بلاگ

راڻيپور پبلڪ لائبريري سھولتن کان محروم

راڻيپور اتر سنڌ ۾ ھڪ بھترين تعليمي مرڪز آھي. جتي هر سال هزارين خواب جنم وٺن ٿا مگر انهن خوابن کي تعبير کان محروم رکيو ٿو وڃي.

جنهن سبب هتان جو نوجوان نسل (مستقبل) تباھ ۽ برباد ٿي رهيو آهي.

راڻيپور پبلڪ لائبريري 2004-06-12 تي وجود ۾ آئي.

جنهن جو باني قربان علي ميمڻ آهي. جنهن پنهنجي سڄي زندگي لائبريري لاءِ وقف ڪري ڇڏي.

راڻيپور پبلڪ لائبريري جتي هزارين شاگرد نه پر هزارين خواب مطالعو ڪرڻ اچڻ ٿا. هي اها لائبريري آهي جتي روشن خواب اوندھ ۾ ويهي مطالعو ڪن ٿا ته جيئن پنهنجو مستقبل سنواري سگهن.

هتي هر روز شاگرد ته مطالعي لاءِ اچن ٿا مگر ڪتاب موجود نه آهن. هي اها لائبريري آهي جتي درسي، نصابي، اخلاقي ۽ ادبي ڪتابن جي کوٽ سان گڏوگڏ بنيادي سهولتن جهڙوڪ مٺو پاڻي، بجلي، پکا، سولر سسٽم ۽ فرنيچر جي کوٽ پڻ آهي. حڪومت جي نااھلي سبب هن لائبريري جي اها حالت آهي.

سھولتون موجود نه ھئڻ سبب هتان جا نوجوان برائين جي ور چڙھندا پيا وڃن. ڪو نشو ڪرڻ ۾ ته ڪو وري چوري ڪرڻ، ماڻھن سان وڙھڻ ۾ ته ڪو وري سڄي شھر ۾ سرعام غنڊا گردي ڪرڻ ۾ مصروف آهي.

راڻيپور شھر ۾ بهترين تعليمي ادارا جھڙوڪ مظھر مسلم ڪاليج، ايورشائين گروپ آف ڪاليج، سچل سرمست ڊگري ڪاليج وغيره موجود آھن جن جي ڪري ڏورانھن علائقن جا شاگرد ھتي اچي رھن ٿا ته جيئن پنھنجي مستقبل کي سنواري سگھن، پر افسوس آھي هتان جي انتظاميه جي نااھلين تي جن جي ڪري هتان جي لائبريري ويران آھي.

ھن لائبريري ۾ نصابي ۽ ادبي ڪتابن جي ڀلي ئي کوٽ آھي، مگر ڏورانھن علائقن کان آيل شاگرد پاڻ سان گڏ پنھنجا ذاتي ڪتاب گڏ کڻي اچي مطالعو ڪن ٿا ۽ اھا حسرت دل ۾ سانڍيل اٿن ته ڪڏھن ته ھن لائبريري ۾ معياري ڪتابن جي کوٽ پوري ٿيندي، پر افسوس اهو آھي ته اسان جا چونڊيل نمائندا تعليم بجاءِ پنھنجيون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مصروف آھن. 

هڪ سٺي ۽ بهترين لائبريري هر ننڍي وڏي شهر ۾ قائم ڪري اسان پنهنجي نوجوان نسل (مستقبل) سان گڏوگڏ پنهنجي ادبي پورهئي کي به محفوظ ڪري سگهون ٿا.

ڪنھن به ملڪ ۽ قوم جي ترقي جو دارومدار تعليم ۽ هنر تي هوندو آهي. اسان جي ملڪ ۾ هنر جو ته قدر آهي ئي ڪونه. باقي رھي تعليم سا سياستدان جي هٿن ۾ محفوظ آهي. اسان جي تعليم ۽ مستقبل سياستدانن جي هٿن ۾ آهي جيڪي ڪڏهن به ترقي پسند نه ڪندا آهن بلڪه اهي هميشه اهو چاهيندا آهن ته سمورو علائقو انهن جو غلام هجي.

اهڙو مستقبل جيڪو سياستدانن جي هٿن ۾ محفوظ هجي ته ان مان صرف غلام ئي جنم وٺندا آهن جيڪي سياستدان، سردارن ۽ وڏيرن جي اشارن تي ڪم ڪندا آھن. انهي غلامي واري زندگي کان بچڻ لاءِ ۽ پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو مستقبل بچائڻ لاءِ تعليم کي ترجيح ڏيڻ نهايت ضروري آهي.

خدارا راڻيپور پبلڪ لائبريري کي سڀ بنيادي سهولتون مهيا ڪري نوجوان نسل (مستقبل) ۽ ادبي پورهئي کي محفوظ ڪيو وڃي.