رياست يعني اسٽيٽ اٿارٽي جي هڪ تنظيم آهي، جيڪا سماج جي طبقاتي ورهاست سان لاڳاپيل هوندي آهي. اسٽيٽ معاشي طور تي حاوي طبقي جي سياسي تنظيم آهي، جيڪا ان طبقي جي هٿ ۾ ڏاڍ جو، ڏنڊي جو ۽ جيل ۽ ڦاسيءَ جو هڪ هٿيار هوندي آهي، جنهن کي اهو طاقتور طبقو محڪوم طبقي جي خلاف استعمال ڪندو آهي، جنهن ۾ فوج، پوليس، عدالتون، انتظاميه، جيل ۽ ميڊيا سڀ شامل هوندا آهن. هيءَ رياست نظرياتي رياست هوندي آهي ۽ اهو رياستي نظريو ڪڏهن سياسي هوندو آهي. ڪڏهن اقتصادي ۽ ڪڏهن مذهبي، ان جي وسيلي رياست جي رهواسين کي فرمانبردار بڻايو ويندو آهي. انهن جي دل ۽ دماغ کي رياست جي مطلبن ۽ مقصدن جي مطابق تربيت ڏني ويندي آهي ۽ اها ڳالهه ذهن ۾ اوتي ويندي آهي ته انهن جو ۽ رياست جو مفاد گڏيل آهي. حالانڪه حقيقت ۾ رياست هڪ طبقاتي ادارو آهي، جنهن جو بنيادي مقصد اقتداري طبقي جي مفادن جو تحفظ هوندو آهي. مطلب اهو آهي ته رياست حڪمرانن جي طبقي جي هٿ جو هٿيار آهي، جنهن سان هو بنا حڪمران طبقن کي هيٺان ڪندو آهي. رياست سردارن، خانن، جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ انهن سڀني جي مرشد (آمريڪا) جي مفادن جي چوڪيدار هوندي آهي. رياست جا ٿنڀا يعني عدالت، فوج، اسيمبلي ۽ ميڊيا انهن ئي طبقن جي نوڪري ڪن ٿيون.
ان رياست جي صورت ڪٿي بادشاهت واري هوندي آهي ڪٿي مارشل لا واري ۽ ڪٿي اها جمهوري رياست جي صورت ۾ هوندي آهي. رياست سماج جي پنهنجي پيداوار آهي، جيڪا ٻاهر کان نٿي مڙهي وڃي، نه ئي اها زمين مان ڦٽي نڪري ٿي، بلڪه اها ته سماجي ارتقا جي خاص خاص منزل تي پيدا ٿيندي آهي، اها هڪ مسلسل تاريخ رکندي آهي. رياست جيڪا منڍ کان موجود نه هئي ۽ نه ئي ڪا اها سدائين قائم رهندي. ان ڪري ته پراڻن زمانن ۾ رت وارن رشتن تي مشتمل سماج هوندو هو، ٻولي ۽ عقيدو ۽ اٿڻي ويهڻي هڪ جهڙي شيءِ هوندي هئي، انسان وسنديون ٺاهڻ کان اڳ ڪنهن علائقي يا سرحد تائين محدود نه هو، برساتن جو پيڇو ڪندا هئا يا شديد موسمن جي عذاب کان بچڻ جي لاءِ ڪڏهن هتي ڪڏهن هتي لڏو لاهيندو هو. اتي رت وارن رشتن جي اها آبادي طبقن ۾ ورهايل نه هئي، انهيءَ ڪري حاڪم ۽ محڪوم وارو مامرو نه هو ۽ ان ڪري ئي ته پوليس ۽ جيل موجود نه هو.
