بلاگنئون

سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ سرڪار جي لاتعلقي

سنڌ جي اندر ڏينهون ڏينهن بدامني عروج تي پهچندي پئي وڃي ائين پيو لڳي ڄڻ ته جهنگ جو قانون هجي ماضيءَ ۾ سنڌ اندر ڌاڙيلن جو راڄ هو ۽ اهي پڪي مان ماڻهو اغوا ڪري درياءَ جي ٻئي طرف ڪچي جي ٻيلن ۾ ماڻهو رهائيندا هئا ۽ ڀنگ عيوض انهن کي آزاد ڪندا هئا، پر وقت تبديل ٿي ويو ۽ هن وقت هر گهٽي شهر ۽ ڳوٺ ۾ روزانو ڪيتريون ئي وارداتون مختلف نموني ٿين ٿيون، پر چورن جو ڪو ڏس پتو نٿو ملي ۽ سڀ بيوس بڻجي چڪا آهيون. پراڻي دور ۾ سنڌ مڪمل طور تي امن جي هنج ۾ هوندي هئي ۽ ماڻهو سک جا ساهه کڻي سڪون سان زندگي گذاريندا هئا، پر وقت جي وير اهڙي گهلي جو سنڌ سونهاري سورن ۾ گذارڻ لڳي.

اهي سور نه رڳو ڌارين طرفان مليا، پر پنهنجن به وسان نه گهٽايو. ڪڏهن سياسي سور ته ڪڏهن سماجي سور ته ڪڏهن معاشي سور سنڌ کي ساڻو ڪري ڇڏيو آهي. ماضيءَ ۾ جڏهن جنرل ضياءُ الحق مارشل لا لاڳو ڪري جمهوريت کي لانگ بوٽن سان لتاڙيو ۽ جمهوريت جي سرواڻ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو ۽ تشدد واري پاليسي اپنائي عام ماڻهن کي سر عام ڦٽڪا هڻي گوليون هڻي بنا ڪنهن ڏوهه جي موت جي منهن ۾ ڌڪيو ويو ته اهو سنڌ جو سياسي سور هو جيڪو ڪڏهن به وسرڻو ناهي ۽ ان سور جي خلاف جڏهن سنڌ رد عمل پيش ڪيو ۽ ايم آر ڊي جي ڀرپور تحريڪ هلائي ته ان جي نتيجي ۾ سوچيل سمجهيل منصوبي جي مطابق سنڌ جي ڳچيءَ ۾ ڌاڙيل وڌا ويا ۽ ايتري ته بدامنيءَ جنم ورتو هو جو ماڻهن جي لاءِ گهرن مان ٻاهر نڪرڻ ناممڪن بڻجي ويو هو. اهو سياسي ۽ سماجي سور تاريخ جو ڪارو باب لکيو ويو.

ائين سنڌ ۾ خطرناڪ ٻوڏ آئي ۽ مڪمل طور تي سنڌ کي ٻوڙي ويئي ماڻهو پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي بيوسيءَ جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي پيا ٽي سال گذرڻ باوجود ماڻهو پنهنجي اباڻن ڪکن ڏي واپس نه اچي سگهيا آهن، جيڪا اسان جي حڪمرانن جي نااهلي ٿي سگهي ٿي. ان نااهليءَ جي نتيجي ۾ غربت ۽ مهانگائيءَ جو طوفان کڙو ٿيو ۽ بدامني جي فضا قائم ٿي ۽ قتل و غارت وڌڻ لڳي ائين سنڌ جو سرمايو بينظير ڀٽو جي شهادت، بشير خان قريشي جي شهادت، اجمل ساوند جو قتل، پروفيسر غلام مرتضيٰ جلباڻي سميت سوين اهم شخصيتن جي ناحق قتل جو مثال اسان جي سامهون آهي. اهڙين وارداتن کانپوءِ اسانجو آئيندو تمام گهڻو اونداهو ڏسڻ ۾ اچي پيو. اها بدامنيءَ جي لهر ڪا اوچتي نه آئي آهي، پر ان پويان باقاعده هڪ حڪمت عملي جڙيل آهي جنهن کي سنڌ جو سازشي ٽولو چئي سگهون ٿا. دنيا جي تاريخ پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن به غربت پيدا ٿيندي آهي، تڏهن بدامنيءَ جا ڀوت بوتلن مان نڪري ايندا آهن ۽ هو پوري معاشري کي باهه وانگر وڪوڙي ويندا آهن.

هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته بدامنيءَ کي روڪڻ لاءِ سرڪار وٽ جيڪي ادارا آهن اهي ڇا پيا ڪن. اهي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ کان ڇو پيا لنوائين. سڀ فورس رڳو حڪمران جي ها ۾ ها ملائڻ ۽ سندن پروٽوڪول ۾ پورا آهن جڏهن ته امن امان جو قيام سندن ذميواريءَ ۾ شامل آهي. سياسي عدم استحڪام ۽ غلط حڪمرانيءَ جي نتيجي ۾ سنڌ جا سور ٻيڻا ٿيندا پيا وڃن. سنڌ اڳ ۾ ئي ڪمزور هئي مٿان وري بدامنيءَ جي باهه ويتر سنڌ کي ساڙي رهي آهي. هن مهل سنڌ جو اهو حال آهي جو ماڻهو پنهنجن گهرن به محفوظ ڪونهن. رستن تي گاڏين ۽ ماڻهن جون ڦرون عام آهن. لاقانونيت جو لشڪر عام ماڻهن تي حاوي آهي. هن وقت سنڌ کي بدامنيءَ کان بچائڻ لاءِ ڀرپور تحريڪ هلائڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته جيڪڏهن بدامني رهي ۽ عام ماڻهن جون جانيون محفوظ نه رهيون ته هرڪو پاڻ بندوق کڻي پنهنجي حفاظت لاءِ تيار ٿي بيهندو ۽ جهنگ جو قانون رائج ٿي ويندو. ان ڪري عوام کي بيدار ٿي حُڪمرانن کي غفلت جي ننڊ مان جاڳائڻو پوندو.

جيڪڏهن اَڃان ائين خاموش رهياسين ته سنڌ وڌيڪ بدامنيءَ جي باهه ۾ سڙي رک ٿي ويندي. سِنڌ ۾ اَمُن امان جي ذميوار پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا آهن، جيڪي سڀ سِنڌ حُڪومت جي سرپرستيءَ هيٺ ڪم ڪري رهيا آهن. انهن سڀني جي ذميواري آهي ته سِنڌ ۾ امن امان جي فضا قائم ڪرڻ. اَغوا ٿِيل ماڻهو بازياب ڪرائڻ ۽ ڏوهن تي ضابطو آڻي مُڪمل اَمُن امان ڪرايو وَڃي ۽ ڏوهارين کي قانون موجب سخت سزا ڏياري وڃي ان ۾ ئي سنڌ ۽ سنڌين جو ڀلو آهي.