بلاگنئون

اسٽيج ڊرامن کي زنده ڪندڙ تنظيم “هوا” HAWA جي شاندار خدمت جو جائزو

سنڌ ۾ فن، ادب، ھنر، ريڊيو جي فنڪارن، شاعرن، ليکڪن جي حوالي سان مشھوري رکندڙ شهر “حيدرآباد” ۾ ڏات ڌڻين جي ڪمي نه رھي آھي جن ڪنهن نه ڪنهن ريت پنهنجي فن سان جوت جلائي عوام کي وندر مهيا ڪري دعائون، شاباشون، داد ۽ نيڪ تمنائون حاصل ڪيون آھن. ھتي 70 جي ڏھاڪي دوران اسٽيج جو عروج ٿي ڏٺو ڪيترا اسٽيج ڊراما باقاعدگي ٿيندا ھئا جن وسيلي ناميارا فنڪار ۽ اداڪارائون اڀري اڳتي آيا جن مان ڪيترن پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر جو رخ ڪيو اتي ڊرامن ۾ حصو ورتو ۽ مقبوليت ماڻي.

اسٽيج ڊرامن جي مقبوليت کي ڏسندي سرڪار طرفان راڻي باغ ۾ اسٽيج ڊرامن کي وڌيڪ ھٿي وٺرائڻ لاءِ وسيح ميدان تي “اوپن ايئر ٿيٽر” جوڙائي عوام کي تفريح جا موقعا فراھم ڪيا ويا. پوءِ اوچتو اسٽيج جو زوال شروع ٿي ويو ۽ اسٽيج ڊراما بند ٿي ويا. ان خاموشي کي ٽوڙڻ لاءِ “اسٽريٽ ٿيٽر” جو رواج پيو جنهن ۾ صحافي “اي جي اعجاز چانڊيو” جو وڏو ڪردار رھيو. حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان اسٽريٽ ٿيٽر وسيلي سياسي سجاڳي ۽ مختلف سماجي مسئلن تي ڊراما پيش ڪيا ويا، جن کي پسند ڪيو ويو ھو. پوءِ اي جي چانڊيو جي ڏکوئيندڙ وفات بعد اھو به سلسلو بند ٿي ويو.

ھاڻوڪي ويجهڙائي واري دور ۾ HAWA ھواHyderabad Artist Welfare Association  جي طرفان آرٽسٽن جي فني سرگرمين سبب اسٽيج زنده ٿيندي ڏسجي ٿو. ھن سفر ۾ چيئرمين اسرار لغاري جي خصوصي ڪاوشن سان سينئر اداڪار منظور مراد، رفيق عيساڻي، عاليه سحر پروين، اسلم جاويد، بھادر لاشاري، ولي محمد ڀٽي، سلطانا سورٺ، سدره شيخ، ياسين چن، شبير خان، ڪشور جبين، شہباز بلوچ، ڊاڪٽر نيڪ محمد ڀٽي (ميڊيڪل صلاحڪار) ليڊيز ونگ جي چيئر پرسن شھناز راھو، اسلم جاويد ڀائي، سميت ٻين عھديدارن جي ڊگھي فهرست آھي. جڏھن ته شوبز جي ليکڪن ۾ منان عباسي، يعقوب رشيد ھدايتڪار ڪامران خان ۽ ٻيا رائيٽر به سٿ ۾ شامل ڏسجن ٿا. ھي تنظيم فن ۽ آرٽ جي عاليشان خدمت سان گڏوگڏ پنهنجن اداڪار ساٿين جي بيماري يا ڏکئي وقت تي مالي سهائتا لاءِ به ڪوششون وٺي ٿي. جنهن لاءِ اسرار لغاري ۽ ولي محمد ڀٽي جن جون خدمتون ساراھيون وڃن ٿيون.

تازو ھوا آرٽسٽ ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌ رجسٽرڊ طرفان اسٽپس STAPS، (Stage T.V Artist Promotors Hyderabad Sindh) جي تعاون سان اوپن ايئر آڊيٽوريم مھراڻ آرٽس ڪائونسل لطيف آباد، حيدرآباد ۾ 4 ڏينهن 24 کان 27 آڪٽوبر “ڊراما فيسٽيول 2024ع” شاندار انداز سان ملھايو ويو. ھن ڊراما ميلي جو آرگنائيزر عقيل قريشي ھو. جنهن ۾ اصلاحي ۽ سماجي ڊراما پيش ڪري ھڪ نئين تاريخ جوڙي وئي آھي. اسٽيج ڊرامن توڙي فن جي ترقي واسطي اميد ڪجي ٿي ته سنڌ حڪومت جو ثقافت کاتو HAWA تنظيم جي مثالي ڪارڪردگي کي ڏسندي ساڻن مڪمل سھائتا ڪندو، جيئن آرٽ ۽ فنڪار جو قدر سندن زندگيءَ ۾  ٿي سگهي ۽ ھن اسٽيج تان عوام کي شاندار ڊرامن جي شڪل ۾ اصلاحي ۽ فلاحي تفريح جو سلسلو باقاعدگي سان جاري رھي.