جيئن جيئن سماج ترقي ڪندو ويو ته طبقا وجود ۾ اچي ويا، ڪو امير بڻجندي بڻجندي بالادست بڻجي ويو ۽ باقي آبادي درجي ۾ ڪرندي وئي. بالادست زمين، پاڻي ۽ ڍورن ڍڳن تي قابض ٿيندو ويو ۽ باقي آبادي ان کان محروم ٿيندي وئي. مطلب اهو ته جڏهن سردار، خان، جاگيردار موجود نه هئا ته رياست هئي ئي نه، ليڪن رياست ان وقت پيدا ٿي جڏهن انسان پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ پيداوار ڪرڻ لڳو. تڏهن ڏاڍي ۽ مڪار شخص پيداوار جي سرچشمي کي ڦٻائي ورتو. ٻين کي برقرار رکڻ جي لاءِ هن کي گارڊ جي ضرورت پئي، يعني هاڻي بالادست يا امير يا جائيداد يا ملڪيت واري طبقي کي پنهنجي بالادستي قائم ڪرڻ جي لاءِ طاقت جي ضرورت پئي. تڏهن پوليس وجود ۾آئي پنهنجي جائيداد جي حفاظت جي لاءِ باغي کي جيل ۾ بند ڪرڻ جي لاءِ قيد خانا ٺاهڻا پيا، پنهنجي حق ۾ فتوائون ڏيڻ جي لاءِ هن پنڊت پادري ادارا ايجاد ڪيا. شاعر کان پنهنجي حق ۾ شاعري چورائي ۽ پنهنجا فيصلا مڙهڻ جي لاءِ عدالت جوڙي ۽ هڪ هڪ ڪري ٻيا ادارا بنجڻ لڳا، انهن سڀني ناجائز ادارن جي مجموعي کي “رياست” سڏيو وڃي ٿو. ائين پراسراريت ۾ ستل هڪ ديوتا جهڙي سردار ۽ بادشاهه جي رياست هلي پئي.
ٻين لفظن ۾ اسٽيٽ طبقن جي پيداوار آهي، هن جو ڪم ئي اهو آهي ته اها حاڪم طبقي جي بالادستي کي قائم ۽ دائم رکي. حڪمران طبقو چاهي بادشاهه هجي، ٿيوڪريسي هجي، جاگيردار هجي، ڪيپٽلسٽ هجي يا سوشلسٽ، اسٽيٽ ان جي خدمت ڪندي، يعني حڪمران طبقي جي خدمت، اسٽيٽ طبقاتي ادارن جو سڀ ڪجهه هوندي آهي، اسٽيٽ طبقاتي هوندي آهي.
اسٽيٽ هن ڳالهه جو اعتراف آهي ته اهو سماج پاڻ پنهنجي ناقابل حل ٽڪراءَ ۾ ڦاسي پيو آهي، جنهن کي هو پاڻ پري نٿو ڪري سگهي يعني طبقن ۾ ممڪن نٿي رهي تڏهن رياست پيدا ٿئي ٿي. رياست سموري سماج جي فائديمند نمائندو هئي ۽ اها هڪ مجموعي جي شڪل ۾ ان جو “ڏيک ڏيڻ وارو” اظهار هئي، ليڪن ان جو مقصد صرف اهو هو ته رياست ان طبقي جي هئي، جيڪو ان دور ۾ سموري طبقي جي نمائندگي ڪري رهيو هو. پراڻي دور ۾ رياست غلامن جي مالڪن جي هئي، سرداري نظام ۾ رياست سرداري هوندي آهي، جاگيرداري ۾ بادشاهت ۽ ڪيپٽلزم ۾ ري پبلڪ.
سماج ارتقا ڪندو ويو ته رياست به جديد بڻبي وئي. مگر ان جي ڊيوٽي نه بدلي، اڄ جديد ڪيپٽلزم ۾ عام جرڳي جي جاءِ فل فليج جڊيشنري سامهون آئي. هڪ ساڌڙي سوڌڙي قبائلي لشڪر جي جاءِ اسٽيڊنگ آرمي بيهاري وئي. پارليامينٽ بڻي، اخبار ۽ ريڊيو کان وڌندي وڌندي ميڊيا ٽي وي چينل ۽ سوشل ميڊيا جي صورت اختيار ڪئي… ۽ اهو سڀ (يعني رياست) ڪيپيٽلزم جي خدمت ڪن ٿا. ان ڪري ته هاڻي پارليامينٽ سرمائيدارن جي حڪومت جي مالڪ ناهي بلڪه ان جي ڀيٽ ۾ حڪومت پارليامينٽ جي مالڪ ۽ آقا آهي. اصل ۾ جيڪڏهن فاشزم بوزوازي جو ٽيرر سٽي ڊڪٽيٽرشپ آهي ته پارلياماني ڊيمو ڪريسي ان جي ويس بدلايل ڊڪٽيٽرشپ آهي.
