ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۾ اهو سوال نه رڳو پاڪستان جي چئني صوبن ۾، پر دنيا جي بااثر ملڪن ۽ پاليسي سازن ۾ بحث هيٺ آهي. ان سان گڏ اهو سوال رڳو تنقيد جو نه، پر هڪ سنگين قومي دانشوراڻي بحران جي نشاني آهي. جيڪڏهن ان جو سنجيدگيءَ سان جائزو نه ورتو ويو ۽ ان جي ازالي لاءِ ٺوس قدم نه کنيا ويا ته اهو جمهوري نظام جي مستقبل لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. ملڪ جي سڀني صوبن ۽ قومي، صوبائي اسيمبلين ۽ سينيٽ ۾ سياستدانن جي ناڪامي رڳو گورننس جي ناڪامي ناهي، پر ان کان به وڌيڪ اونهو ۽ پيچيده معاملو آهي. هن وقت پارليامينٽ، رياست جو سڀ کان وڏو آئيني ادارو آهي، جيڪو سياسي اختلافن، ذاتي مفادن ۽ فضول قانون سازيءَ سبب مفلوج ٿي ويو آهي. سياسي پارٽين پاران پارليامينٽ بابت جيڪا ٻولي استعمال ڪئي وڃي ٿي اها قابل مذمت آهي، جڏهن ته، ملڪ جون سموريون ننڍيون وڏيون پارٽيون خاندانن جي ذاتي ملڪيت بڻجي ويون آهن. نه اندروني چونڊون، نه پاليسي سازي، نه قيادت جي تنوع ۽ نه احتساب ٿئي ٿو، جنهنڪري پارٽين سان سلهاڙيل ماڻهو ڍڳي ۽ نار وانگر هلندا رهن ٿا ان کان وڏي مصيبت پارٽين ۽ جماعتن ۾ قائدانه صلاحتيون نه بلڪه شخصي پوڄا ملڪ کي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي. افسوس عوام جي تڪليفن جو ڪنهن کي به احساس ناهي ملڪ جا سياستدان رڳو هڪٻئي سان وڙھڻ ۾ مصروف آهن. ڪنهن دوست لکيو ته اسان جي ملڪ جا سياستدان ياجوج ماجوج بڻجي ويا آهن!…
چيو وڃي ٿو ته قيامت جي قريب ياجوج ماجوج جو نڪرڻ ضروري آھي اھا آھي قيامت جي نشاني جيڪا اسان جي ملڪ ۾ ظاھر ٿي آھي. ياجوج ماجوج جو خروج ٿيڻ ملڪ جو سڀ ڪجھه کائي چٽ ڪرڻ آهي. اهي نه پٿر ڇڏيندا ۽ نه لڪڙ ڇڏيندا، سو اسان جي ملڪ جي سياستدانن نه صحت ڇڏي آهي نه روينيو ڇڏيو آهي نه اسڪولن جون ڊيسڪون ڇڏيون آهن ۽ نه زمين ڇڏي آهي. نه بجلي ڇڏي آهي نه گئس ڇڏي آهي ۽ هاڻ درياءَ بادشاهه کائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن! ھنن ادارن جا ادارا کائي ختم ڪري ڇڏيا، جبل کاڌا، پلاٽ کاڌا، ڊالر کاڌا، بجيٽ جي بجيٽ کاڌي، روڊ رستا کاڌا، جھاز کاڌا، ريلوي کاڌي، رڳو هڪ اڌ ڪارخانو يا ڪمند مل نه پري پوري جو پوري اسٽيل مل کائي ختم ڪري ڇڏي. مطلب ته انهن سياستدانن ملڪ جو ڇا ڇا نه کاڌو…!؟ ڇا پوءِ انھن کي انسان چئجي يا ياجوج ماجوج چئجي…!؟
هن وقت اهو چيو پيو وڃي ته ملڪ سياستدانن جي هلائڻ کان هاڻي زور آهي انڪري اسٽيبلشمينٽ ملڪ جون واڳون سنڀالي ورتيون آهن. جنهن سبب هاڻي هر سياسي جماعت يا سياستدان اقتدار ۾ اچڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل ڪرڻ تي فخر سمجهي ٿو. جڏهن ته اهو رويو جمهوري نظام کي ڪمزور ڪري رهيو آهي. اسٽيبلشمينٽ جي ان حمايت سبب سياستدانن جو عوام جي ڀلائي، تعليم، صحت، مهانگائيءَ، بيروزگاريءَ جهڙن بنيادي مسئلن سان پنهنجو لاڳاپو ختم ٿي ويو آهي ۽ هو انهن حقن کي نظر انداز ڪندا آهن يا انهن کي صرف تنگدستي جي حد تائين استعمال ڪندا آهن. هن وقت ملڪ جي دانشورن ۾ اهو بحث جو موضوع آهي ته جڏهن سياستدان اليڪشنن ۾ لکين رپيا خرچ ڪري ووٽ وٺڻ باوجود عوامي اميدن تي پورا نٿا اچن ۽ رياستي مشينري ناڪام ٿيندي نظر اچي ٿي ۽ ملڪ جي انتظاميه ۾ خال پيدا ٿئي ٿو ته پوءِ فطري طور ڪا انتظاميه ان خال کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. جنهن لاءِ هر ڀيري اسٽيبلشمينٽ اهو گس وٺڻ لاءِ تيار نظر اچي ٿي. هن وقت اسٽيبلشمينٽ جو پرڏيهي پاليسي کان وٺي اندروني سلامتي تائين، سزائون ڏيڻ کان وٺي معاشي پاليسين تائين، چونڊ عمل کان وٺي حڪومت سازي تائين هر شيءِ ۾ غير رسمي ڪردار رهندو آيو آهي. سوال اهو ناهي ته اسٽيبلشمينٽ ڪردار ڇو ٿي ادا ڪري، پر سوال اهو آهي ته سياستدانن اسٽيبلشمينٽ کي موقعو ڇو ٿا ڏيو؟ جڏهن ته ان سان خود سندن حقن تي ڌاڙو لڳي رهيو آهي. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تنقيد کان اڳتي نڪري اندروني جمهوريت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سياسي پارٽين کان عملي قدم شروع ڪرڻ گهرجن. قيادت کي ميرٽ تي اڳتي آندو وڃي ۽ سياسي ڪارڪنن کي فيصلا سازي ۾ شامل ڪيو وڃي. اهڙي طرح قانون سازي ۽ عوامي ڀلائي جي ايجنڊا کي پارليامينٽ جو مرڪز بڻايو وڃي ۽ پارليامينٽ کي رڳو سياسي ٽڪراءَ جو هنڌ ۽ ذاتي جنگ جو ميدان يا انتقامي ڪارروائين جو مرڪز نه بڻجڻ ڏنو وڃي. سياستدانن کي گهرجي ته هو ذاتي مفادن بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏين ته جيئن عوام جو اعتماد بحال ٿي سگهي. خاص ڪري اسٽيبلشمينٽ کي آئيني دائري ۾ رهڻ گهرجي ۽ سمورن ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي. تباهي جي هن ماحول ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرن، سياستدانن، اسٽيبلشمينٽ، عدليه ۽ ميڊيا وچ ۾ قومي ڳالهه ٻولهه شروع ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن سياستدان ۽ ٻيا طاقتور ماڻهو پاڻ کي درست نه ڪندا ته جمهوريت رڳو نالو ۽ پارليامينٽ هڪ علامتي ادارو رهجي ويندي. ان ڪري وقت جي گهرج اها آهي ته سياستدان پنهنجي ساک بحال ڪن، اسٽيبلشمينٽ آئين جي دائري ۾ واپس اچي ۽ رياستي ادارا گڏجي ملڪ کي آئيني ۽ جمهوري راهه تي هلائڻ لاءِ ڪم ڪن. ڇو ته اصل طاقت عوام آهي ۽ عوام جي مرضيءَ جو احترام ئي ملڪ جي مستقبل جي ضمانت آهي.