ڪهاڻيونڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: چاچو افضل

تحرير: ڊاڪٽر خالد جميل اختر

انهيءَ کانپوءِ آئون ڪيترائي ڀيرا چاچي افضل جي ٽانگي ۾ سواريءَ طور  چڙهيس هُن پنهنجيون ڳالهيون ۽ ڪهاڻيون مون کي تقريبن هر سفر ۾ ياد ڪرائي ڇڏيون هيون. مون کي لڳندو هو ته ڳوٺ کان شهر تائين جي ڏهن ميلن جي مسافري ڪرڻ تائين جيڪو وقت لڳندو هو ايترو ئي ڳالهين جو خزانو وٽس رکيل موجود هو ۽ هر سوار کي هو اهي ئي ڳالهيون لفظ با لفظ سفر جي دوران رستي ۾ ٻڌائيندو رهندو هو. ڳوٺ کان هڪ ڏيڍ ڪلو ميٽر جي فاصلي تي هڪ مزار آهي، هڪ ڏينهن چاچي افضل مون کي ٻڌايو ته اهو “جهرڪي بابا” جي مزار آهي، شايد هڪ جِهرڪ مري ويو هو، ڪجهه ٻارن رستي ۾ ان کي مئل ڏسي کڏ کوٽي ان ۾ دفن ڪري ڇڏيو ۽ اسڪول ايندي ويندي هڪ پٿر انهيءَ جهرڪ جي قبر تي رکي ڇڏيندا هئا. پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ انهيءَ تي هڪ ننڍو سائو جهنڊو لڳائي ڇڏيو ۽ آهستي آهستي اُتي باسون باسڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. اڳيان هلي هڪ وقت اهڙو به آيو جو انهي هنڌ کي باقاعدي هڪ مزار جو درجو ملي ويو ۽ انهيءَ مزار جي برڪتن جا چرچا عام ٿيڻ لڳا. مون کي خبر ناهي ته انهيءَ ۾ سچائي ڪيتري هئي؟ ڇا “جهرڪ بابا” هڪ پکي هو؟ آئون سمجهان ٿو ته جڏهن اسين ڪنهن بزرگ جي ڳالهه ڪريون ٿا تڏهن اصل ۾ اسين پنهنجي روحانيت جي سڪون جو پورائو ڪرڻ چاهيون ٿا، توهان کي انهيءَ قسم جي عقيدن جا ماڻهو گهڻي ڀاڱي پوريءَ  دنيا جي ملڪن ۾ ملندا، گهرڻ وارو حقيقت ۾ ڪو سهارو ڳولهيندو آهي ۽ ڪجهه ماڻهو انهن سهارن معرفت گهڻو وڌي گمراهيءَ جي اونهيءَ کڏ ۾ وڃي ڪرندا آهن. اهو ياد ڪرڻ گهرجي ته سڀ کان مضبوط سهارو فقط ۽ فقط الله تعاليٰ جي ذات آهي.

ان طرح چاچي افضل مون کي اهو پڻ ٻڌايو ته رات جي اونداهيءَ ۾ جڏهن هُن جو ٽانگو پل واري موڙ تي پهچندو آهي تڏهن هڪ ڏانئڻ سندس پويان لڳي ويندي آهي ۽ چاچي چواڻيءَ ته انهيءَ جا پير پڻ مڙيل هوندا آهن، سندس ڏاڏيءَ چئي ڇڏيو آهي ته، “ڏانئڻ  کي ڪڏهن به مڙي ڪونه ڏسبو آهي جو اهو خطري کان خالي ڪونهي ان ڪري هُو پٺيان مڙي ڪونه ڏسندو آهي.” آئون حيران آهيان ته جڏهن چاچو ڏانئڻ کي پٺيان به مڙي ڪونه ٿو ڏسي پوءِ کيس اها خبر ڪيئن پئي ته ڏانئڻ جا پير مڙيل آهن!!. ڳوٺن جي زندگين ۾ اهڙا واقعا ۽ ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ کوڙ ملنديون آهن. اسان جي پاڙي جو حجم چاچو صابر پڻ اهڙا واقعا گهڙيندو رهندو هو.  ڪڏهن ڪڏهن ته ڪو واقعو ايترو ته اثرائتو ٻڌائيندو هو جو ماڻهو ڄڻ منڊجي ويندو هو مٿان جي کيس ڪا چانهن پيارجي يا حلوو کارائجي ته پوءِ ته سندس ٻڌايل واقعن جي جادوئي ڪيفيت ته ائين وڌيڪ ٿي ويندي هئي.

هاڻي سندس بيان ڪيل هڪ واقعو ان جي زباني ٻڌو.

