بلاگنئون

ايجنسين جي طاقت

طالبان کي سي آءِ اي ۽ لوڪل ايجنسين جي امداد ۽ سپورٽ پهرين کان ئي هئي جيڪي واحد لشڪر هئا، جيڪي روس جي آرمي کي سامهون اچي مقابلو ڪري سگهن پيا ۽ روس جي اهڙي عمل جي خلاف طالبان جهڙو فورس پهرين تيار ويٺو هو، جنهن ۾ اسلامي جذبو ۽ ويڙھ واري رڳ شامل هئي. آمريڪي صدر جمي ڪارٽر 1980 ۾ 30 ملين جي امداد افغانستان جي لاءِ موڪلي ڏني، وري 1985 ۾ صدر ريگن جي سرڪار ۾ اها امداد وڌي 240 ملين ڊالر ٿي وئي هئي ۽ سعودي به ان جيترو پئسو وهايو ته جيئن روس جي اهڙي حملي کي منهن ڏئي سگهجي ۽ هر سال 630 ملين ڊالرن جي امداد طالبان کي ملندي رهي ته جيئن اهي جنگ جاري رکن، ان دوران اسرائيل، چين ۽ مغربي ملڪ به ان ڪارِ خير ۾ لهي پيا ته طالبان جي اهڙي جهاد کي هٿي ڏجي ۽ روس جي حملي کي روڪجي ته جيئن روس وڌي نه وڃي. وري روس افغانستان ۾ 5 بلين ڊالرن جي امداد ڏيندو رهيو ته جيئن اهي روس مان راضي ٿين ۽ نه وڙهن، ڇو ته ان ويڙھ ۾ رڳو پختون ۽ افغاني فارسي ڳالهائڻ وارا ڪجھ ڌڙا شامل هئا، باقي ٻئي ڌريون ته روس سان راضي هيون. ملٽن بيئرڊن (جيڪو سي آءِ اي جو پاڪستان ۾ 1986 کان 1989 تائين نمائندو رهيو) ان جي مطابق افغانستان ۾ فوجي جٿا ويھ هزار تائين وڌايا ويا هئا ته جيئن روس جي حملن کي ٻنجو ڏجي. 1983 تائين آمريڪا ته رڳو پئسن جي امداد هلائي، هن پنهنجي ساخت جا هٿيار افغان مجاهدين کي نه ڏنا ته متان اهي پڪڙجي پون ۽ آمريڪي مداخلت ظاهر ٿي پئي ۽ روس جي ڪاوڙ ۾ اضافو اچي وڃي يا روس وري آمريڪا سان سڌو ٿي پئي، ڇو ته اتي جهيڙو وري ٻن سپر پاورن جو ٿي پئي ها.