رياست جي طرف کان ڪيپٽلزم جي ان خدمت جو مطلب آهي، مخالف طبقن يعني هارين، مزدورن ۽ دانشورن کي دٻائڻ ۽ انهن جي تحريڪ کي چٿڻ. اڄ جي ماڊرن دور ۾ رياست مناپوليز جي مفاد ۾ معشيت کي ڪنٽرول ڪري ٿي، ان ريت ڪري رياست نه صرف مناپوليز کي اهو موقعو ڏيئي ٿي ته هو نه صرف پاڻ پنهنجي ناڻي (ڪيپٽل) کي پنهنجي پنهنجي فائدي جي لاءِ موڙي ڇڏي، بلڪه هو ان کي رياستي خزاني کي به استعمال ڪرڻ جو موقعو ڏيئي ٿي جيڪو آبادي تي ٽيڪس هڻي ڀريندو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ ماڊرن رياست سپر نفعن کي پمپ ڪرڻ جي هڪ مشين آهي.
رياست هر شيءِ کي سرمائيدارن ۽ اميرن جي نگاهه سان ڏسي ٿي. هو انهن تي عنايتون نڇاور ڪري ٿي ۽ انهن کي ئي سمورا حق ڏئي ٿي. هو ملڪ جو نظام انهن جي حوالي ڪري ٿي ۽ انهن مزدورن کي ڦڏائي قرار ڏئي ٿي جيڪي پنهنجن حقن جي لاءِ اٿي پوندا آهن. اهو سچ آهي ته اسٽيٽ اهو بيان ڪري ٿي ته هو فيڪٽري مالڪن ۽ مزدورن ٻنهي جي ڀلائي کي برابري جي طور تي پنهنجي دل جي ويجهو رکي ٿي، مگر انڌي کي به پتو هوندو آهي ته اهي اجايا سجايا لفظ آهن. ان ڪري رياست عام ماڻهو جي لاءِ ماءُ ناهي هوندي بلڪه اها صرف مٿين طبقن جي ماءُ هوندي آهي. عوام جي لاءِ يعني هيٺين محڪوم طبقي جي لاءِ ته اها ڏائڻ هوندي آهي.
اهو ضروري آهي ته رياست ۽ قوم جون سرحدون هڪ هڪ هجن. مثال طور: جرمن قوم ڪافي عرصي تائين ٻن قومن ۾ ورهايل رهي، ساڳيو حال ويٽنام جو رهيو مقصد ته رياست جون حدون گهٽبيون وڌنديون رهن ٿيون. مثلن اڄ هندستان جون سرحدون اهي ناهن جيڪي ١٩٧٤ع کان اڳ هيون. پاڪستان جون سرحدون اڄ اهي ناهن جيڪي ١٤ آگسٽ ١٩٧٤ ۾ هيون، مگر سرحدن جي ڀيٽ ۾ قومن ۽ تهذيبن جون حدون نهايت مشڪل سان بدلبيون آهن. ڪن رياستن ۾ هڪ ئي قوم آباد هوندي آهي، جيئن جاپاني قوم، اٽلي ۾ اٽالين قوم ۽ فرانس ۾ فرنچ قوم، اهڙين رياستن کي قومي رياست سڏيو ويندو آهي، ليڪن ڪن رياستن ۾ هڪ کان وڌيڪ قومون آباد هونديون آهن، جيئن ڪئناڊا ۾ برطانوي ۽ فرانسيسي هوندا آهن، پاڪستان ۾ بلوچ، سنڌي، پختون ۽ پنجابي وغيره قومون. جديد رياست هڪ آفيسر شاهاڻي درندو هوندي آهي، جيڪا محنت ڪش طبقي جي پيدا ڪيل دولت جي تمام وڏي حصي کي واڳون جيان ڳڙڪائي ويندي آهي، رياست استحصال جو هڪ بيدرد هٿيار آهي. محنت ڪش ان جدوجهد ۾ هوندا آهن ته رياست کي پنهنجن هٿن ۾ وٺي ڇڏين. مقصد ته نجي ملڪيت جو خاتمو ڪرڻ هوندو آهي. محنت ڪش بورز وازي کي ڪڍي ڪري پنهنجو سياسي اقتدار قائم ڪرڻ جي جدوجهد ڪن ٿا.
انارڪسٽ چون ٿا ته اسٽيٽ کي ڪجهه نه چيو وڃي ڇو ته اها هڪ فضول ايجاد ۽ بيڪار هٿيار آهي. اسان کي ان سان ڪو مٿي جو سور نه هئڻ گهرجي. اها هڪ ناپاڪ شيءِ آهي ان ڪري انهيءَ کي هٿ نه هنيو وڃي. بورز وازي چون ٿا ته اها مقدس آهي ان ڪري انهيءَ کي هٿ نه لاٿو وڃي، مگر انقلابي چون ٿا ته ان کي نه صرف ڇهيو وڃي، بلڪه ان کي پنهنجن هٿن ۾ ورتو وڃي، ان تي قبضو ڪيو وڃي، ان کي پنهنجن طبقاتي مفادن جي حاصلات جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ته جيئن نجي ملڪيت جو خاتمو ڪري سگهجي ۽ محنت ڪش طبقو پنهنجو ڇوٽڪارو حاصل ڪري، محنت ڪشن بو سياسي اقتدار… موجوده بورزوا رياست جي ڀيٽ هڪ وڌيڪ جمهوري رياست قائم ڪري ٿو.
(1) واپس گهرائڻ جو حق عوام کي ڏئي ڪري سمورن آفيسرن کي آزاداڻي چونڊ جي وسيلي چونڊيو وڃي. (2) هڪ هنرمند مزدور کان ڪنهن به آفيسر جي اجرت وڌيڪ نه هجي. (3) هٿياربند عوامي مليشيا فوج جي جڳهه وٺي ڇڏي.
ان ڪري پرولتاريا جي اسٽيٽ اصل ۾ اسٽيٽ ناهي هوندي، بلڪه اڻپوري اسٽيٽ هوندي آهي، انهيءَ ڪري ته بورزوا اسٽيٽ ته عوام کان پاڻ کان ويڳاڻو ڪندي وڃي ٿي. عوام جي مخالفت ڪري ٿي ۽ عوام کي بالادست طبقي جي هيٺان رکي ٿي، مگر پرولتاريا واري اسٽيٽ مڪمل طور تي عوام جي مفادن جو اظهار ڪري ٿي، اها پوري رياست هوندي آهي، اها رياست مستقبل ۾ ڪميونسٽ ريپبلڪ جي لاءِ جڳهه خالي ڪندي ويندي، ايستائين ته اها بحيثيت رياست پنهنجو وجود وڃائي ڇڏيندي.
نيٺ جڏهن رياست سچ پچ سموري سماج جي نمائنده بڻجي ٿي ته ان وقت سندس ضرورت باقي نٿي رهي، يعني ڪو اهڙو طبقو باقي ئي نٿو رهي جنهن کي محڪوم بڻائي ڪري رکيو وڃي. طبقاتي تسلط ۽ انفرادي زندگي جي بقا واري جدوجهد جيڪا پيداوار جي جاهلاڻي طور تي مشتمل هوندي آهي ۽ ان سان گڏ سندس ڪک کان پيدا ٿيڻ وارا جهيڙا ۽ ٽڪراءَ ۽ زيادتيون سڀ ختم ٿي وڃن ٿيون، ڪا اهڙي شيءِ باقي نٿي رهي جنهن تي ڏاڍ ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ رياست بحيثيت ڏاڍي قوت جي پچاڙي وارو ڪم اهو ڪري ٿي ته سماج جي نالي تي سمورن پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري ٿي ۽ رياست جي حيثيت سان سندس اها ئي آخري خدمت آهي.
هاڻي سماجي تعلقات ۾ رياست جي مداخلت غير ضروري هوندي آهي ۽ نيٺ اها ختم ٿي وڃي ٿي، البته رياست جو هڪدم “خاتمو” نٿو ٿئي بلڪه ان جو ٻوٽو هوريان هوريان پاڻ سڪي وڃي ٿو. مزدور طبقو رياست کان جيترا ڏينهن به ڪم وٺي ٿو، اهو آزادي جي خاطر نه بلڪه پنهنجن دشمنن جو مٿو چٿڻ جو ڪم هوندو آهي ۽ جيئن ئي آزادي جو امڪان پيدا ٿي ويندو آهي. رياست جي حيثيت سان رياست جو خاتمو ٿي وڃي ٿو. اهو زمانو ترقي يافته ڪميونزم جو هوندو، رياست صرف ان وقت وکري وڃڻ جي قابل هوندي آهي. جڏهن عوام بنيادي اصولن تي هلڻ با عادي ٿي وڃن ۽ اهي پنهنجين صلاحيتن جي مطابق ڪم ڪري رهيا هجن ۽ پيداوار جي ورهاست انهن جي ضرورتن جي مطابق ٿي رهي هجي.