مريم نواز شريف ميثاق معيشيت کي مسترد ڪري ڇڏيو
ڪالهه لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته هوءَ شهباز شريف طرفان پيش ڪيل ميثاق معيشيت کي رد ڪري ٿي ۽ هن جي ذاتي راءِ ۾ ميثاق معيشيت اصل ۾ مذاق معيشيت آهي. جنهن شخص معيشيت کي تباهه ڪيو هجي ان سان ڪيئن ٿي ڳالهه ڪري سگهجي. مريم نواز چيو ته عمران خان اسٽاڪ ايڪسچينج کي ٻوڙي ڇڏيو، عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو. ميثاق معيشيت جو مطلب حڪومت کي اين آر او ڏيڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي صحت جي صورتحال 22 ڪروڙ عوام آڏو رکڻ چاهيان ٿي. نواز شريف کي دل جي بيماري 22 سال پراڻي آهي ۽ هن کي ٽي دفعا دل جو دورو پئجي چڪو آهي. ٽيون دورو اڊيالا جيل ۾ آيو هو جنهن بابت اسان کي بي خبر رکيو ويو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر ٻڌايو ته نواز شريف کي قيد ۾ دورو پيو هو. سندس هڪ باءِ پاس وزارت دوران ڪيو ويو هو ۽ هاڻي به هڪ باءِ پاس جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته ميان صاحب جي وڏي شريان 95 سيڪڙو بند آهي ۽ ڪڊني جو به اسٽيج 3 جو مسئلو آهي ۽ سندس علاج تي 6 هفتا يا 6 مهينا يا 6 سال لڳي سگهن ٿا. اسان ورائي ورائي عدالت جي دروازي تي وڃي رهيا آهيون اسان کي انصاف ضرور ملندو.

