عمران خان کي پارٽي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان کي پارٽي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ جي لاءِ داخل ڪيل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد بلال حسن جي سربراهي ۾ لارجر بينچ عمران خان کي پارٽي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ٻئي پٽيشن ڪيئن ٻڌي سگهجي ٿي، جنهن تي وڪيل چيو ته هن ۾ 2 استدعائون ڪيون ويون آهن. عدالت چيو ته اوهان پارٽي چيئرمين کي هٽائڻ جي ڪهڙي طرح متاثر ڌر آهيو، جنهن تي وڪيل چيو ته مان هڪ ووٽر ۽ ملڪ جو شهري آهيان. لاهور هاءِ ڪورٽ چيو ته اوهان کي اعتراض آهي ته ڪنهن ٻئي پارٽي ۾ هليا وڃو، اوهان جي اها پهرين پٽيشن آهي، جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته جي هي منهنجي پهرين پٽيشن آهي جنهن کان پوءِ عدالت عمران خان کي پارٽي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

