دنيا ۾ وڌندڙ ائٽمي جنگ جا آثار

نيويارڪ ٽائيمز جي ھڪ رپورٽ منظر تي آئي آھي. جنھن موجب روس ۾ ٿيل ھڪ خفيه گڏجاڻي ۾ يوڪرين تيTactical Nuclear Attack تي ويچاريو ويو، پر ھن گڏجاڻي ۾ روسي صدر پيوٽن موجود نه ھو. آڪٽوبر ۾ آمريڪا کي مليل ھن خفيه خبر بابت اھو به ٻڌايو ويو ته ٽيڪٽيڪل نيوڪليئر حملي جو ٻڌي صدر بائيڊن جي ننڊ اڏامي وئي. اھا خبر عالمي ميڊيا تان نشر ٿي.

ٻي عالمي جنگ (1939ع کان 1945ع) جڏھن پنھنجي زورن تي ھئي، ٻن گروپن جن ۾ اتحادي طاقتون (بگ ٿري برطانيا، روس ۽ آمريڪا سان گڏ پولينڊ، چيڪو سلواڪيا، ناروي، نيدرلينڊ، بيلجيئم، ليگزمبرگ، فرانس، ھڪ آفريڪن ملڪ ايٿوپيا، يونان، يوگو سلواڪيا ۽ ھڪ ايشين ملڪ فلپائن) ۽ محوري طاقتون (بگ ٿري جرمني، اٽلي ۽ جاپان سان گڏ ھنگري، رومانيا، سلواڪيا، بلغاريا، ڪروشيا، فن لينڊ ۽ ھڪ ايشين ملڪ ٿائيلينڊ) جھيڙي رھيون ھيون. جنھن وقت جنگ عروج تي پھتل ھئي ۽ ڪنھن جي وھم ۽ گمان ۾ به نه ھو ته آمريڪا جاپان خلاف نيوڪليئر ھٿيار استعمال ڪندو، پر ھن ايئن ڪيو ۽ جاپاني شھر هيروشيما ۽ ناگاساڪي آمريڪي ائٽم بمن جو کاڄ بڻيا. اڄ جڏھن روس بار بار مغربي ملڪن کي يوڪرين سان جنگ جي شروع کان ئي يوڪرين جي مدد کان باز نه رھڻ جي صورت ۾ ائٽمي ھٿيارن جي استعمال جون وڏي واڪي ڌمڪيون ڏيندو رھيو آھي ته ان ۾ ڪو به شڪ نه ھجڻ کپي ته روس ايئن ڪونه ڪندو.

يوڪرين روس جنگ ۾ تيزي ان وقت آئي جڏھن گذريل مھيني آڪٽوبر جي پھرين ڏھاڪي ۾ روس جي انتظاميه ھيٺ علائقي ڪريميا جي پل تي ڪار بم ڌماڪو ٿيو. اھا ڪريميا ۽ روس کي جوڙيندڙ يورپ جي سڀ کان وڏي پل آھي. چيو پئي ويو ته صدر پيوٽن ڪريميا پل تي ٿيل ھن حملي کي وڏي آرام ۽ خاموشي سان ورتو. حملي بعد 48 ڪلاڪن گذرڻ بعد روس يوڪرين تي زمين تنگ ڪري ڇڏي. ميزائلن سان زمين ۽ آسمان تان باھ وسائڻ لڳو. يوڪريني گادي وارو شھر ڪيف حملن سان گونججي ويو ۽ اهو ڏسڻ ۾ اچي پيو ته روس جي نون حملن ۾ پوشيدہ پيوٽن جي ڪاوڙ يوڪرين ۾ ھر طرف تباھي جا طوفان آندا آهن.

روسي صدر پيوٽن جي ڪاوڙ يوڪرين جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو. عالمي ميڊيا ۾ يوڪرين جي شھرن جي تباھي جا خوفناڪ منظر ڏسڻ ۾ آيا. ڪريميا جي پل تي حملي جو بدلي وٺڻ لاءِ 10 آڪٽوبر کان شروع ٿيل شديد روسي حملن ۾ يوڪريني راڄڌاني ڪيف، اوڊيسا ۽ خارڪيف ۾ ڪاري سمنڊ مان روسي جنگي جهازن ذريعي ڪليڪٽر ڪروز ميزائلن سان حملا ٿيا. 180 ھنڌن تي روس جي زبردست حملن سان نيٽو تي به ماڪ پئجي وئي.

