ٽرانسجينڊر بل

اسانجي سولر سسٽم ۾ ڌرتي ئي شايد واحد سيارو آهي جتي زندگي پنهنجي حسن سان مختلف شڪلن ۽ رنگن ۾ موجود آهي ۽ اها ئي انهي گولي جي خاص ڳالھ آهي ته هتي زندگي موجود آهي. جيڪر هتي زندگي نه هجي ها ته هن سياري جي به ڪا اهميت نه هجي ها. هتي زندگي پنهنجي مڪمل جلوي سان موجود آهي ۽ ان جا هزارين نه بلڪي لکين قسم آهن. زندگي جي ان شڪلن تي اڀياس ڪندي ئي ڪنهن خالق ڏانهن ڌيان ڇڪجي وڃي ٿو ته ڪهڙي بهترين طريقي سان زندگي جي ترتيب ٺاهي وئي آهي. هن ڌرتي تي زندگي جو سفر لکين سالن تي ٻڌل آهي ان ۾ زندگي مختلف مرحلن کان ٿيندي اڄ واري انساني زندگي جي شڪل ۾ موجود آهي. زندگي جي اها ترتيب اهڙي ته خوبصورت طريقي سان جڙي آهي جو اڀياس ڪندڙن کي حيران ڪري ڇڏي ٿي. هن ڌرتي تي زندگيءَ جا ڪروڙين قسم آهن. هتي زندگي لاءِ اهڙو ته ماحول موجود آهي جو ڪو مائڪرو اسڪوپ تي ڏسڻ گهري ته ان کي چانھ جي ڪپ جي ڳن تي هڪ زنده جيوڙو پنهنجي زندگي گذاريندي ملندو. ڌرتي تي ڪيڙن ماڪوڙن کان وٺي اٺ جهڙي جاندارن جي صورتن ۾ زندگي پکڙيل آهي بهرحال! چوڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان واري ڌرتي زندگي جي نشونما لاءِ هڪ بهترين جڳھ ثابت ٿي آهي، ٻين ساھ وارن سان گڏ انسان به هڪ جاندار مخلوق آهي، انسان ۽ ڌرتي جي ٻين مخلوقن ۾ فرق اهو آهي ته انسان سوچ رکي ٿو ۽ فيصلي ڪرڻ ۾ ٻين جانورن کان وڌيڪ تيز آهي ڇو ته ان وٽ دماغ آهي ۽ اهڙو دماغ اٿس جيڪو هن ڌرتي تي ٻيو ڪنهن به جاندار وٽ نه آهي. ان لاءِ انسان جي حيثيت هن ڌرتي تي ممتاز ۽ نرالي آهي، هو جسماني لحاظ کان ڪمزور به آهي ته وري ذهانت جي اعتبار سان هن جو ڪو ثاني ناهي، پر نسل جي اعتبار سان انسان ڌرتي جي ٻي جاندار مخلوق کان مختلف آهي. ڇو ته ڌرتيءَ تي موجود ٻي جاندار مخلوق جا هزارين قسم آهن پر هاڻوڪي انسان جو محض هڪ ئي نسل آهي مطلب ته انسان جو هڪ ئي نسل آهي پر ان جو جينياتي ڪوڊ مختلف آهي، جنهن سان هو مختلف برادرين ۽ خاندانن ۾ ورهايل آهي هن ڌرتي تي موجود مخلوق مرد ۽ عورت يعني ٻن جنسن ۾ ورهايل آهي ۽ انهن جي پيداوار ۽ نسل وڌڻ جو سبب ئي هڪ ٻي جي تعلق جي بنياد تي آهي.

انسان جي تهذيب وقت سان گڏ ترقي ڪئي آهي ان ۾ مختلف شعبن سان گڏ ميڊيڪل سائنس ۾ پڻ وڏي ترقي ٿي آهي. اڄ جي جديد سائنس جي مدد سان اهو ٻڌائي سگهجي ٿو ته انسان ڪيئن پيدا ٿيندو آهي ۽ ڪهڙن مرحلن کان ٿيندي هڪ انسان جي بناوٽ ٿيندي آهي ۽ ڪهڙي طرح مرد ۽ عورت ۾ فرق پيدا ٿيندو آهي. ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار ٺهڻ جو پهريون عمل شروع ٿيندو آهي ۽ ڪجھ هفتن کانپوءِ نر يا مادي ٺهڻ جو عمل شروع ٿيندو آهي، اهو عمل ٻار جي ٺهڻ جي 7 کان 12 هفتن کان پوءِ ٿيڻ شروع ٿيندو آهي سائنسي زبان ۾ عورت لاءِ ايڪس ايڪس ۽ مرد لاءِ ايڪس وائي ڪروموزومس استعمال ڪيو ويندو آهي. جڏهن پيءَ کان ايڪس ۽ ماءُ کان ايڪس ايڪس ڪروموزومس ملن ٿا ته عورت جي تخليق ٿئي ٿي ۽ جڏهن پيءُ کان واءِ ۽ ماءُ کان ايڪس ڪروموزوم جو ميلاپ ٿئي ٿو ته مرد جي تخليق ٿئي ٿي. ايڪس وائي جينياتي جزا هوندا آهن جيڪي مرد ۽ عورت ۾ هوندا آهن ۽ اهي ٻار پيدا ڪرڻ جو سبب هوندا آهن. انهن جينياتي جزن کان بغير ٻار نٿو پيدا ٿي سگهي عورت اندر ايڪس ايڪس جزا هوندا آهن جڏهن ته مرد وٽ ايڪس ۽ وائي جزا هوندا آهن عورت اندر جيڪڏهن ايڪس ايڪس مرد جي ايڪس وائي تي غالب ٿيندا آهن ته ٻار مادي ٿيندو پر جيڪر مرد جا ايڪس وائي عورت جي جينياتي جزن تي غالب ايندا ته ٻار نر پيدا ٿيندو آهي.

مرد وٽ وائي جين هوندو آهي جڏهن ته عورت وٽ ايڪس پوءِ ائين ٿيندو آهي ته مرد جو ايڪس وائي هڪڙو ٻيو جين پيدا ڪندو آهي جنهن کي ايس آر وائي جين چيو ويندو آهي جنهن سان بعد ۾ مرد ڪيريڪٽر جو ٻار ٺاهڻ شروع ٿيندو آهي ۽ جيڪڏنهن ايس آر وائي جين پيدا نه ٿيندو ته عورت پهرين کان ئي ايڪس جينياتي جزا هوندا آهن ته پوءِ ٻار عورت جي صورت ۾ پيدا ٿيندو ڇو ته ايس آر وائي جين محض مرد ۾ ئي پيدا ٿيندو آهي عورت وٽ اهو جين ناهي هوندو جيڪڏنهن مرد جا جينياتي جزا ايس آر وائي پيدا نه ڪري سگهن ته ٻار مادي پيدا ٿيندو، پر ڪڏهن ڪڏهن جينياتي جزن ۾ ائين به ٿيندو آهي ته ٻار ٺهڻ وقت ڪجھ جزا ڪنهن سبب تحت مڪس ٿي ويندا آهن جنهن ۾ ٻار نه مرد ٿيندو آهي ۽ نه عورت، ٿيندو ائين آهي ته جڏهن ٻار ٺهڻ جي مرحلي ۾ هوندو آهي ته مرد ۽ عورت جي جزن ۾ ڦير گهير ٿيندي آهي جنهن سان ٻار جي ڪيريڪٽر تي فرق پوندو آهي مثال طور هڪ ٻار وڏو ٿي بظاهر ڇوڪرو هوندو آهي، پر ان جو ڪيريڪٽر ڇوڪري جهڙو هوندو ۽ ٻي طرف هڪ انسان بظاهر ڇوڪري هوندو، پر ان جو ڪيريڪٽر مرد جهڙو هوندو آهي، اهو سڀ قدرتي هير ڦير جي سبب کان ٿيندو آهي.

انسان جي تهذيبي تاريخ ۾ اهڙا ٻار پيدا ٿيندا رهيا آهن ۽ پوءِ معاشري انهن کي قبول ڪرڻ بجائي انهن کي نفرت جي نگاھ سان ڏٺو آهي. اڪثر والدين به اهڙي ٻارن کي قبول ناهن ڪندا ۽ نتيجي ۾ ٻار گهران نفسياتي بيماري جو شڪار ٿي نڪري ويندا آهن ۽ گمنامي جي زندگي گذاريندا آهن اهڙن ٻارن سان تاريخ ۾ ظلم ڪيو ويو آهي، انهن کي انسان ئي نه سمجهيو ويو آهي بلڪه انهن سان جانورن کان بدتر رويو رکيو ويو آهي جڏهن ته انهن جي اهڙي ڪيريڪٽر جو سبب اهي ٻار پاڻ ناهن هوندا بلڪه اهو سڀ قدرتي عمل آهي. بلڪل اهڙي طرح جيئن هڪڙو ٻار انڌو پيدا ٿئي، ٻار جو انڌو پيدا ٿيڻ ٻار جي خواهش تي نه بلڪه قدرتي سببن جي ڪري ٿيندو آهي، پر انساني معاشري ۾ اهڙي ٻارن کي هميشه نظر انداز ڪيو ويو آهي انهن سان ظلم ڪيو ويو آهي انهن کي هر دور ۾ انساني بنيادي حقن کان محروم رکيو ويو آهي ماضي ۾ به انهن کي معاشري ۾ به انهن جي لاءِ نفرت ۽ حقارت محسوس ڪئي ويندي هئي ۽ انهن کي قبول نه ڪيو ويندو هو ۽ اڄ به انهن کي دل سان قبول نٿو ڪيو وڃي. انهن کي سماجي ڪم ڪار کان پري رکيو ويندو هو اڄ به جتي سائنس، اخلاقيات، نفسيات سميت تمام علمن کان انسان واقف ٿي چڪو آهي تڏهن به اهڙن ٻارن ۽ ماڻهن سان بدترين رويو رکيو ويندو آهي، ماضي جي ۽ اڄ جي دور جي نفرتن ۽ تلخ روين سبب انهن جي هڪ الڳ ڪميونٽي پيدا ٿي چڪي آهي. اڄ انهن جي دنيا عام مرد عورت جي دنيا کان گهڻي مختلف آهي انهن ان جو سبب اهي تلخيون ۽ دل خراش رويا آهن، جيڪي انساني معاشري انهن سان صدين کان وٺي روا رکيا آهن. معاشري ته پنهنجي جائي تي، پر خاندان وارا به اهڙي ٻار کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندا آهن ۽ انهن سان سخت ۽ دل خراش رويو رکيو ويندو آهي. نتيجي ۾ اهو ٻار نفسياتي مريض ٿي ويندو آهي. بهرحال! اڄ جي دنيا ۾ انساني معاشري جتي ترقي ڪئي آهي ۽ انسان ٽيڪنالوجي جي دور ۾ رهي ٿو، تنهن کان سواءِ ميڊيڪل سائنس بايولوجي ۽ جينٽيڪ انجنئرنگ انساني معاشري ۾ انقلاب آندو آهي ته اتي وري ميڊيا جيڪو ڪمال ڪيو آهي، ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي. ميڊيا انساني سوچ ۾ وڏي تبديلي آندي آهي، خاص طرح سان سوشل ميڊيا، سوشل ميڊيا انساني معاشري کي هميشه لاءِ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا جي انقلاب کان پوءِ هاڻي ڪنهن به شخص کي يا گروھ کي يا ڪنهن ڪميونٽي کي وڏي عرصي ظلم ۽ ناانصافي جو شڪار نٿو ڪري سگهجي. سوشل ميڊيا ڪمزور لاچار ۽ بي وس ماڻهن جو هٿيار ثابت ٿيو آهي، اڄ ڪو به ماڻهو پاڻ سان ٿيل ناجائزي ۽ ناانصافي جو مقابلو ڪري سگهي ٿو ۽ ان جو سڀ کان وڏو هٿيار سوشل ميڊيا آهي.

ماضي ۾ اهڙن ٻارن سميت هر ان شخص سان ناجائزي ۽ نا انصافي ٿي آهي جنهن جي جنس واضح نه هئي، سماج سميت حڪومتن به انهن کي نظر انداز ڪيو آهي، بلڪه سماجي لحاظ سان انهن تي ظلم ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اڄ به موجود آهي. بهرحال! جڏهن ماڻهن ۽ سماج انهن کي پاڻ کان پري رکيو ته آهستي آهستي انهن جي اندر به بغاوت پيدا ٿي پوءِ انهن پنهنجي حقن لاءِ احتجاج شروع ڪيو، اڄ سڄي دنيا ۾ انهن جي حق ۾ آواز بلند ٿي رهيو آهي. مغربي ملڪن سميت دنيا جي هر ملڪ ۾ انهن پنهنجي حقن لاءِ تحريڪون هلايون آهن، جيڪي اڄ به جاري آهن. حقيقت اها آهي ته اهي به انسان آهن، انهن جي جين ۾ جيڪڏنهن ڪا خرابي اچي وئي آهي ته ان ۾ انهن جو ڪو قصور ناهي، جيئن ڪنهن بيماري جي شڪار شخص کي ان جو قصور وار نٿو سمجهيو وڃي ائين ئي اهڙي شخص جو به ڪو قصور ناهي جنهن جو جنسي تشخص واضح ناهي.

انسان جي اندر جنسي ڪيريڪٽر ۽ ان جي نفسيات جو اندر موجود هارمونز تي گهڻو دارومدار هوندو آهي، اڄ ميڊيڪل سائنس تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي ۽ هاڻي هارمونز جو علاج ڪري جنسي ڪيريڪٽر کي واضح ڪري سگهجي ٿو، بلڪه اهو علاج عملي طور تي ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان اندر به اهڙيون ڪلينڪس موجود آهن، پر ڪنهن به انسان سان جنس جي بنياد تي نفرت ڪرڻ انتهائي ڪِريل عمل آهي، اسان کي اهو اختيار ناهي ته اسان ڪنهن قدرتي نقص جي تحت ڪنهن انسان سان نفرت ڪيون، ان جي اجازت نه مذهب ڏئي ٿو ۽ نه سماج ۽ نه ان جي ڪا گنجائش هجڻ کپي. پاڪستان جي معاشري ۾ اسان هر شي جبر جي بنياد تي ڪيون ٿا. سياسي نظريو هجي، سماجي نظريو هجي، مذهبي نظريو هجي يا کڻي جيڪو به فلسفو هجي ان کي اسان پنهنجي سماج تي زبردستي نافذ ڪرڻ گهرون ٿا، جيڪو ناممڪن آهي. جبر ڪرڻ جو نتيجو معاشري ۾ تباهي جي صورت ۾ سامهون ايندو آهي، جنهن کي اڄ اسان محسوس به ڪري سگهون ٿا، اسان وٽ هر دور ۾ مذهبي ٺيڪدار موجود رهيا آهن ۽ اڄ به سرگرم عمل آهن جن جي مذهبي تشريح اهڙي هوندي آهي جنهن ۾ محض انهن جو مفاد هوندو آهي انهن لاءِ هر اها شي جائز آهي جيڪا انهن جي مفاد ۾ هجي باقي هر اها شي ناجائز هوندي آهي جيڪا سندن مفاد ۾ نه هجي.

ٽرانسجينڊر جي بنيادي تشريح اها آهي ته جيڪڏنهن ڪنهن شخص جو پيدائش کان وٺي جنس جو واضح نه هجڻ ته هو ميڊيڪل سائنس جي جدت کان فائدو وٺندي پنهنجي جنسي شناخت واضح ڪري ۽ هارمونل علاج ذريعي يا سرجري ذريعي پنهنجو پاڻ کي مرد يا عورت سڏرائي ۽ لکرائي. اهو سڀ علاج جي دائري ۾ اچي ٿو جيڪڏنهن ڪينسر سميت هر بيماري جي علاج کي جائز سمجهيو وڃي ٿو ۽ دل جي رڳن ۾ اسٽنٽ رکڻ کي جائز سمجهيو وڃي ٿو ته ان بيماري جو به علاج جائز هجڻ کپي جيڪا جنس سان لاڳاپيل آهي ۽ پيدائشي آهي. پاڪستان ۾ جڏهن ٽرانسجينڊر بل زير بحث آيو يا پيش ڪيو ويو ته اهي ڌريون سامهون آيون ۽ انهن رڙيون شروع ڪري ڏنيون جن ڪرنسي نوٽ تي قائداعظم جي فوٽو کي حرام چيو هو ۽ واويلا شروع ڪري ڏني هئي، تنهن کان سواءِ لائوڊ اسپيڪر کي پڻ حرام چيو ويو هو ۽ ڪئميرا جي استعمال خلاف پڻ تحريڪون هلايون هيون. مطلب اهو ٿو نڪري ته انهن ڌرين جي مذهبي تشريح وقت سان گڏ تبديل ٿيندي آئي آهي، اڄ ڪئميرا جي سامهون هر اهو شخص تيار ٿي وي لاگ رڪارڊ ڪرائيندو آهي، جنهن کي ڪنهن دور ۾ ڪئميرا جي فوٽو نڪرڻ تي دلي صدمو رسندو هو، ان ڪري پاڪستان ۾ هر اهو بل پاس ٿيڻ کپي جيڪو انساني ڀلائي لاءِ هجي ۽ جنهن ۾ انسان جي بنيادي حقن جو تحفظ هجي.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments