بلاگنئون

عورت ۽ سائنس: علم جي دنيا ۾ شاندار مقام‎

سائنس روشني آهي، جيڪا ڪنهن هڪ صنف تائين محدود نٿي ٿي سگهي. جيڪڏهن اسان عورتن کي سائنس جي ميدان کان ڌار رکنداسين ته اسان فقط اڌ دنيا جو مشاهدو ڪري سگهنداسين، هڪ نامڪمل دنيا، هڪ اڌورو علم!” انسان جي ترقي جو دارومدار علم ۽ تحقيق تي آهي ۽ سائنس ان علمي واٽ جو روشن مينار آهي، جنهن ذريعي انساني شعور اڳتي وڌي ٿو، پر جيڪڏهن اسان شعور جي هن سفر کي فقط هڪ مخصوص صنف تائين محدود ڪري ڇڏيون ته ڇا هي سفر مڪمل چئبو؟11  فيبروري سائنس ۾ عورتن جو عالمي ڏينهن اسان کي انهيءَ سوال تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو ته آخر ڇو، جديد دور ۾ به عورتن لاءِ سائنسي ميدان مڪمل طور تي کليل ناهي؟ ڇو اڃان تائين سائنسي تحقيق، ايجادن ۽ نئين دريافتن جي دنيا ۾ عورتن کي برابريءَ جو مقام حاصل ناهي؟ ڇا اسان پنهنجي علمي ادارن، تحقيقي مرڪزن ۽ معاشرتي ذهنن تي روايتن جا تالا لڳائي ڇڏيا آهن، جيڪي عورتن جي اڳيان رستا روڪ بڻجي بيٺا آهن؟

تاريخ گواھ آهي ته عورتن جو علم ۽ سائنس سان رشتو نئون ناهي، بلڪه انساني تهذيب جي ابتدا کان وٺي، هوءَ هن ميدان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي آئي آهي، پر وقت جي وهڪري انهن جي نالن کي ڌوئي ڇڏيو يا تہ سندن محنت جو اعتراف گهڻي دير سان ٿيو، يا وري سندن علمي حيثيت کي نظرانداز ڪيو ويو.

Hypatia of Alexandria چوٿين صدي يوناني رياضي دان، فلسفي ۽ فلڪيات جي عظيم عالمه جنهن جو علمي سفر مذهبي انتهاپسندن جي هٿان ختم ٿيو. مريم الاسطرلابي (10 هين صدي) عرب سائنسدان، جنهن نيويگيشن جي اوزارن ۾ اهم واڌارو آندو، پر سندس نالو اڄ به عام ماڻهن لاءِ اجنبي آهي. ميري ڪيوري (1867-1934) ريڊيو ايڪٽوٽي تي ڪم ڪندڙ، پهرين عورت نوبل انعام يافته سائنسدان، جنهن جي دريافتن سائنس ۾ نئين دور جو آغاز ڪيو. روزالينڊ فرينڪلن (1920-1958) ڊي اين اي جي جوڙجڪ کي معلوم ڪندڙ، جنهن جي تحقيق جو ڪريڊٽ ٻين سائنسدانن کي مليو. گريس هاپر (1906-1992) ڪمپيوٽر پروگرامنگ جي دنيا ۾ انقلاب آڻيندڙ، جنهن جو ڪردار تمام دير سان تسليم ڪيو ويو. اهي فقط چند مثال آهن، پر حقيقت هيءَ آهي ته هزارين عورتن جا نالا يا ته وساري ڇڏيا ويا يا وري سندن محنت جو اعتراف ڪنهن ٻئي جي نالي سان ڪيو ويو.

سوال هي ناهي ته ڇا عورتون سائنس ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، بلڪه سوال هي آهي ته آخر ڇو اڄ به سندن واٽ ۾ رڪاوٽون موجود آهن؟ ڇوڪرين کي ننڍپڻ کان ئي اهو سيکاريو وڃي ٿو ته سائنس هڪ “مشڪل” يا “مردن لاءِ مخصوص” ميدان آهي. سماجي ذميوارين جو بار اڪثر عورت تي وڌيڪ وجهي، کيس تحقيق کان پري رکيو وڃي ٿو. عورتن لاءِ سائنس کي غير رواجي چونڊ سمجهي، انهن کي اهڙن ميدانن کان پاسيرو رکيو وڃي ٿو. سائنس، انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ عورتن لاءِ موقعا محدود آهن. تحقيقاتي فنڊن ۽ اسڪالرشپس ۾ به فرق موجود آهي، جتي مردن کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. مردن جي مقابلي ۾ عورت سائنسدانن کي قيادتي عهدن تائين رسائي مشڪل سان ملي ٿي. ڪيترن ئي عورت سائنسدانن جي ايجادن جو ڪريڊٽ مردن کي ڏنو ويو. سائنسي ادارن ۾ فيصلا سازيءَ واري سطح تي عورتن جي نمائندگي تمام گهٽ آهي. ڪيترين عورتن کي سندن محنت باوجود تحقيقاتي ميدانن ۾ مناسب مقام نه مليو. جيڪڏهن اسان واقعي علم جي مڪمل روشنيءَ کي ڏسڻ چاهيون ٿا ته پوءِ سائنس ۾ عورتن جي حقيقي حيثيت کي تسليم ڪرڻو پوندو. جڏهن مختلف تجربن، نظرين ۽ پسمنظرن جا ماڻهو سائنس جي تحقيقاتي دنيا ۾ شامل ٿيندا ته نتيجا به وڌيڪ متوازن ۽ جديد نڪرندا.

جيڪڏهن عورتون فقط محنتي محقق رهيون، پر قيادت ۾ نه آيون ته پوءِ فيصلا سازيءَ ۾ سندن حصو گهٽ رهندو ۽ سائنس جو رخ مخصوص سوچن تائين محدود رهندو. جيڪڏهن اسان حقيقي ترقي چاهيون ٿا ته پوءِ عورتن کي سائنس ۾ برابر مقام ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي. ڇوڪرين لاءِ خاص طور تي STEM (Science, Technology, Engineering, Mathematics)، تعليم جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. اسڪالرشپس، تحقيقاتي فنڊ ۽ خاص پروگرام عورتن لاءِ وڌائڻا پوندا. عورتن لاءِ قيادتي عهدن تي پهچ آسان بڻائڻي پوندي. فيصلا سازيءَ واري سطح تي عورتن جي شموليت وڌائڻي پوندي. اسڪولن ۽ ڪاليجن جي نصاب ۾ عورت سائنسدانن جا سبق شامل ڪرڻ گهرجن. ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي عورتن جي علمي خدمتن کي نمايان ڪيو وڃي.

”جيڪڏهن اسان سائنس مان عورتن کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته اسان فقط اڌ دنيا جو مشاهدو ڪري سگهنداسين، هڪ نامڪمل دنيا، هڪ اڌورو علم! “اڄ جو ڏينهن فقط هڪ جشن ناهي، بلڪه هيءَ خود احتسابي جو ڏينهن آهي. اسان کي پاڻ کان پڇڻ گهرجي ته ڇا اسان واقعي علم جي روشنيءَ کي سڀني لاءِ کوليو آهي؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ هاڻ وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجي سوچ، ادارتي پاليسين ۽ سماجي نفسيات کي نئون رخ ڏيون. جيڪڏهن اسان نئين دنيا ٺاهڻ چاهيون ٿا ته پوءِ اسان کي سائنس ۾ عورتن جي حقيقي جاءِ کي تسليم ڪرڻو پوندو. روشني سڀني لاءِ هجڻ گهرجي، بنا ڪنهن امتياز جي!