آمريڪي سفير رونالڊ اسپيئر (جيڪو ان وقت پاڪستان ۾ مقرر هو) ان مطابق آمريڪا کي اهڙا احتياط ڪرڻ ضروري هئا، ان ڪري مجاهدين کي اسرائيل ۽ چيني ساخت جا هٿيار هئا ته جيئن روس کي ڪو شڪ نه ٿئي. صدر ريگن جي سرڪار 1985 ۾ وري دل ٻڌي، جو هنن اهو قطعي فيصلو ڪيو ته روس جي ريڊ آرمي کي مڪمل طور تي افعانستان مان ڀڄائڻ جي لاءِ هاڻي آمريڪا کي سڌي طرح سامهون اچڻو پوندو ته جيئن انهن کي افغانستان مان ڌڪي ڪڍي سگهي. آخرڪار ڪانگريس جي هڪ زبردست بحث کانپوءِ صدر ريگن اهو فيصلو ڪيو ته مجاهدين کي اينٽي ڪرافٽ ميزائيل ڏنا ويندا ته جيئن اهي زبردست مقابلو ڪري سگهن، آمريڪا جو اهڙو فيصلو سيپٽمبر 1986 تائين توڙ تائين نه پڳو، پر آخرڪار هنن طالبان کي پنهنجي ساخت جا هٿيار مهيا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. آمريڪا کي اهو به خوف هو ته جي اهي آٽوميٽڪ هٿيار ٽين دنيا ۾ ڦهلجي ويا ته اهو وري هنن جي لاءِ خطرناڪ هوندو، جو انهن کي وري ڪير روڪي نه سگهندو، جيڪي 1990 کان 2001 تائين واقعي کي غلط هٿن ۾ رهيا، جنهن جو ڏوھ وري به آمريڪا، سي آءِ اي ۽ لوڪل ايجنسين جي سر تي آهي، ڇو ته انهن خطرناڪ هٿيارن جي ترسيل، طالبان کي گهربل تربيت ڏيڻ به سي آءِ اي ۽ لوڪل ايجنسين جي فرضن ۾ شامل هو. ان وقت سي آءِ اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ”جان ميڪ ميهن“ جو چوڻ هو ته آءِ ايس آءِ جي ان کانپوءِ حت الامڪان ڪوشش رهي ته اهي هٿيار ڪنهن صورت طالبان وٽان ختم ٿين. تباھ ٿين ڇو ته انهن جي ترسيل جي لاءِ ڪراچي، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ڪوئيٽا جا ايئرپورٽ استعمال ٿيندا هئا ته جيئن اهي چمن ۽ طورخم بارڊر جي ذريعي طالبان تائين پڄن. لوڪل ايجنسين جو وري سي آءِ جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گهڻي ڪوشش رهي ته اهي جيڪي به ڪم ۽ هدايتون عمل ۾ آڻين ته جيئن ڊالر وغيره ملن ته اهي لوڪل ايجنسي ۽ طالبان ورهائي ونڊي کائين. لوڪل ايجنسي ۽ سي آءِ اي جي لاءِ اهو چوڻ مشهور آهي ۽ ٺهي ٿو ته انهن اسٽيٽ جي اندر اسٽيٽ ٺاهي ورتي هئي (۽ آهي) وري لوڪل ايجنسي اهڙن گروهن کي سڃاڻڻ ۽ مڃڻ کان نابري واري ڇڏي هئي، جيڪي غير اسلامي ۽ اڻ ڌاريا هئا، اهي نه ئي ڪو پختون قومپرست پارٽي جا هئا ۽ نه ئي افغان ملت پارٽيءَ جا ۽ نه ئي ڪنهن افغان رايل فيملي تي هٿ کنئين، جيڪي قانوني توڻي غير قانوني طور پاڪستان ۾ ۽ افغانستان ۾ هلن پيا. ان ڪري لوڪل ايجنسيءَ تي ڪنهن آڱر نه کنئي، پر سي آءِ اي انهن تي هٿ رکيو، ان جي سڃاڻپ ۽ تصديق ڪئي جيڪي هنن جي پاليل، پوئلڳ، پوئواري ڪندڙ يا هنن جا تربيت يافتا هئا. سي آءِ اي وري اهڙن گروهن، گروپن ۽ جٿن جي مدد ڪندو رهيو ۽ انهن کي پنهنجي ڪڇ ۾ رکيون آيو، جيڪي ڳڻپ ۾ ست گروھ هئا، جن کي لوڪل ايجنسين نوازيو ۽ انهن ۾ انعام ۽ اڪرام ورهائيندو رهيو.

1988ع ۾ سوويت صدر ميخائيل گوربا چوف توبھ ڪري ڀڄي جان ڇڏائي ۽ پنهنجي رهيل کهيل فوج ڪڍي وٺي ڀڳو، حالانڪه صدر گووربا چوف صدر نجيب الله جي ملٽري جي ۽ سندس حڪومت جي مدد به ڪندو رهيو، جيڪو افغان سرڪار جو ڪميونسٽ رهنما هو. سي آءِ اي جي اها به خواهش هئي ته رڳو روس ڀڄي نڪري پوءِ ڀلي نجيب الله جي سرڪار اڃان سال ڪڍي. ان ۾ ڪا پريشاني ناهي ڇو ته لوڪل ايجنسي ۽ سي آءِ اي جي گڏيل ڪوششن ۽ آسرن جي ڪري آمريڪا کي پڪ هئي ته روس ڀڄندو، جو افغانستان ۾ رهي روسي فوجي نشئي ٿي ويا هئا ۽ کوڙ سارا وري وچڙندڙ بيمارين ۾ به وٺجي ۽ وڪوڙجي ويا هئا، پر نجيب الله اهڙن ڳالهين جو انڪاري رهيو جنهن ۾ روس جي ناموس خراب ٿئي، پر روس جي نڪري وڃڻ کانپوءِ سي آءِ اي رڳو هڪ سال جي مجاهدين ۽ لوڪل ايجنسين جي مدد ڪندو رهيو. ايتري ۾ ڪوويت ۾ عراقي جنگ جي ڪري سي آءِ اي جو توجھ گھٽجي ويو، ڇو ته مجاهدين کي جيڪي به امدادون ملن پيون، اهي وهابي گروهن ۾ ورهائجي پئي ويون، جنهن جي اڳواڻي حڪمت يار ولي پئي ڪئي.