عالمي ميڊيا موجب اھڙي ايمرجنسي ته ڪيف ۾ جنگ جي شروع ۾ به نظر نه آئي. يوڪرين جي صدر زيلنسڪي جي وڊيو بيان ۾ روس پاران يوڪرين تي حملن ۾ ايراني ڊرونز جي استعمال جي دعويٰ ڪئي وئي. جڏھن ته ايران پاران پنھنجي ڊرونز جي يوڪرين جنگ ۾ استعمال جي ترديد ٿيندي رھي. ايراني ڊرونز جي يوڪرين ۾ آندل تباھي اسرائيل لاءِ يقينن ڳڻتي جوڳي ھوندي. دنيا ۾ خودڪش ڊرونز جو استعمال پھريون ڀيرو ٿيو آھي.

روس ڪريميا پُل تي حملي وقت ئي چيو ھو ته ھي حملوTerror attack کان گھٽ نه آھي. روس ان پل تي حملي جي جواب ۾ شروعاتي ڏينھن 58 ارب رپين کان وڌيڪ جا ميزائل يوڪرين تي فائر ڪيا. پيوٽن جي ڪاوڙ جو ثبوت ھن کان اڳ دنيا اھڙو نه ڏٺو ھو. رڳو ڪيف تي روس 100 کان وڌيڪ ميزائل فائر ڪيا. جڏھن ته اڱاري ڏينھن 11 آڪٽوبر تي به ڪيسپيئن سمنڊ مان يوڪرين تي روسي حملا جاري رھيا. عالمي ميڊيا دعويٰ ڪري رھي ھئي ته ان ڏينھن يوڪريني شھر زيپوريزيا ۾ صبح وقت 16 روسي حملن ۾ 43 ماڻھو مارجي ويا. آمريڪا موٽ ۾ بس ايترو ڪيو جو يوڪرين کي فضائي دفاعي نظام ڏيڻ جو اعلان ڪيو. خبر ناھي ڇو يوڪريني صدر زيلنسڪي کي جنگ کان اڳ وارن ڏينھن ۾ اھو سمجھ ۾ نہ آيو تہ آمريڪا پلس نيٽو يا يورپ ۽ روس ۾ ھلندڙ تڪرارن ۽ عداوتن جي ٽڪراء جو مرڪز يوڪرين بڻجي سگھي ٿو، جنھن مان يوڪرين جي حصي ۾ صرف تباھي ئي اچڻي آھي. نتيجي طور يوڪرين جي ھن وقت خون ۽ بارود سان تباھي جي تاريخ لکجي رھي آھي. زيلنسڪي اگر نيٽو کي روس خلاف بندوق ھلائڻ لاءِ پنھنجو ڪلھو استعمال نه ڪرڻ ڏي ھا ته کيس خوبصورت يوڪرين جي ڌرتي تي روسي بارود جي ڌپ سونگھڻي نه پوي ھا، شھرن جا شھر مٽجندي نه ڏسڻا پون ھا.

