طالبان کي سي آءِ اي ۽ لوڪل ايجنسين جي امداد ۽ سپورٽ پهرين کان ئي هئي جيڪي واحد لشڪر هئا، جيڪي روس جي آرمي کي سامهون اچي مقابلو ڪري سگهن پيا ۽ روس جي اهڙي عمل جي خلاف طالبان جهڙو فورس پهرين تيار ويٺو هو، جنهن ۾ اسلامي جذبو ۽ ويڙھ واري رڳ شامل هئي. آمريڪي صدر جمي ڪارٽر 1980 ۾ 30 ملين جي امداد افغانستان جي لاءِ موڪلي ڏني، وري 1985 ۾ صدر ريگن جي سرڪار ۾ اها امداد وڌي 240 ملين ڊالر ٿي وئي هئي ۽ سعودي به ان جيترو پئسو وهايو ته جيئن روس جي اهڙي حملي کي منهن ڏئي سگهجي ۽ هر سال 630 ملين ڊالرن جي امداد طالبان کي ملندي رهي ته جيئن اهي جنگ جاري رکن، ان دوران اسرائيل، چين ۽ مغربي ملڪ به ان ڪارِ خير ۾ لهي پيا ته طالبان جي اهڙي جهاد کي هٿي ڏجي ۽ روس جي حملي کي روڪجي ته جيئن روس وڌي نه وڃي. وري روس افغانستان ۾ 5 بلين ڊالرن جي امداد ڏيندو رهيو ته جيئن اهي روس مان راضي ٿين ۽ نه وڙهن، ڇو ته ان ويڙھ ۾ رڳو پختون ۽ افغاني فارسي ڳالهائڻ وارا ڪجھ ڌڙا شامل هئا، باقي ٻئي ڌريون ته روس سان راضي هيون. ملٽن بيئرڊن (جيڪو سي آءِ اي جو پاڪستان ۾ 1986 کان 1989 تائين نمائندو رهيو) ان جي مطابق افغانستان ۾ فوجي جٿا ويھ هزار تائين وڌايا ويا هئا ته جيئن روس جي حملن کي ٻنجو ڏجي. 1983 تائين آمريڪا ته رڳو پئسن جي امداد هلائي، هن پنهنجي ساخت جا هٿيار افغان مجاهدين کي نه ڏنا ته متان اهي پڪڙجي پون ۽ آمريڪي مداخلت ظاهر ٿي پئي ۽ روس جي ڪاوڙ ۾ اضافو اچي وڃي يا روس وري آمريڪا سان سڌو ٿي پئي، ڇو ته اتي جهيڙو وري ٻن سپر پاورن جو ٿي پئي ها.