پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ بهتر رياستي عملداري جي ڳالهه ڪئي آهي. هن اها ڳالهه ميونخ ۾ سلامتي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي آهي. هن اهو چيو ته اسان کي نوان نوان چئلينج سامهون اچي رهيا آهن، پر اسين اجتماعي طرح متحد آهيون ۽ مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. نه مسئلا اسان لاءِ نوان آهن، ۽ نه اسانجو عزم پراڻو ٿيو آهي. اڳ به اسان رياستي عملداري کي بحال رکيو آهي، اڄ به رکنداسين ۽ ايندڙ مستقبل ۾ به اسانجي رياستي عملداري اڃا به مضبوط بنيادن تي قائم ٿيندي.
هن اهو به چيو ته پاڪستان اڳ ۾ به دهشتگردي کي شڪست ڏني آهي ۽ هن وقت به دهشتگردي کي شڪست ڏينداسين. هو پرعزم هو ته ڪنهن کي به رياست جي عملداري چئلينج ڪرڻ جي اجازت نه ڏبي. ملڪ جا اعليٰ ادارا رياست جي عملداري جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. پاڪستاني فوج، پارليامينٽ يا اعليٰ عدليه هجي اهي سڀ ملڪ جي استحڪام لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. اهي سمورا اسان جا ادارا آهن، پاڪستان جا ادارا آهن ۽ پاڪستان هڪ مضبوط ملڪ آهي. جيڪو امن ۽ ترقي جي راهه تي هلي رهيو آهي. انهيءَ راهه تان اسان کي ڪوبه هٽائي نه ٿو سگهي. ڪنهن به گروهي ۽ سياسي عمل کي اها اجازت نه ڏبي ته اهي اسانجي رياست جي عملداري کي چئلينج ڪن. ملڪ جا سڀ اعليٰ ادارا پاڪستاني فوج، اعليٰ عدالت، پارليامينٽ، وفاقي صوبائي حڪومتون سڀ چاهين ٿا ته ملڪ جا ادارا مضبوط هجن ۽ عوام خوشحال هجي. اجتماعي قدمن ۽ اتفاق راءِ سان ئي مسئلن جو حل ممڪن آهي. اسين ملڪ ۾ جيڪي مسئلا آهن، انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد آهيون ۽ رڳو اسان وٽ نه، پر دنيا ۾ به نوان نوان چئلينج سامهون اچي رهيا آهن. اسين پنهنجي جمهوري نظام کي بحال رکنداسين ته اهو ملڪ جي ماڻهن لاءِ قانونسازي ڪندو رهي ۽ انهن جي بهتري لاءِ ڪم ڪندو رهي.
ڪنهن به ملڪ ۾ جمهوري نظام جڏهن رڪاوٽ جو شڪار ٿئي ٿو يا ختم ٿي ٿو وڃي، تڏهن ان جي بحال ٿيڻ ۾ نسل لڳي وڃن ٿا. اسانجي ملڪ سان گڏ دنيا کي به چئلينج درپيش آهن. جن لاءِ ڪيترن ئي ملڪن ۾ مختلف موضوعن تي ڪانفرنسون ٿي رهيون آهن. ميونخ ۾ سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته اسين ڪنهن به سياسي ڌر کي رياست جي عملداري چئلينج ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هن پاڪستان تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪئي ته اها ملڪ لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهي آهي ۽ اسانجي ملڪ جو نوجوان اڄ ڪلهه جيڪڏهن مايوس آهي ته انهيءَ ۾ باني پي ٽي آئي جو ڪردار صاف نظر اچي ٿو. ڪنهن به سياسي جماعت کي پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ اهڙين انتهائن تي نه وڃڻ گهرجي. جهڙي انتها تي اها سياسي جماعت وئي آهي. ملڪ جو وجود آهي ته سڀني جو وجود آهي. جمهوريت آهي ته سڀئي سياسي جماعتون انهيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. انهيءَ ڪري ڪنهن به سياسي جماعت کي جمهوريت جي خلاف ڪم نه ڪرڻ گهرجي. اها ئي ڳالهه پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صاحب سلامتي ڪانفرنس ۾ چٽي طرح ڪئي آهي. هن اهو چيو آهي ته رياست جي عملداري کي چئلينج ڪرڻ جي اجازت ڪنهن کي به نه ڏبي ۽ تنقيد کي جمهوري دائري جي اندر ڀليڪار ڪبي، پر اجائي ۽ غير مناسب تنقيد اعليٰ اخلاقي اصولن جي به خلاف آهي ۽ ملڪ جي وحدت ۽ سلامتي جي لاءِ به سوال اٿاري ٿي. انهيءَ ڪري اهڙي سياسي عمل جي مخالفت ڪبي. پوءِ اهو عمل پي ٽي آئي ڪندي هجي يا ڪا ٻي پارٽي ڪندي هجي. اسانجي ملڪ جي خودمختياري ۽ سلامتي هر ڳالهه کان اهم آهي. هر سياسي پارٽي، هر سياسي اڳواڻ کان اسانجو وطن پاڪستان وڌيڪ اهم آهي. هن پاڪستان جي اعليٰ ادارن جي ڳالهه ڪئي ته اهي سڀ چاهين ٿا ته ادارا به مضبوط هجن ۽ عوام خوشحال هجي. هن نون چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ قوم کي متحد ٿيڻ جي اپيل ڪئي آهي. اسين به اهو سمجهون ٿا ته اجتماعي قدمن ۽ اتفاق راءِ سان ئي مسئلن جو حل ممڪن آهي.