“هڪ ڏينهن آئون ڳوٺ جي ڪنهن ماڻهوءَ جي پُٽ جو سڱ ڪرائڻ لاءِ ٻئي ڳوٺ وڃي رهيو هئس  ڇوڪريءَ وارن منهنجي ڏاڍي عزت رکي ۽ ڪنهن به نموني مون کي مانيءَ کائڻ کان سواءِ ڇڏڻ تي راضي ڪونه هئا انهن جي گهڻي زور ڀرڻ تي ترسي پيس. ماني ٽڪي کائي جڏهن موڪلائي نڪتس تڏهن رات ڪافي گذري چڪي هئي سخت سيءَ ۾ ڪڪر ڄڻ آسمان کي گهيري ويٺا هئا ۽ چنڊ پڻ ڪڪرن جي ڪمبل ۾ آرامي هو، هر طرف اونداهي، سخت سيءُ ۽ عجيب قسم جي ماٺ جو راڄ هو ڄڻ ڪيڙا ماڪوڙا، پکي پکڻ، ماڻهو ڇيڻو سڀ ڪٿي ڪنڊن ۾ لڪا پيا هئا. آئون پنهنجي شال کي پاڻ تي ڏاڍو ويڙهي سيڙهي آهستي آهستي پنهنجي ڳوٺ ڏي هلي رهيو هئس ٿورو اڳيان ويس ته ڪنهن جي کِلڻ جو آواز آيو، منهنجي دِل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي، ٿوريءَ ئي دير ۾ گهڻن ماڻهن جي کِلڻ جا آواز اچڻ لڳا هاڻي ته ديڳين جي کَڙ کَڙ ۽ قناتون ڏسڻ ۾ آيون. مون کي لڳو ته آئون ڪنهن شاديءَ جي خيمي ۾ اچي ويو آهيان، ڪجهه ماڻهن منهنجو گرمجوشيءَ سان استقبال ڪري هڪ پليٽ ڏني ۽ ان ۾ ڪجهه چانور وڌا جيئن ئي مون کائڻ لاءِ هٿ وڌايو ته اهي چانور گڏرون ٿي ڏسڻ ۾ آيا ننڍا ننڍا ڪيڙا جيڪي پليٽ مان نڪري منهنجي هٿن ڏي پئي وڌيا مون کي اُلٽيءَ جا اوڪارا ٿيڻ شروع ٿيا هڪدم پليٽ هٿ مان ڪري پئي، جنهن جي آواز تي سڀ مون ڏي مڙيا، مون کي پنهنجي غلطيءَ جو اندازو ٿي ويو، اها ڪنهن جنڙيءَ جي شادي هئي، هڪ ئي هنڌ ايترا جن ۽ ڏانئڻون ڏسي مون تي پگهر جا مَٽَ وري ويا، پر همت ساري ٻاهر ڊوڙ پاتم…”

جڏهن چاچي صابر اهو واقعو ٻڌايو ته ان مهل سندس ڳالهه ٻڌائڻ انداز ايترو ته جاندار هو جو ٻڌڻ وارن جا وات ڦاٽي ويا ۽ اکيون ٻاهر نڪري آيون، اهي يقين ڪري رهيا هئا ته هُو سئو سيڪڙو سچ ڳالهائي رهيو آهي. اڄ جڏهن اسان نفسيات جو مطالعو ڪيو آهي تڏهن خبر پئي اٿئون ته وهم جڏهن شدت اختيار ڪري حقيقت جو روپ اختيار ڪندو آهي تڏهن ڪوڙ پڻ سچ لڳندو آهي.

چاچو افضل پڻ اهڙائي قصا گهڙيندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٽانگي ۾ سُريلي آواز سان ڳائيندو پڻ هو، گهڻو ڪري سيف الملوڪ ۽ سسئيءَ کي ڳائي ٽانگي ۾ ويٺلن جي روحن کي سڪون مهيا ڪرڻ پڻ سندس عادت هئي.  ڪيڏو سٺو زمانو هو! ماڻهو ڪيترا سادا ۽ سچا هئا!! چاچي افضل جي ته سادگيءَ جو جواب ڪونه هو. هڪ دفعي اسان کي اسٽيشن تي پهچايائين اسان کيس پيسٽريون کارايون جن جي هيٺ ڪاغذ لڳل هو. چاچو افضل ٻئي پيسٽريون ڪاغذن سوڌو کائي ويو. جڏهن مون کانئس پيسٽريءَ جي ذائقي جو پڇيو تڏهن چوڻ لڳو، “يار ڪاغذي پيسٽريون هيون ته ڏاڍون مٺيون، پر ڪاغذ نڙيءَ ۾ ڦاسي پيا.”

***