جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جو پي ٽي آءِ سينيٽر سان هٿ ملائڻ کان انڪار
آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا پي ٽي آءِ سينيٽر کي بي عزتو ڪري ڇڏيو. هڪ ڪورس جي تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙن جي گڏجاڻي هئي جنهن ۾ مختلف يونيورسٽين جا وائيس چانسلر پارليامينٽرين ۽ سينيٽر شامل هئا ۽ اتي چيف گيسٽ جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا هو. جڏهن هو تقريب ۾ پهتو ته پي ٽي آءِ لاهور جي هڪ سينيٽر اڳتي وڌي گرم جوشي سان سندس آجيان ڪرڻ چاهي ۽ هٿ وڌايو ته جنرل نديم رضا پنهنجو هٿ پوئتي ڪيو ۽ چيائين ته اوهان ڪنهن سان هٿ ملائي رهيا آهيو، اوهان مون کي نٿا سڃاڻو؟ مان ته غدار آهيان، مير جعفر آهيان، مير صادق آهيان، اوهان جو ليڊر روز ڇا ڳالهائيندو رهندو آهي اسان بابت؟ ان تي سينيٽر معذرت خواهي ڪئي، پر ايتري ۾ جنرل نديم هٿ ملائڻ کان اڳتي وڌي ويو. اهڙي دعويٰ صحافي عمران شفقت پاران ڪئي وئي آهي.