علامه آءِ آءِ قاضي اسان توکي وساريو ناهي
سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر، فلسفي ۽ عالم، علامه امداد علي امام علي قاضيءَ جو انتقال 1968ع ۾ ٿيو. سندس جنم 19 اپريل 1886ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو. پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ ۽ قرآن پاڪ حفظ ڪرڻ کان پوءِ زولاجي ۽ اقتصاديات جي تعليم لاءِ برطانيه ويو ۽ پوءِ جرمني ويو، جتي هن هڪ جرمن ڇوڪري ايلسا سان شادي ڪئي. ايلسا به پنهنجي مڙس وانگر ادب کان چڱيءَ ريت واقف هئي ۽ بعد ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيائين ۽ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيائين. علامه قاضي صاحب 1911ع ۾ بار ايٽ لا جي ڊگري حاصل ڪئي، جنهن بعد وطن واپس آيو.
1932ع ۾ هن قاهره ۾ عربي پڙهائي ۽ 1933ع ۾ لنڊن اسڪول آف اوريئنٽل اسٽڊيز ۾ ساڳئي مضمون جي تعليم ورتي. 1910ع کان پوءِ هو گهڻو ڪري حيدرآباد ۾ رهيو، پر هر سال علمي ڪمن لاءِ انگلينڊ ويندو هو.
هن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ تي هڪ ڪتاب لکيو ۽ لنڊن جي اسڪول آف اوريئنٽل لئنگئيجز ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ جي صدر جو عهدو پڻ سنڀاليو. ڏکڻ ايشيائي ۽ يورپي عالمن ۾ جيڪي سندس لکڻين کان بيحد متاثر ٿيا، انهن ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، علامه اقبال، مولانا عبيدالله سنڌي، جارج برنارڊ شا ۽ ٻيا ڪيترائي نامور عالم هئا. 1951ع ۾ علامه قاضي صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿيو، جنهن عهدي تي 1958ع تائين رهيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ هن تعليم جي دل و جان سان خدمت ڪئي. اڄ جي نوجوانن کي سندس زندگيءَ ۽ ڪاميابين مان سبق سکڻ گهرجي. 1966ع ۾ يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته: ”انسان فخر ڪري ٿو ته ان جو مقصد پنهنجي اعليٰ، عظيم ذات کي ڄاڻڻ آهي، پر افسوس جو اڄ جا اسان جا پيارا شاگرد ان مفروضي جو ذرو به ثبوت پيش نه ڪري سگهيا. مقصد هڪ ئي لڳي ٿو – کاڌو حاصل ڪرڻ ۽ خوف کان محفوظ رهڻ. سندس گهرواري ايلسا جي وفات تي سندس دل کي شديد صدمو رسيو ۽ 82 ورهين جي ڄمار ۾ 13 اپريل 1968ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين. کيس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي نيو ڪيمپس ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
(جاويد عنايت الله مغل، ڪراچي ڊان ۾ شايع ٿيل، 13 اپريل 2016)