اڃا اھو واقعو ٿيندي ڪجھ ئي ڏينھن گذريا ته آڪٽوبر جي آخر ڌاري جنگي محاذ تان ھڪ ٻي خبر آئي ته ڪارو سمند ۾ ڪريميا جي بندرگاھ (اھو يوڪريني علائقو جنھن تي روس 2014ع ۾ بنا ھٿيار ھلائڻ جي قبضو ڪري ورتو ھو) سيوسٽاپول Sevastopol جي ويجھو بيٺل جديد روسي جنگي جھاز ايڊمرل ميڪروو کي يوڪرين تباھ ڪري ڇڏيو. ھي جھاز 409 فوٽ ڊگھو ميزائل بردار جھاز ھو. يوڪرين ھن جھاز کي پاڻي واري ھڪ ڊرون ذريعي تباھ ڪيو. يوڪرين پاران ان حملي جي وڊيو به جاري ڪئي وئي. يعني ھن جنگ ۾ اڏامندڙ خودڪش ڊرونز سان گڏ پاڻي وارو ڊرون به استعمال ٿيو. حملي سان ٻنھي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ ۾ تيزي اچي وئي ۽ روس جواب ۾ نه رڳو يوڪرين تي سوپر سونڪ ميزائلن سان حملا ڪيا پر ڪاري سمنڊ مان احتجاج جي طور تي يوڪرين جي اناج جي روانگي کي معطل ڪري ڇڏيو. يوڪرين پنھنجي غذائي جنسن جو واپار دنيا سان ھن ئي لنگھ ذريعي ڪندو آھي، جنھن تي ھاڻي روس جو مڪمل قبضو آھي. ترڪيه جي ڪوششن سان ڪجھ وقت پھرين اڃا ھي بند رستو ان شرط سان روس کوليو ھو ته يوڪرين ان ڪمائي مان ملندڙ رقم جنگ تي خرچ نه ڪندو. جنھن سان دنيا مان غذائي کوٽ گھٽجي ھئي. خير، چند ڏينھن بعد وري خبر آئي آھي ته روس پاڻمرادو ان معاھدي ۾ واپسي ڪئي ۽ آبي رستو کولي ڇڏيو آھي. روس جي بچاءَ واري وزارت جو چوڻ آھي ته يوڪرين فوجي ڪارروائي لاءِ ھيءَ راھداري استعمال نه ڪرڻ جي لکت ۾ پڪ ڏياري هئي.

انھن جنگي حالتن ۽ روس تي ڪريميا حملن ۾ انڪري به تِک ۽ تلخي وڌي جو روس تازو يوڪرين جي 4 شھرن ڊونيسڪ، لوھانسڪ، خيرسون ۽ زيپوريزيا تي نه صرف قبضو ڪيو پر اتي ريفرينڊم ڪرائي انھن کي پنھنجي ملڪ ۾ شامل ڪري ورتو. عالمي تجزيي ڪارن موجب روس انھن شھرن کيNuclear Shield ۾ به آڻي ڇڏيو.

ان بعد يوڪرين روسي فورسز تي حملن ۾ تيزي آندي ۽ ڪريميا جي پل ۽ روسي جنگي جهازن تي حملا به ڪيا. ھوڏانھن روس ۽ برطانيا وچ ۾ ھنن ڏينھن ڇڪتاڻ اڃا به وڌي وئي آھي جو روس نه رڳو برطانيا تي پنھنجي نورڊ اسٽريم گئس پائيپ لائن (روس کان جرمني کي بالٽڪ سمنڊ اندران سپلاءِ ٿيندڙ گئس پائپ لائين) ۾ ڌماڪي جو الزام ھنيو آھي، پر پنھنجي بحري ٻيڙي ايڊمرل ميڪاروو تي حملي جو به الزام ھڻي ڇڏيو آھي. عالمي ميڊيا دعويٰ ڪئي آھي ته برطانيا تي روسي ڪروز ميزائلن جي حملي جو خطرو وڌندو پيو وڃي. روس کي پنھنجي سرمٽ ميزائل تي وڏو ناز آھي. جيڪو ھڪ ئي وار سان برطانيا کي دنيا جي تختي تان ميساري سگهي ٿو.

ٻئي طرف ناروي کي روسي حملي جو ڊپ ورائي ويو آھي، جنھن پنھنجي فوجن کي خبردار ڪري ڇڏيو آھي. پولينڊ ته ڪجھ ڏينھن اڳ روسي ائٽمي حملي جي ڊپ سبب آمريڪا کي پنھنجي ملڪ ۾ ائٽمي ھٿيار تعينات ڪرڻ لاءِ منٿون ڪيون.

