بلاگ

رچرڊ برٽن سنڌ بعد زئنزيبار ۾

زئنزيبار جي وڏي ٻيٽ انگوجا ۽ ان جي شهرن جو ذڪر ڪندي هڪ شهر ”باگامويو“ (Bagamoyo) جو احوال لکڻ ضروري سمجهان ٿو جيئن ڪو هالا پراڻا ۾ رهي ڄام شوري جي ڳالهه ڪري. هالا ڄام شوري ضلعي ۾ نه آهي پر اهي ٻئي شهر هڪ ٻئي جي بلڪل ويجهو ۽ آمهون سامهون آهن. يعني سنڌو درياهه جي مختلف ڪنارن تي آهن.

اهڙي طرح باگامويو شهر زئنزيبار ٻيٽ تي ناهي پر زئنزيبار چئنل جي ٻئي پار، بلڪ سامهون آفريڪا کنڊ جي اڀرندي ڪناري تي آهي. باگامويو ”جرمن ايسٽ آفريڪا“ جي گاديءَ جو شهر ۽ ”هندي وڏي سمنڊ“ ۾ هڪ اهم بندرگاهه رهيو آهي. نه فقط هندي وڏو سمنڊ لتاڙي ايندڙ جهازن پر خشڪيءَ رستي آفريڪا جي اندروني حصن کان ايندڙ قافلن پڻ هن شهر ”باگا مويو“ ۾ ترسي ٿڪ ٿي ڀڳو. باگامويو سواحلي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ئي آهي ”بار لاهه ۽ آرام ڪر.“ هونءَ ته باگامويو هڪ ننڍڙو مهاڻن جو ڳوٺ هو، جتي ٻين شين سان گڏ مڇي، لوڻ ۽ کونئر جو وڪرو ٿيو ٿي. باگا مويو اوڻهين صديءَ ۾ اوڀر آفريڪا جو اهم بندرگاهه ۽ واپار جو وڏو مرڪز بڻيو، جڏهن هاٿي ڏندن (عاج) ۽ غلامن جو وڪرو عروج تي هو. آفريڪا کنڊ جي اندروني علائقن مان سوگها ڪيل انسان، زنجيرن ۾ جڪڙي هتي پهچايا ويا ٿي، جتي هتي جي عرب سردارن، وڏيرن انهن تي ٽئڪس ۽ ڪميشن وٺي اڳتي زئنزيبار موڪليا ٿي. اتي هنن جي وڪري ۽ نيلام جي وڏي مَنڊي هئي ۽ جتان اهي جهازن ۾ ڀرجي ترڪي، عمان، يمن، هند، سنڌ، ايران ۽ ٻين هنڌن تي وڌيڪ وڪري لاءِ موڪليا ويا ٿي. هن غلامن جي واپار تي جيتوڻيڪ 1873ع ۾ سختيءَ سان بندش وڌي وئي ته به اوڻهين صديءَ جي آخر تائين ڪجهه ظاهر ظهور ڪجهه لڪ چوريءَ اهو ڌنڌو هلندو رهيو جو ان ۾ هر حاڪم/ سلطان، سرڪاري ڪاموري، وڏيري سردار کان واپاري، جهازن جي مالڪن ۽ چوڪيدارن، ڪلارڪن ڪمايو ٿي.

باگا مويو (Bagamoyo) ڳوٺ نه فقط کوپري (ڏونگهين)، مصالحي ۽ عاج جي واپار جو مرڪز هو پر يورپي Explorers لاءِ به – جن آفريڪا کنڊ جي اندروني حصن ۾ داخل ٿي نيل نديءَ جو Source ٿي معلوم ڪيو، آفريڪا ۾ موجود ڍنڍن، جبلن، جهڙوڪ ٽانگانيڪا ڍنڍ، ڪليمنجارو جبل ۽ ٻين شين جي کوجنا ٿي ڪرڻ چاهي. انهن پنهنجي سفر جي شروعات هن شهر باگامويو کان ڪئي ٿي. يعني هنن کي ان ”مُهم جُوئيءَ“ لاءِ جيڪو سامان ۽ ان سامان کي کڻڻ لاءِ ماڻهو کتا ٿي، اهي باگا مويو مان مليا ٿي. انهن کوجنا ڪندڙن (explorers) مان ڪجهه زئنزيبار ۾ کڻي رهيا ٿي پر هنن کي سفر شروع ڪرڻ لاءِ باگا مويو وڃڻو پيو ٿي. انهن مان ڪجهه مشهور مُهم جُو Explorers هن ريت آهن: رچرڊ برٽن، جان اسپيڪ، هينري مورٽن اسٽينلي ۽ جيمس آگسٽس گرانٽ وغيره.

منهنجي خيال ۾ ته منهنجا پڙهندڙ ٻين کوجنا ڪندڙن Explorers کي سڃاڻندا هجن يا نه پر رچرڊ برٽن (سڄو نالو: Richard Francis Burton) کي ضرور سڃاڻندا هوندا، جنهن کي سنڌيءَ سميت 29 ٻوليون آيون ٿي. هو سنڌ ۾ به ڪافي آيو ويو ۽ رهيو ۽ هن جا سنڌ تي به ڪجهه ڪتاب لکيل آهن جيڪي روشني پبليڪيشن، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٻين ادارن ترجمو ڪيا آهن. انهن مان ٻه يا ٽي ته مون وٽ به هئا، جيئن ته:

1. Scinde or the Unhappy Valey-1851

2. Scinde & The Races Inhabit Valley of Indus-1851

3. Falconry in Valley of Indus.

رچرڊ برٽن هتي زئنزيبار جي شهر ”اسٽون ٽائون“ ۾ به اچي رهيو هو. بعد ۾ هو ”باگامويو“ ويو جتان پوءِ هن آفريڪا کنڊ جي اندرين حصن ڏي سفر ڪيو. رچرڊ برٽن پهريون يورپي هو جيڪو ٽانگانيڪا ڍنڍ تائين پهتو. هن زئنزيبار تي پڻ پنهنجي رهائش ۽ سفر نامي جو احوال لکيو آهي، جنهن ڪتاب جو نالو آهي: Zanzibar : City, Island and Coast هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1872ع ۾ ڇپيو. رچرڊ برٽن 1821ع ۾ انگلينڊ ۾ ڄائو ۽ 1890ع ۾ وفات ڪيائين. هو جاگرافي دان، کوجنا ڪندڙ، برٽش راڄ ۾ ڪامورو ۽ ڊپلومئٽ، ليکڪ، جاسوس ۽ سٺو ترجميڪار هو. هن جو عربي ڪتاب ”الف ليليٰ“ ۽ هندي ڪتاب ”ڪماسترا“ جو انگريزي ترجمو مشهور آهي. هو ويس بدلائي، پاڻ کي عرب سڏرائي مڪي ۽ مديني پڻ ويو، جنهن جو سفر نامو لکيائين. هن آفريڪا، آمريڪا ۽ ايشيا کنڊ جي ڪيترن ئي ملڪن جو سفر ڪيو ۽ ڪٿي ڪٿي هن نه فقط ويس وڳو ۽ پنهنجو حليو بدلايو پر نالو پڻ نئون نئون رکيو سندس ڪجهه نالا هن ريت آهن:

حاجي عبداليزيد

مرزا عبدالله بشري ۽

فرئنڪ بيڪر، وغيره.