بلاگنئون

ماتلي جي عظيم  شخصيت قاسم حيدر

قاسم حيدر سمون ماتلي جي تمام وڏي سڃاڻپ جيڪا نا آشنائي سبب ڪنھن کي نظر نه ٿي اچي. قاسم حيدر سمون 10 جنوري 1955ع تي جوڻ تعلقي ٽنڊو غلام حيدر ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو حيدر بخش سمون آهي. هن پرائمري تعليم اسماعيل خان نظاماڻي پرائمري اسڪول ٽنڊو غلام حيدر مان حاصل ڪري مڊل جي تعليم اسلاميه مڊل اسڪول جمال الدين لاشاري ڊوڪيه واهه مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ ماتلي مان پاس ڪئي. هن صحافتي زندگي جي شروعات هاءِ اسڪول مان تعليم پرائڻ دوران ڪئي ۽ ماتلي مان رپورٽنگ ڪرڻ لڳو، جنهن بعد روزاني عبرت جي فلم ايڊيشن جو انچارج مقرر ٿيو. هن عبرت گروپ آف پبليڪيشن، عبرت مئگزين، ڪاوش مئگزين، روزاني سنڌ نيوز حيدرآباد، روزاني مهراڻ حيدرآباد، ماهوار مُکڙي پبليڪيشن حيدرآباد، سنڌي پبليڪيشن حيدرآباد، ماهوار پارس ڪراچي، سنڌيالاجي ڄامشورو جي پرک مئگزين ۾ مختلف وقتن تي صحافتي خدمتون سرانجام ڏنيون. سنڌيالاجي ڄامشورو ۾ ڪم ڪيائين. 1998ع ۾ روزاني سوال حيدرآباد جو ايڊيٽر پڻ رهيو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ آرٽ، سائونڊ ۽ فلم سيڪشن جو انچارج رهيو. صحافتي زندگيءَ ۾ قاضي عبدالمجيد عابد، قاضي اسد عابد، شيخ عزيز، خير محمد کوکر، محمود يوسفاڻي، پروانو ڀٽي، مدد علي سنڌي، عبدالغني درس، شهزادو گلفام ۽ ٻين ناليوارين شخصيتن سان گڏ ڪم ڪيو. صحافتي زندگيءَ ۾ شهزادو گلفام سندس استاد رهيو. 1974ع کان 1986ع تائين هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن تي اسڪرپٽ رائيٽر، ڪمپيئر ۽ نيوز ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. هن اسٽيج ڊراما رائيٽر ۽ ڊراما آرٽسٽ طور پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو. 1974ع کان 1987ع تائين هن حيدرآباد ۾ سماجي ۽ ثقافتي پروگرام منعقد ڪرايا. بدين جي لاڙ ميوزيم جو انچارج پڻ رهيو، جڏهن باباءِ ثقافت رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پنهنجي آتم ڪٿا جو ڪتاب “ڪيئي ڪتاب” لکي رهيو هو ته هن سنڌيالاجي ۾ نوڪري دوران ساڻس گڏ ڪم ڪيو،

ان سان گڏوگڏ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو راڳ سڀني سُرن ۾، داستان دودو چنيسر، سنڌي موسيقي جي سمورن ائٽمن تي ڪم ڪيو. هن سنڌي ٻولي جي اسڪالرن، ليکڪن، شاعرن ۽ لوڪ ڏاهپ جي ماهرن ۽ سگهڙن کان انٽرويو پڻ ڪيا. هي جاکوڙي شخص پُراڻا سنڌي گرامو فون رڪارڊ ۽ موسيقي جون مختلف صورتون گڏ ڪرڻ جو شوقين رهيو، هن سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان گريجوئيشن ڪري، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان جرنلزم ۽ پاڪستان اسٽڊي ۾ ايم. اي ڪئي. سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشورو ۾ رهائش دوران سنڌي ادبي سنگت شاخ ڄامشورو جو سيڪريٽري پڻ رهيو. ڳوٺ سُڌار سنگت، شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي، ڊاڪٽر اينيميري شمل انسٽيٽيوٽ آف ماڊرن لئينگئيج جي سيڪريٽري طور پڻ خدمتون سرانجام ڏنائين، مختلف سماجي، فلاحي ۽ ثقافتي تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو، حيدرآباد ۽ ڄامشورو ۾ رهائش دوران علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ سان گڏوگڏ، شاعري ڪيائين، فڪشن، مضمون ۽ ڪالم پڻ لکيائين جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشنل ٽيڪنالاجي ۾ 1987ع ۾ ٽي وي ۽ ريڊيو پروڊيوسر طور ڪم ڪيائين.

1992-1991ع ۾ ٽوڪيو (جاپان) مان ٽريننگ پڻ ڪري آيو، هن ٽوڪيو ۾ رهائش دوران “جاپانين جي رهڻي ڪهڻي” جي موضوع تي ٽي وي لاءِ ڊاڪيومينٽري پڻ پيش ڪئي، جنهن بعد وري علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد ۾ پروڊيوسر، سينيئر پروڊيوسر، ڊپٽي ڊائريڪٽر، ڊائريڪٽر طور ٽي وي، ريڊيو، اليڪٽرڪ ميڊيا پبليڪيشن، پبلڪ ريليشن ايڊورٽائيزمينٽ، ايونٽس مئنيجمينٽ پبليڪيشن پبلڪ ريليشن ۾ شاندار طريقي سان خدمتون سرانجام ڏنائين. ڊائريڪٽر ٽي وي، ريڊيو، ڊائريڪٽر انفارميشن سروس، ڊائريڪٽر بيورو آف يونيورسٽي ايڪسٽينشن، اسپيشل پروگرام ۽ پروجيڪٽس، ڊائريڪٽر اڪيڊمڪ ڪمپليڪس ۽ آفيسر ڪلب طور به ڪم ڪيائين. آفيسرز ويلفيئر ايسوسيئيشن جو صدر، ايجوڪيشنل براڊ ڪاسٽرز فورم اسلام آباد جو صدر پڻ رهيو، اسلام آباد ۾ رهائش دوران 2004ع کان 2006ع تائين وفاقي وزير نارڪوٽڪس ڪنٽرول محترم غوث بخش مهر جو پرائيويٽ سيڪريٽري رهيو. 1993ع کان 1996ع تائين وزيراعظم پاڪستان محترمه بينظير ڀٽو جي اسپيچ رائيٽر طور ڪم ڪيائين. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، بُلي شاهه ۽ ٻين صوفي بزرگن تي وڊيو ڊاڪيومينٽريز پڻ ٺاهيون آهن. پيار ۽ خدمت سندس نظر ۾ حقيقي عبادت آهي، جنهن خاطر هو هر وقت پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو. هن جي خواهش آهي ته هو سنڌ جي تعليم جي بهتري لاءِ خاص طور پرائمري تعليم جي سُڌاري ۽ واڌاري لاءِ تعليم کاتي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي. هي پنهنجي آٽو بايوگرافي پڻ لکي رهيو آهي، اميد آهي ته سندس اها آٽو بايوگرافي هڪ تاريخي دستاويز طور سامهون ايندي. هن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، امر جليل، ڊاڪٽر اين بي جماڻي، جي سرپرستيءَ ۾ صوفياڻي راڳ سميت صوفياڻي تعليم جي مختلف موضوعن تي 40 سالن کان وڌيڪ عرصو ڪم ڪيو آهي. علامه اقبال يونيورسٽي اسلام آباد ۾ هن بهترين منصوبا بندي سان 125 کان وڌيڪ ڪورس سهيڙي، ترتيب ڏئي شايع ڪرايا، جنهن مان “سنڌي، پنجابي، پشتو، بلوچي بول چال” تمام گهڻي شهرت ۽ پذيرائي ماڻي، سندس انهن ڪورسز کان متاثر ٿي 1996ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو علامه اقبال يونيورسٽي اسلام آباد جي هڪ تقريب دوران داخلا پڻ ورتي. “ننڍي کنڊ جا صوفي” جي موضوع تي سندس تحقيقي ڪتاب ڇپائي جي آخري مرحلي ۾ آهي. ننڍي کنڊ جي صوفين تي تحقيق دوران هن پنهنجي ڪم جي تڪميل لاءِ انڊيا جي پنجن وڏن شهرن نيو دهلي، آگره، فتح پور، سيڪري، جئه پور سميت اجمير شريف جو تفصيلي سير ڪري معلومات جمع ڪئي. سندس جفاڪشي جو مثال اهو آهي ته هن ٻه سئو کان وڌيڪ ٽي وي پروگرامن ۽ ٻه هزار کان وڌيڪ ريڊيو ۽ آڊيو پروگرام ڪيا آهن. 2015ع ۾ رٽائرمينٽ وٺي اسلام آباد ۾ پنهنجي فيملي سميت رهائش پذير آهي، ان بعد به هو ٿڪجي ماٺ ڪري نه ويٺو آهي ۽ اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي وزيٽنگ فيڪلٽي طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.