حقيقت ۾ آءِ ايس آءِ گلبدين حڪمت يار مجاهدن جي گروهن جو ڪمانڊر هو ۽ حڪمت يار وري ڪشمير ۾ اسلامي گروهن جو وڏو اڳواڻ ۽ ويڙهو رهيو، احمد شاھ مسعود وري مجاهدين جو وڏو پراثر اڳواڻ ۽ ويڙهو هو، توڻي جو تاجڪ ايترا ويڙها نه هئا، پر پوءِ به انهن مجاهدن ۾ شامل هئا ضرور. حالانڪه لوڪل ايجنسي انهن جي انعامن اڪرامن ۽ ورڇ ونڊ ۾ ڦيرڦار به ڪندو رهيو، جيڪو هنن جي وچ ۾ ڏڦيڙ جو باعث به هو. وري سي آءِ اي جي اهڙي ڪرم نوازي جي ڪري ڀارت آمريڪا کان پاسي تي رهيو، جو هنن جي ڪارواين جي ڪري ڪشمير ۾ ڪاررواين ۾ اضافو اچي ويو هو يا اهي ڪشمير جي ڪاز جنهن ۾ ڀارت جو فائدو هو، سو وري ڌڪجي پيو هو، پر لوڪل ايجنسي ۽ سي آءِ اي جون گڏيل ڪوششون، امدادون، آشيرواد پاڪستان ۾ اسلام جي پرچار ۾ مسلسل ڪردار ادا نه ڪر سگهيا. ان عرصي ۾ ڪشمير ۾ مزاحمت ۽ مجاهدين جي پوئيواري وري هلائي نه سگهيو، جنهن شدت ۽ جوش سان ضياءُ جي دور ۾ هلندي آئي، ڇو ته روس جي ٽٽڻ سان سي آءِ اي به ٽپڙ ويڙهيا، ضياءُ جو دور پڄاڻيءَ تي پهتو، مجاهدين به جهڪا ٿي ويا، وري اهي ڊالر، آشيرواد جهڪا ٿي ويا، جو الٽو نائن اليون ۾ طالبان تي ابتو سٽڪو شروع ٿي ويو، ساڳيا ئي ڏنل پئسا ڄڻ سندن نڙيءَ مان، انهن جي نسلن مان ان جي نسل ڪشي ڪندي واپس موٽايا ويا، جو آمريڪا وري اهو سمجهيو ته پاڪستان جي ايٽمي طاقت کي منجهائڻو هو يا اسلام ۽ مسلمانن کي ٽون ٽاور جي بهاني خوار ڪرڻو هو.

پر اها حقيقت آمريڪا مڃي ته سندن اهڙي ڪڌي حرڪت ڪنهن ڪم جي نه ٿي، جو ويهن سالن تائين پاڪستان ۾ ضرب عضب ۽ ردالفساد آپريشن جي بهاني، ڊرون حملن جي نتيجي ۾ 87 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ماري به هنن ڪجھ حاصل نه ڪيو. آمريڪا جي مٿي جو سور اصل ۾ چائنا هو، جيڪو هنن کي وري 2001 ۾ سمجھ ۾ نه آيو، جو ايستائين چائنا سي پيڪ، گوادر پورٽ ۽ ٻيا الائجي ڪيترا پروجڪيٽ به هلائي چڪو، جنهن ۾ ڀاشا ڊيمن کان وٺي موٽرويز جا پروجيڪٽ به شامل آهن، پر آمريڪا جي ٿنڪ ٽئينڪ رڳو افغانستان ۾ منجهيل رهي، هنن جون ننڊون وري اهڙي ئي صورت ڦٽيل رهيون، جهڙي صورت اهي روس جي ڪڍ پيل هئا ۽ روس کي ٽوڙي هنن ساهي پٽي، پر هاڻي ته روس ۽ چين وري اڀري آيا، پر اهو به مڃڻ ضروري آهي ته افغان ويڙهن جي ڪري جن ۾ پاڪستاني طالبان ۽ پاڪستاني ويڙها به شامل هيا، جيڪي انهن طالبان جي تربيت سان گڏ ويڙھ به ڪندا رهيا، انهن جي ذهنن ۾ روس سان آمريڪا کان پئسا وٺي وڙهڻ، ڪنهن ڪافر سان وڙهڻ هيو، جو اهي جنت کٽڻ جي ڊوڙ ۾ هيا، معنيٰ هڪڙي ڪافر پئسا ڏنا، وڙهيا مسلمان ۽ مئا وري به ڪافر. لوڪل ايجنسين ۽ سي آءِ اي جو اهو ڪمال پروجڪيٽ هيو، جنهن ۾ هنن گڏجي روس جي ريڊ آرمي کي ٽوٽا چٻايا، هزارين فوجي گوريلا ويڙھ جو شڪار ٿي ويا، جو افغانستان جي جبلن ۾ ويڙهي، سوگهو ڪري، انهن جي چوڦير ڪڙو چاڙهي پاڪستاني ۽ افغاني طالبان ۽ پختونن روس جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو.