بلاگ

ڇا سنڌ کي صرف قنڌاران جوکو آهي؟

سنڌ ۾ عام چوڻي آهي ته “جڏهن تڏنهن سنڌڙي توکي قنڌاران جوکو” هي چوڻي مختلف بزرگن جي نالي سان منسوب ٿيل آهي، اصل ۾ ڪنهن جي چيل آهي اهو ڪم اوهان گوگل بادشاهه تي يا ڪنهن داناءَ دانشور کان معلوم ڪري سگهو ٿا، پر آهي سچ. جڏهن انسان تهذيب جي دائري ۾ آيو ۽ خاص طور دريائن جي ڪپن تي شهر اڏيا ويا پوءِ انهن دريائن جي نالن سان واديون منسوب ٿيون، جيئن سنڌ ماٿري يا نيل ندي جي ماٿري ۽ اتان جي ماڻهن جي خوشحالي جو اهڃاڻ اڄ به آثارِ قديمه جا نشان ڏين پيا. خوشحال ماڻهو امن پسند هوندو آهي ۽ هو آرام سان زندگي گذارڻ چاهيندو آهي، ان جي اها خوشحالي ۽ آرام پسندي سندس ڪمزوري بڻجي ويندي آهي، پوءِ غير تهذيب يافته ماڻهن جا گروهه جيڪي صرف خانه بدوش زندگي گذاريندا آهن ۽ ان زندگي گذارڻ ۾ هو سخت جان بڻجي ويندا آهن، اهي انهن تهذيبن تي حملا آور ٿي لٽ ڦر ۽ قتل غارت جا نه مٽجندڙ نشان ڇڏي ويندا آهن. ڪيترائي شهر انهن جي انهي بربريت جو نشانو بڻجي، انهن جي ظلم جو قصو ٻڌائي رهيا آهن. حملا آورن جو ڪوبه مذهب نه هوندو آهي، هو صرف مرڻ ۽ مارائڻ تي يقين رکندا آهن، ڇو ته بک ۽ بدحالي جي ڪري هو ڪنهن به خوشحال علائقي کي تخت ۽ تاراج ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا آهن. خبر نه آهي ڇو؟ تاريخ انهن کي بهتر لفظن ۾ ياد ڇو ٿي ڪري؟ ۽ انهن جا ڪارنامه تاريخ هيرو وانگر بيان ڪري ٿي، سڪندرِاعظم انهن جي فهرست ۾ اول نمبر تي آهي. يونان کان هليو فارس کي تخت و تاراج ڪندو، برصغير ۾ پهتو ان وقت سنڌو ماٿري ڪشمير تائين هئي، جيڪڏهن اڄ به اسان “انسائيڪلوپيڊيا برٽينڪا” تي وڃون ته واضح لکيل آهي ته سڪندراعظم راجا پورس کي شڪست ڏئي پوءِ پاڻ به بيمار ٿي مري ويو، پر تاريخ ان کي فاتح اعظم ۽ سڪندراعظم جي نالن سان ياد ڪري ٿي، جيڪي هن ظلم ڪيا، ان جي ڪري هتان جي ماڻهن ڪيترو ڀوڳيو، پر مونکي ڪٿي به ان لاءِ غاصب يا جارح جو لقب نظر نه ٿو اچي. هي سلسلو هلندو رهيو، ان کانپوءِ عرب فاتحن جا قدم مبارڪ هن سرزمين تي پيا، انهن به ظلم جا داستان ڇڏيا آهن، پر اڄ به تاريخ ۾ محمد بن قاسم هيرو آهي، پوءِ جڏهن انهن عرب سڳورن دجله ۽ فرات جي علائقن تي بغداد ۽ بصره جهڙا شهر اڏيا ۽ تهذيب يافته ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن سان هلاڪو خان ڪهڙو ظلم ڪيو، پر چنگيز ۽ هلاڪو جا نالا اڄ به اسان فخر سان پنهنجي اولاد تي رکندا آهيون، بس صرف مذهبي ٽچ جي ڪري اِنهن کي ظالم ضرور چوندا آهيون، پر انهن جي اولاد جڏهن اسلام قبول ڪيو ۽ ڪم وري به ساڳيا پنهنجن وڏن وانگر ڦرلٽ ۽ قتل غارت ڪئي، پوءِ اسان جي تاريخ انهن لاءِ به بهتر لفظ استعمال ڪري ٿي مطلب تاريخ ۾ بهادر ۽ جنگجو صرف ان کي چيو ويو آهي، جيڪو ٻئي جي ملڪ ۾ طاقت جي زور سان گهڙي ان تي قبضو ڪري اتان جي ماڻهن کي غلام بنائي انهن جي وسيلن تي قبضو ڪري. برصغير خوشحال ۽ امن پسند رهيو آهي، ان ڪري هتان جي ماڻهن جي مٿان مسلسل حملا ٿيندا رهيا آهن، بس ڪڏهن ڪڏهن انهن کي مذهبي رنگ ڏنو ويو آهي، نه ته سڪندرِاعظم کان وٺي انگريز حملا آورن تائين سڀني جو مقصد صرف ڦرمار ۽ وسيلن تي قبضو هو. وچ ايشيا مان غاصب ۽ جارح جا نالا نه ٿا لکون جن مندرن جي مٿان سترنهن سترنهن ڪاهون ڪيون، مذهبي ماڻهو ڪاوڙ ڪندا، اهي ايندا رهيا ۽ ماڻهن کي لٽي ڦري غلام بنائي عورتن کي ٻانهيون بڻائي کڻي ويندا رهيا. هتي پهرين بادشاهي غلام گهراڻي قطب الدين ايبڪ کان شروع ٿي ڇو ته عرب سڳورا صرف ملتان “ان وقت سنڌ جو حصو” تائين پنهنجي حڪومت گورنر جي ذريعي هلائيندا هئا، اها ڪنٽرول بصره ۽ پوءِ بغداد کان ٿيندي هئي، غلام گهراڻي جي قائم ٿيل بادشاهي انگريز اچي ختم ڪئي، انهي وچ ۾ غوري، خلجي، سوري ۽ مغل هڪ ٻئي سان وڙهندي برصغير تي بادشاهي جاري رکي، جڏهن ته انهن سڀني جو مقصد ساڳيو هو، مطلب نالي ڪهڙي سان به، پر مقصد ڦرلٽ ڪرڻي هئي ۽ سڀ جا سڀ خانه بدوش طرزِ زندگي مان بادشاهه ٿيا هئا، مطلب حڪمراني يا ڦرلٽ، قتل ۽ خونريزي، اهو سلسلو اڄ به جاري آهي، بس ٿوري ۽ گهڻي شڪل جي ڦير گهير سان اڄ آمريڪا بهادر ڇا پيو ڪري؟ آءِ ايم ايف جي ذريعي ملڪن کي مفلوج ڪير پيو ڪري؟ يورپ جي به اهائي روايت رهي آهي، تقريبن سڀئي مسلمان ملڪ انگلستان، فرانس ۽ پرتگالن جي قبضي هيٺ رهيا آهن. هنن آفريڪا ۾ مذهبي بنيادن تي ڇا نه ڪيو؟ ائين ئي افغان يا افغاني پٺاڻ به خانه بدوش ۽ قبضه گير رهيا، انهن وٽ وسيلا نه هئا پوءِ انهن به ڦُر لٽ شروع ڪئي ۽ ان وقت جي بادشاهن جي فوج ۾ شامل ٿيا، جڏهن نادر شاهه دهلي کي تباهه ۽ برباد ڪري پيو ۽ محمد شاهه رنگيلو جيڪو مغل سلطنت جو بادشاهه پاڻ کي نسلي طور چنگيز خاني منگول چوڻ واري نادر شاهه جي رحم ڪرم تي هئو، ڇو ته خوشحالي ۽ آرام پسندي ان کي پنهنجي بادشاهي بچائڻ ۾ مدد ڪري نه سگهي.

ان وقت سنڌ جا حاڪم ڪلهوڙا هئا، جيڪي پهرين ته دهلي سرڪار کي ڀتو ڏيندا هئا، پر جڏهن دهلي سرڪار ڪمزور ٿي ته پوءِ هنن ڀتي ۾ ڪوتاهي پڻ ڪئي، ان وقت ٺٽي وارو علائقو سڌو مغلن جي مقرر ڪيل گورنر جي حڪم هيٺ هوندو هو، ان وقت ڪلهوڙن به دهلي جي گورنر عيسيٰ خان سان گڏجي مشهور صوفي بزرگ شاهه عنايت شهيد سان جنگ ڪئي، اهو تاريخ جو حصو ۽ قصو آهي. ڳالهه پئي هلي ته ڪلهوڙن سنڌ ۾ سٺي طاقت حاصل ڪئي، شڪارپور جيڪا ان وقت دائود پوٽن جي رياست هئي، اها به هنن جي حڪمراني ۾ اچي وئي، بروهين سان ۽ خان آف قلات سان هنن جون جنگيون ٿيون، جنهن ۾ هي سوڀارا ٿيا. نادر شاهه جڏهن دهلي کان واپس پئي آيو ته ان کي سنڌ مان به خراج حاصل ڪرڻو هو، دهلي مان لٽ ڦر ڪري چڪو هو، اچانڪ ڪلهوڙن جي مٿان اچي ڪڙڪيو، ايڏي وڏي فوج سان ڪلهوڙا منهن نه پئي ڏئي سگهيا، ان ڪري هنن به اقرار ڪيو ته اسان توهان جا باج گذار ٿيون ٿا، اسان کي سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ ڏيو، هن وقت اوهان کي ويهه لک ڏيون ٿا ۽ هر سال به اوهان جو ڀتو اوهان کي ملندو رهندو، هي 1740ع جو قصو آهي، پر پوءِ به نادر شاهه ڪلهوڙن تي اعتبار نه ڪيو ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جا ٻه پٽ يرغمال بڻائي پاڻ سان ايران وٺي ويو، ان وقت سندس گادي جو هنڌ مشهد هو ۽ ويندي ويندي سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهائي ويو. اسان لفظ ڀتو استعمال ڪريون ٿا ان ڪري جو ڌاڙيل يا بدمعاش ڪنهن ناجائز قبضي سان ڪابه رقم حاصل ڪري ته ان کي ڀتوئي چئبو. تاريخ ڀلي خراج چوي. ان وقت سنڌ لسٻيلي ۽ سبي تائين پکڙيل هئي، حملا آورن جو لنگهه قنڌار کان ٿيندو قلات مان گذرندو، سبي جي ميداني علائقن تائين هوندو هو. ان وقت اهو چيو ويو ته جڏهن تڏنهن سنڌڙي تو کي قنڌاران جوکو نادرشاهه جي مرڻ کانپوءِ احمد شاهه ابدالي جيڪو افغاني پٺاڻ هو ۽ نادرشاهه جو حاضري جو نوڪر هو، سندس ڀاءَ پڻ نادر شاهه جي فوج ۾ اهم رتبي تي هو، احمد شاهه ابدالي پوءِ نادر شاهه جي هڪ بيواهه سان پڻ شادي ڪئي، هو نادرشاهه جي ڦرلٽ اکين سان ڏسي چڪو هو ۽ جڏهن نادر شاهه دهلي آيو ته هي ساڻس گڏ هو. برصغير جي فوجي طاقت کان به واقف هو، ان به اهو ڪم ڪيو ۽ ان دراني مملڪت جو بنياد وڌو، ڇو ته سندس قبيلو دراني هو ۽ هن به ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا پاڻيپٽ ۾ جنگيون ڪيون، جڏهن ته دهلي جا حڪمران ان وقت به مغل هئا ۽ انهن جو مذهب ۽ ابدالي مذهب ساڳيو هو، هڪ ڀيرو وري ان جملي جو ورجاءَ ڪريون ٿا ته حملا آورن جو مقصد صرف ڦرلٽ هوندو آهي بس!! سنڌ ٽن حصن ۾ ورهائجي ويئي، ڪڏهن تاريخ پڙهجو ۽ پوءِ مدد خان جي سنڌ جي حملي وقت جيڪا چوڻي مشهور ٿي اها هئي: “گهوڙا ڙي گهوڙا” مدد خان به سنڌ سان گهٽ نه ڪئي، مدد خان به اسان جو مسلمان افغاني پٺاڻ ڀاءَ هو ۽ هتي جي حڪومت ڪلهوڙن جي هئي، جيڪي پڻ مسلمان هئا، مدد خان جو سنڌ ۾ اچڻ 1772ع وارو وقت آهي هڪ ٻه سال اڳي پوءِ ٿي سگهي ٿو ۽ احمد شاهه ابدالي پڻ مري چڪو آهي ۽ سندس پٽ دراني سلطنت جو بادشاهه هو، جنهن جي ڀاءَ سان پڻ اڻبڻت هئي اهو ذڪر اسان هتي نه ٿا ڪريون، اسان صرف 1772ع کان 1977ع تائين جمپ لڳايون ٿا. ضياءَالحق جي مارشلا آمريڪا سان گڏجي افغان ڀائرن جي مدد ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ افغان ڀائر مهاجر ٿين ٿا ۽ پاڪستان ۽ ايران ۾ پناهه وٺن ٿا، ايران ۾ اڄ افغان پناهگير آهن، پر سرحدي علائقن ۾ اهي ڪيمپن ۾ رهن ٿا. جڏهن ته اسان وٽ افغاني ڀائر پوري پاڪستان ۾ رهن ٿا، خاص طور ڪراچي ته انهن لاءِ ڪابل ٿي ويو آهي، 50 سالن ۾ انهن هتي پنهنجي طاقت حاصل ڪري ورتي آهي، مجال آهي جو هتان جو قانون سندن نالو وٺي، مطلب ته ضياءَالحق کان وٺي سراج دراني تائين انهن جا سهولتڪار اڄ به هتي موجود آهن، هاڻي هو لکن جي تعداد ۾ ڪراچي کان به نڪري پوري سنڌ ۾ پکڙجي چڪا آهن، هڪ ته انهن لاءِ لڪڻ آسان آهي، خبر نه ٿي پوي ته پاڪستاني پٺاڻ آهن يا افغاني پٺاڻ ٻيو ته سهولتڪار سراج کان وٺي اچڪزئي تائين جيڪو موصوف فرمائي ٿو ته افغاني پٺاڻن کي پاڪستاني ۽ افغاني ٻٽي شهريت ملڻ کپي. مون سوچيو هو ته اسان جو ڪو گهڻ گهرو اچڪزئي جي اهڙي بيان جي مذمت ڪندو، پر محسوس ائين ٿيو ته سڀ جا سڀ سراج دراني آهن، ڪنهن دانشور دوست سان ڳالهه ٿي، ان چيو ته ادا پٺاڻ جي خمير ۾ پرماريت هوندي آهي، هو صرف پنهنجي نسلن سان سچو هوندو آهي، ان وٽ ڪي به اصول نه هوندا آهن، انهن کي به ٻين جا وسيلا کپن، ڳالهيون ڀلي ڪهڙيون به ڪن، سراج هجي، منظور پشتين هجي، ايمل ولي يا اچڪزئي هجي، يا تحريڪ طالبان پاڪستان، سڀني کي وسيلا کپن ۽ اهي وسيلا سنڌ جا هجن جيڪي حاصل ڪرڻ ۾ آسان آهن، ڇو ته هتي جو ماڻهو ڪمزور به آهي، ورهايل به آهي ۽ سندس اڳواڻ پڻ انهن طاقتن سان سلهاڙيل آهن، نه ڪي هتان جي عوام سان. هاڻي ته لاڙ جي پاسي ڳوٺن جا ڳوٺ افغاني پٺاڻن جا آباد ٿي رهيا آهن، ڇو ته افغاني پٺاڻن هتان جي ڀاڙيتو آفيسرن کي رشوتون ڏيئي پاڪستاني شناختي ڪارڊ ٺهرائي ورتا آهن، هاڻي هو ملڪيتون خريد ڪن پيا ۽ روز افغاني پٺاڻن جا ڪٽڪ پاڪستان ۾ خاص طور سنڌ ۾ اچن پيا ۽ ڪير به انهن کي روڪڻ وارو نه آهي، سڀئي انهن جا سهولتڪار آهن، هٿيار ۽ منشيات جا وڏا واپاري آهن، پئسو به جام اٿن، ٽرانسپورٽ به انهن جي حوالي، مذهبي ڪارڊ استعمال ڪندي مدرسه به ٺاهي رهيا آهن، انڌير ته ڏسو عمران پاڻ ٿو تسليم ڪري ته سندس حڪومت ۾ سرڪار جي پاليسي هئي ته جيڪي جنگجو پٺاڻ افغانستان ۽ روس ۽ پوءِ آمريڪا سان وڙهيا آهن، انهن کي پاڪستان ۾ مستقل رهائش ڏني وڃي ۽ انهن جي آبادڪاري ڪئي وڃي، بس انهن کي نالي ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان چون ٿا، افسوس آهي جو اسان اڄ تائين سبق سکي نه سگهيا آهيون ته غير قانوني رهندڙ افغاني پٺاڻ اسان کي ڪيترو نقصان ڏين ٿا ۽ ڏيئي چڪا آهن ته پوءِ قانوني طور رهندڙ افغاني پٺاڻ ڪهڙيون حالتون ڪندا؟ اگر ڪنهن کي ڏسڻو آهي ته ڪراچي ۾ افغاني بستين ۾ وڃي ڏسي ته خبر پئجي ويندي، هو ته قانون کان مٿانهان آهن، پوليس جي انهن جي علائقن ۾ وڃڻ تي اڻ اعلانيل بندش پيل آهي، بجلي جو بل هو نه ڏيندا آهن، پاڻي جي لائنن کي ڪٽ هڻي ان منجهان غير قانوني ڪنيڪشن وٺيو ويٺا آهن، ڪنهن کي به طاقت نه آهي ته انهن کي ڪٽي. هاڻي ته هو واپس وڃڻ لاءِ بلڪل تيار نه آهن، هاڻي پوري سنڌ ۾ پکڙجن پيا، هتان جي ماڻهن کي قتل ڪن پيا، وسيلن تي پڻ قبضا ڪري رهيا آهن، عمران خان پاڻ چوي ٿو ته هنن کي سهولتون ڏيئي آباد ڪيو، ٿي سگهي ٿو هن حڪومت جي به اها ئي پاليسي هجي، پوءِ هتان جو ڪمزور ماڻهو جيڪو ويچارو، دهل تي ۽ برياني جي پليٽ تي نچي پيو ۽ ووٽ ڏئي پيو ۽ ان ووٽ جي طاقت سان حڪمران ٿيندڙ اڳواڻ هن کي نچائي پيو، اهو اسلحه بردار منشيات فروش پئسي واري منظم افغاني پٺاڻ سان ڪيئن پڄي سگهندو. يقينن اسان جو دشمن افغاني پٺاڻ ته آهي، پر ان جو سهولتڪار ڀلي هو ڪنهن به روپ ۾، ڪنهن به نالي ۾ ۽ ڪنهن به پارٽي ۾ ڇو نه هجي، اهو به اسان جو دوست نه آهي، جاڳون ٿا يا نه فيصلو اسان کي ڪرڻو آهي، نه ته پوءِ ڀوڳڻو پوندو.

***