ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۾ اهو سوال نه رڳو پاڪستان جي چئني صوبن ۾، پر دنيا جي بااثر ملڪن ۽ پاليسي سازن ۾ بحث هيٺ آهي. ان سان گڏ اهو سوال رڳو تنقيد جو نه، پر هڪ سنگين قومي دانشوراڻي بحران جي نشاني آهي. جيڪڏهن ان جو سنجيدگيءَ سان جائزو نه ورتو ويو ۽ ان جي ازالي لاءِ ٺوس قدم نه کنيا ويا ته اهو جمهوري نظام جي مستقبل لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. ملڪ جي سڀني صوبن ۽ قومي، صوبائي اسيمبلين ۽ سينيٽ ۾ سياستدانن جي ناڪامي رڳو گورننس جي ناڪامي ناهي، پر ان کان به وڌيڪ اونهو ۽ پيچيده معاملو آهي. هن وقت پارليامينٽ، رياست جو سڀ کان وڏو آئيني ادارو آهي، جيڪو سياسي اختلافن، ذاتي مفادن ۽ فضول قانون سازيءَ سبب مفلوج ٿي ويو آهي. سياسي پارٽين پاران پارليامينٽ بابت جيڪا ٻولي استعمال ڪئي وڃي ٿي اها قابل مذمت آهي، جڏهن ته، ملڪ جون سموريون ننڍيون وڏيون پارٽيون خاندانن جي ذاتي ملڪيت بڻجي ويون آهن. نه اندروني چونڊون، نه پاليسي سازي، نه قيادت جي تنوع ۽ نه احتساب ٿئي ٿو، جنهنڪري پارٽين سان سلهاڙيل ماڻهو ڍڳي ۽ نار وانگر هلندا رهن ٿا ان کان وڏي مصيبت پارٽين ۽ جماعتن ۾ قائدانه صلاحتيون نه بلڪه شخصي پوڄا ملڪ کي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي. افسوس عوام جي تڪليفن جو ڪنهن کي به احساس ناهي ملڪ جا سياستدان رڳو هڪٻئي سان وڙھڻ ۾ مصروف آهن. ڪنهن دوست لکيو ته اسان جي ملڪ جا سياستدان ياجوج ماجوج بڻجي ويا آهن!…