحشتُن کان بي خبر بنا ڳالهائڻ جي شيشا ڪُٽيندو هو ۽ هو اوچتو الوپ ٿي ويو.

***