عالمي ميڊيا جي توجھ يوڪرين جنگ تي آھي، جتان روز نيون خبرون اچي رھيون آهن، جيڪي وڌندڙ عالمي تڪرارن ۽ آئندي جي جنگي ميدانن ۾ مورچا بندين جي نشاندھي ڪن ٿيون. برطانيا دعويٰ ڪئي آھي ته روس ھاءِ ٽيڪ ھٿيار ٻاھر ڪڍيا آھن ۽ ھن پنھنجي ساٿاري ملڪ بيلاروس ۾ ھائپر سونڪ ائٽمي ميزائل ڪنزھل تعينات ڪري ڇڏيا آھن ته جيئن روس نيٽو کي اکيون ڏيکاري ان کي روس تي حملي کان باز رکي. واضح رھي ته آواز کان ڏھ دفعا تيز اڏامندڙ يعني 12000 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏامندڙ ڪنزھل ميزائل ايترو ڳرو ائٽم بم کڻي وڃي جتي ڪري ٿو اتي ڪئين ڪلوميٽرن تائين باھ جو گولو پکڙجي وڃي ٿو. برطانيا جي دعويٰ آھي ته روس بيلاروس ۾ ان ميزائل کي تعينات ڪيو آھي.MIG 31 K جنگي طيارن ۾ ھنن ميزائلن کي لوڊ به ڪيو ويو آھي. جنھن جو ھڪ مطلب ھي به آھي ته جيئن يوڪرين بيلاروس ۾ روس جي ڪنھن به ٺڪاڻي تي حملو ڪرڻ کان اڳ سئو دفعا سوچي.

روس مگ فائيٽر جھازن کي ائٽمي ھٿيار کڻڻ جي لاءِ ئي تيار ڪيو آھي. ھي طيارا 2000 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏام ڪن ٿا. ڪنزھل ميزائل جو نالو Career killer به آھي. برطانيا روس تي الزام پڻ عائد ڪيا آھن ته روس يوڪرين ۾ سوپر سونڪ ميزائل حملا ڪري پيو جيڪي سندس انتھائي جديد جھاز Tu-23 مان فائر ڪيا وڃن ٿا.

عالمي ميڊيا ۾ تازو سيٽلائيٽ جي مدد سان اھڙيون تصويرون ڏيکاريون پيون وڃن جن ۾ بيلاروس جي ھڪ ايئر بيس تي 6 روسيMi-8 ۽ Mi-24 ھيليڪاپٽر ۽MiG-31K فائيٽر طيارا تعينات ٿيل آھن جن جي ڀرسان خطرناڪ روسي ائٽمي ميزائل به ڏٺا ويا آھن.

ٻئي پاسي روسي خفيه ايجنسي ڪي.جي.بي جي دعويٰ به سامھون آئي آھي ته “آمريڪا بيلاروس کي تباھ ڪرڻ لاءِ ھڪ پلان تيار ڪيو آھي. جنھن تحت آمريڪا ناروي مان پولينڊ جي رستي حملو ڪندو”.

6 نومبر تي اھا خبر به آئي آھي تہ آمريڪا ۽ يورپ کي ڊپ آھي ته روس پنھنجي جنگي ٻيڙي تي ٿيل حملي جو بدلو وٺندو سو آمريڪا دنيا جي سڀ کان وڏي پنھنجي ائٽمي آبدوز کي ڪاري سمنڊ ۾ تعينات ڪرڻ لاءِ روانو ڪري ڇڏيو آھي.

عالمي ميڊيا موجب يوڪرين کي سوئيڊن کان دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ تيز ترار توپ ملي وئي آھي. سوئيڊن اھڙيون 12 توپون فراھم ڪيون آھن، جيڪا 30 سيڪنڊن ۾ تيار ٿي 30 گولا فائر ڪري وجھي ٿي.

ڪينيڊا جي فورسز يوڪريني فوجين کي گوريلا جنگ جي سکيا پئي ڏي.

جرمني به يوڪريني فوجين کي سکيا ڏئي رهيو آهي.

اھا يوڪرين جنگ ئي آھي جنھن سبب يورپ ۾ روس، آمريڪا ۽ يورپ کي ھڪٻئي خلاف پري کان مار ڪرڻ وارا ميزائل تعينات ڪرڻا پيا. روسي حملن سبب يوڪرين ۾ آمريڪا جو به اصل امتحان جلد شروع ٿيڻ وارو آھي ته هو سخت سردين ۾ يوڪرينين کي ٿڌ ۽ ممڪنه روسي ائٽمي حملي کان ڪيئن ٿو بچائي؟ ڇو جو جنگ جي چڻنگ ٻارڻ وارو خود آمريڪا ۽ نيٽو ئي ته آھن.!!

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments