بلاگنئون

ڪلا پرڪاش جو فن: هڪ نظر

ڪلا پارو مل چانڊواڻي/ڪلا پرڪاش ڪراچي شهر ۾ 2 جنوري 1934ع تي جنم ورتو ۽ سيپٽمبر 2018ع تي وفات ڪئي. هن هر ديوي گرلس هاءِ اسڪول ڪراچي ۽ پوءِ بمبئي جي ڪي جي کلناڻي اسڪول مان تعليم ورتي ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم اي ۽ اڳيان ڊپلوما هائر ايجوڪيشن (ڊي ايڇ اي) ڪيائين. ڪلا پرڪاش نثر جي اهم ليکڪا آهي. سندس پهرين ڪهاڻي ”ڏوهي بي ڏوهي“ 1953ع ۾ ڇپي ۽ 1954ع ۾ سندس شادي مشهور اديب/شاعر موتي پرڪاش سان ٿي، جنهن کانپوءِ نه فقط سندس لکڻ پڙهڻ وڌيو، پر هوءَ هڪ اهم ليکڪا طور اڀري سامهون آئي. هن نثر ۾ ڪهاڻيون، ناول، مضمون، يادگيريون، مقدما، مهاڳ ۽ خط لکيا آهن. نثري نظم ۾ هڪ ڪتاب ”ممتا جون لهرون“ لکيو اٿس.

ڪلا مقدار توڻي معيار ۾ پنهنجي انفرادي حيثيت ناول نگاريءَ جي صنف ۾ مڃائي آهي. سندس پهريون ناول ”هڪ دل هزار ارمان“ 1957ع ۾ ڇپيو. ان کانپوءِ ”شيشي جي دل“ 1960ع، ”سپنن جو سنسار“ (سنڌ ۾) ساڳيو ناول، ”هڪ سپنو سکن جو“ جي ٽائيٽل سان هند ۾ 1977ع ۾ ڇپيو. ان کانسواءِ ”حياتي هوتن ريءَ“ 1979ع، ”وقت وٿيون وڇوٽيون“ 1988ع، ”آرسيءَ آڏو“ (ساهتيه اڪيڊمي طرفان انعام يافته) 1994ع، ”پيار“ 1997ع ”پکن جي پريت ۽ پيار“ (ٻه ناول گڏ) 1999ع ۽ ”سمنڊ ۽ ڪنارو“ شايع ٿيا آهن. ڪلا پرڪاش جا ناول هند ۽ سنڌ ٻنهي هنڌن ڇپجڻ جي ڪري سندس فن سنڌ ۾ پڻ ايترو ئي مقبول آهي، جيترو هند ۾.

ڪردار نگاريءَ جي لحاظ کان ڪلا پنهنجي فن ۾ مهارت رکندڙ هئي. هوءَ پنهنجي ڪردارن جي اندر ۾ اڀريل جذبن ۽ احساسن جي طوفان کي طريقي سان مختلف واقعن ۽ روز مره جي سوچن ۽ عملن ذريعي اظهاريو ۽ انهن ڪردارن جي خارجي روين ۾ هن انهن جي داخلي ڪيفيت کي پيش ڪيو، جنهن ۾ هن وچئين طبقي جي هر عورت جي نمائندگي ڪئي. ڪلا پرڪاش جو تخليقي رويو سنجيده انداز جو آهي.  سندس بيان جو اسلوب شانائتو، سلجهيل ۽ سمجهه ۾ ايندڙ ۽ اثرائتو آهي. هن ٽٽل ۽ وکريل ڪردارن کي بي وسيءَ، بي همتيءَ ۽ مظلوميت جي بجاءِ جرائت ۽ اعتماد ڏيئي حياتيءَ جي تلخ حقيقتن کي منهن ڏيڻ سيکاري کين زندگيءَ ڏي راغب ڪيو آهي.

ڪلا کي پنهنجي لکڻين لاءِ ڪردار جي چونڊ ۾ ڪو مسئلو نه رهيو، جو هوءَ خود وڏو عرصو هڪ نوڪري ڪندڙ عورت رهي. گهڻن ماڻهن سان ميل ميلاپ، روزانو رستن ۾ اچڻ وڃڻ سان سندس مشاهدو مضبوط ٿيو. هوءَ آسپاس کان پوريءَ ريت باخبر رهي. گهر کان آفيس ۽ آفيس کان گهر واپسيءَ تائين جي ڪيترن ئي ڪلاڪن ۾ هُن گهڻن ماڻهن جا رويا نظر هيٺ آندا. سندس لکڻين ۾ عورت جي نوڪريءَ جو ذڪر پڻ گهڻو ملي ٿو، جنهن ۾ هُن سڌي نموني عورت جي گهر هستي سنڀالڻ ۽ نوڪري ڪرڻ جي ٻٽين جوابدارين کي مڃتا ڏني آهي.

ڪلا جو پهريون ناول هڪ دل هزار ارمان 1957ع ۾ ڇپيو. هيءُ رومانوي ناول گهرو ۽ سماجي مسئلن کي بيان ڪري ٿو. گڏيل ڪٽنبن جا مسئلا ڪلا جي ناولن ۾ گهڻي ڀاڱي ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

شيشي جي دل ناول سنڌي سماج جي ڏيتي ليتيءَ جي بڇڙي رسم جي نشاندهيءَ سان گڏ موضوع طور همدردي ۽ پيار جي جذبي تي مشتمل آهي.

”شيشي جي دل“ ناول ۾ ڪلا پرڪاش نه فقط عبارت آرائيءَ جا ڪمال پيش ڪيا آهن، پر هُن ماحول ۽ منظر نگاريءَ کي گهريلو ماحول جي مناسبت سان وڻندڙ نموني آندو آهي.

حياتي هوتن ريءَ ناول 1972ع ۾ هند ۽ 1979ع ۾ سنڌ ۾ شايع ٿيو. هيءُ ناول پڻ وچولي شهري طبقي جي گڏيل ڪٽنبن جي مسئلن ۽ مالي مشڪلاتن جي باري ۾ آهي. گهرو ماحول جي ننڍين ننڍين پريشانين ۽ ڇڪتاڻ کي موضوع بڻايو ويو آهي.

حياتي هوتن ريءَ جي ’شانتي‘، ’رينو‘ ۽ ’ڪملا‘ پنهنجي پنهنجي جڳهه تي پڙهيل/اڻ پڙهيل هوندي به وڏيءَ سوچ ۽ دل گردي واريون عورتون آهن، جيڪي ڪيترن شخصيتن کي ڀُرڻ ۽ ڀڄڻ کان بچائين ٿيون.

حياتي هوتن ريءَ کانپوءِ ڪلا هڪ ٻيو اهم ناول ”سپنن جو سنسار“ 1981ع ۾ سنڌي ادب کي ڏنو. وقت وٿيون وڇوٽيون ناول عورتن جي ڊگهين جوابدارين ۽ فرضن جو بيان آهي. هن ناول جي ٻڌائيندڙ سريتا/مسز سريتا ڪشن گيهاڻي آهي، جا آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ۽ گهر ۾ پنهنجي مڙس، ٻار، سس ۽ سهري جي خدمت ڪندڙ آهي.

ڪلا انهيءَ کانسواءِ ٻيا ناول پڻ لکيا آهن. ”پيار“ 1997ع ۾ پرشانت، شالو، سريتا ۽ سندر، آرتي، رام ۽ ارميلا جي پيار جي ڪهاڻي آهي. ”آرسيءَ آڏو“ سندس ناول 1992ع ۾ ڇپيو ۽ 1994ع ۾ کيس سنڌي ساهت اڪيڊمي هن ناول تي ڏهن هزارن جو انعام ڏنو. هيءُ ناول به پڙهيل ڳڙهيل مرد ۽ عورت ڊاڪٽر انوپ اگر وال ۽ ڊاڪٽر سيتا جي پيشي جي جوابدارين ۽ فرضن ادائين جو بيان آهي.

ڪلا جي فن ۾ ٻوليءَ جو استعمال تمام احسن طريقي سان ٿيل آهي. اوپرا ۽ اڻ سهائيندڙ لفظ ڪتب نٿي آڻي، سهڻي سنڌي نثر ۾ تشبيهن، اصطلاحن، پهاڪن ۽ چوڻين سان گڏ فطري انداز ۾ هوءَ جاندار نموني سان لکندڙ آهي. ڪيترائي نج لفظ، چوڻيون ۽ مثال سندس لکڻين ۾ استعمال ٿين ٿا، جيئن ’روسامو‘، ’کورو‘، ’ڏمريو‘،  ’آکُٽ‘، ’جهيڻ‘، ’اک اپٽڻ‘، ’هينئڙا گهر ته گهرنيئي‘، ’ڏکن ڏڌل‘، ’جوءِ جو مَڄو‘ ۽ ٻيا آهن

موضوعن ۾ وٽس اصلاحي، اخلاقي، سماجي نصيحتي ۽ گهڻي ڀاڱي گهريلو موضوع آهن، جن ۾ پيار، محبت، فرض ادائيون، همدرديون، سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت، ريتون، رسمون ۽ خاص طور گهرو حياتيءَ جا عورتن کي درپيش مسئلا آهن، جيڪي سماج جي وچولي طبقي سان تعلق رکن ٿا، ممتا جي جذبي کي مان ڏيندڙ هِن ليکڪا جي تحريرن ۾ ماءُ پيءُ جي عزت ۽ قدر، مان ۽ مريادا جو احساس پڻ شامل آهي. ٻارن کي هوءَ آئيندي جو ابو سڏي ٿي ۽ کين ڪوبه اهنج پهچائڻ کان سڀن کي پلي ٿي. ماهتاب محبوب چواڻيءَ ته:”ڪلا وٽ لکڻ جو بنيادي جذبو ممتا پڻ آهي، اها ممتا آهي جا سڄيءَ ڌرتيءَ تي پکڙجي سڀني کي دائري ۾ جهلي ٿي بيهي. ڪنهن کي به ڪو رنج ٿو رسي ته ممتا ڏکوئجي ٿي.“

ناولن کانسواءِ هن ڪافي ڪهاڻيون پڻ لکيون، جيڪي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ وقت بوقت ڇپيون، ”مرڪ ۽ ممتا“ ۽ ”وڻن ۾ گل“ ڪهاڻين جا مجموعا ڇپيا اٿس.

ڪلا ڪيترن ڪتابن تي تبصرا لکيا آهن ته مقدما ۽ مهاڳ پڻ لکيائين. ڪلا کي خط و ڪتابت سان پڻ سٺي دلچسپي هئي. هن ڪافي ادبي خط لکيا، جيڪي الڳ ڪتابي صورت ۾ ته ڇپيل نه آهن، پر ماهتاب محبوب جي خطن جي مجموعي ”ماکيءَ مٺا ماڻهو“ ۾ ئي سندس ڏهه خط ڇپيل آهن،

ڪلا پرڪاش سنڌي نثر جي حساس ڪلاڪار هئي ڪردار نگاريءَ جي فن جي ماهر، انساني جذبن جي قلمڪار. ماڻهوءَ جي مَن جي اونهاين ۾ پيهي سندس اندر مان سچ، ڪوڙ، ڏک، ڪاوڙ، محبت، نفرت ۽ ٻين جذبن، سوچن ۽ عملن کي پيش ڪرڻ ۾ مڪمل ضابطو رکندڙ هئي. سندس پيش ڪيل موضوع محدود هوندي به مواد جي مماثلت سبب اثرائتا ۽ ٺهڪندڙ آهن.

هڪ قابل قلمڪار طور وٽس پيشڪش جو ڏانءُ ۽ بيان جو حسن موجود آهي، جنهن جي ڪري هن پنهنجي پڙهندرن جي دلين کي موهيو. مطلب ته ڪلا پرڪاش سادي ۽ سلوڻي نثر ۾ اڌ صديءَ سنڌي نثر جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ هن خاص طور معياري ناولن لکڻ سان نثر جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.