پيدا ٿيڻ کان مرڻ تائين سور ۽ تڪليفون برداشت ڪندڙ ابراهيم منشيءَ جي زندگيءَ جا ڪھڙا قصا لکي ڪھڙا لکجن هن محبوب شخصيت جي لاڏاڻي بعد جيڪڏهن ڪنھن سندس ورسي ملهائي ته ان جو اندازو پراڻين اخبارن مان 11 آگسٽ 2024 جون اخبارون ڏسنداسين ته معلوم ٿيندو ته ابراهيم منشي جي وفات (31 جولاءِ 2003) کانپوءِ قومي ڪارڪنن جي ننڍن پروگرامن ڪرڻ کان علاوه ثقافت کاتي جي سھڪار سان هن قوم پرست شاعر جي 21 سالن کانپوءِ سندس ورسي سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي ڊاڪٽر نبي بخش هال ۾ تقريب ملهائي وئي هئي، جنھن پروگرام ۾ ڪيترن مقررن پنھنجي، پنھنجي جذباتي خيالن جو اظھار ڪيو، پر جيئن گهر ويا آهن ته وري منشي انهن توڙي سنڌي قوم کان وسري ويو آهي جو اڄ منشي جي پيدائش جي تاريخ (15 جنوري 1934) جي حساب سان 92 سال ۽ وفات جي تاريخ جي حساب سان 23 سال گذري ويا آهن منشي به محمد خان مجيدي وانگر وسري ويو آهي، جنھن متعلق قوم جو خيال هو ته ابراهيم منشي يگانو شاعر ۽ سنڌ جو ٽئگور آهي. ڪنھن ٿي چيو ته منشي جي شاعري سنڌ ڌرتيءَ مان ڦُٽل شاعري آهي جنھن سنڌ جي ماڻهن ۾ مزاحمت وارو جوش پيدا ڪيو ۽ ان جي بدلي ۾ جيل جون سختيون برداشت ڪيون، مون طارق اشرف واري لکيل مضمون ۾ لکيو هو ته انھن ڏينھن ۾ جمهوريت جي دعويدارن جي حڪومت ۾ سچ چوندڙن ۽ سچ لکندڙن قلم ڌڻين کي جيل ڀيڙو ڪري وري گهڻي وقت گذارڻ بعد آزاد ڪيو ويو، پر منشي جي نڪرندڙ اندر جي آواز کان جمهوري حڪومت ايتري ڊني ٿي جو منشي کي سڀني کان وڌيڪ قيد ۾ 41 مھينا گذارڻو پيو، انھن صعُوبتن کي ڏسندي منشي چيو:
ڪتيون ڪئين قيد ۾ گذريون،
چڱو چيٽ ۾ ملنداسين،
سر نھَ پيلا جھليندي گل،
تنھين کيٽن ۾ ملنداسين.
هي قومي شاعر ٽنڊو محمد خان جي ڀرسان جنھاڻ سومرو ۾ هڪ هاري محمد اسحاق سومرو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ننڍي عمر ۾ پيو جهونگاريندو وتندو هو، سنڌ جي هن عاشق، شاهڪار گيتن وسيلي پنھنجي ڌار سڃاڻپ ٺاهي. سندس غريب والد محمد اسحاق غريبي جي حالت ۾ به پنھنجي پٽ (ابراهيم منشيءَ) کي ملان مڪتب ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو. اڃان چوٿون درجو سنڌي مس پڙهيو ته مارچ 1945ع ۾ سندس پيءُ وفات ڪري ويو. گهر جي اٺن نون ڀاتين جو گذر سفر ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو، ان ڪري ابراهيم منشيءَ پنج درجا سنڌي پاس ڪري محنت مزدوري شروع ڪئي. 1960 ڌاران هڪ ٺيڪيدار وٽ بطور منشي ٿي بيٺو، تنهنڪري ئي هن تي منشي نالو پيو. هن ڏکين حالتن کان متاثر ٿي 1949ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. ابراهيم منشيءَ جو پيءُ پڻ شاعر هو ۽ مولود به چوندو هو، مٿس ان جو به ڪافي اثر هو. ابراهيم منشيءَ شروع ۾ رومانوي شاعري ڪئي ۽ ڪافيون چيون، پر پوءِ شاعريءَ وسيلي هيٺئين طبقي جي نمائندگي ڪرڻ لڳو. هو پنھنجي شاعري ترنم سان پڙهندو هو. شيخ اياز جي انقلابي شاعريءَ کان متاثر ٿي منشيءَ قومي گيت به لکڻ شروع ڪيا ۽ 1970 ڌاران جلسن اندر شاعري ترنم ۾ چوندو هو. خاص طرح سان منشي جلسن ۾ جوشيلي شاعري ڪري عوام کي جذباتي ڪري جوش ۽ ولولو پيدا ڪرڻ جي حوالي سان سنڌ اندر تمام گهڻو سياسي طرح سان مشھور ٿيو. شروع ۾ سندس وابستگي سائين جي ايم سيد سان رهي. جنهن ڪري مختلف وقتن تي سندس مٿان ڪوڙا ڪيس مڙهي بندي خانن جو مھمان بڻايو ويو. هن کي سڀ کان پھرئين 1972 ۾ حيدرآباد جي هڪ پروگرام مان گرفتار ڪري ڇھه مھينن لاءِ جيل موڪليو ويو. ٻيو ڀيرو به وري کيس هڪ پروگرام ۾ قومي گيت چئي ٻاهر نڪتو ئي مس ته گرفتار ڪيو ويو، ٽيون ڀيرو 1974 ۾ سن شھر ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگره ۾ قومي گيت چوڻ جي پاداش ۾ گرفتار ٿي 10 مھينا سخت پورهئي سان سزا ڪاٽي آيو. چوٿون ڀيرو 1983 ۾ ضياءُ جي آمريت خلاف آواز اٿارڻ جي ڏوھ ۾ جيل موڪليو ويو. هيترين تڪليفن برداشت ڪرڻ کانپوءِ به هن جو سائين جي ايم سيد جي وفات کانپوءِ ممتاز علي ڀٽو جي پارٽي ۾ وڃڻ سمجھه کان مٿانهون سوال آهي، منشي ڪافي وقت ممتاز ڀٽي سان گڏ سنڌ نيشنل فرنٽ ۾ ڪم ڪيو. جنهن بعد متحده قومي موومينٽ جي سربراهه الطاف حسين سان ويجهو رهيو، جيڪو سلسلو زندگي جي آخر تائين جاري رهيس. توڙي جو سندس سياسي وابستگي ڪافي سياسي پارٽين سان رهي، پر سندس شاعريءَ جو محور فقط ۽ فقط سنڌ ڌرتي ئي رهي. هِن جي شروعاتي شاعري ماهوار “روح رهاڻ” ۾ ڇپي. سندس شاعريءَ جو پھريون مجموعو “پيغام مظلوم” جي نالي سان ڇپيو، ٻيو مجموعو “وڳهه جا وريام” پريم نگر پبليڪيشن پاران سندس شاعريءَ جو ٽيون مجموعو “گوندر ويندا گذري” ڇپيو، جنھن جو پيش لفظ محمد ابراهيم جويو لکيو. سندس چوٿون مجموعو “ڌرتي دين ڌرم” شايع ٿيو. سندس شاعريءَ جو پنجون مجموعو “ڌؤنري ڏينھن ڌاڙا” ڇپيو. ڇهون مجموعو “اکر اکر کي اک” روشني پبلڪيشن پاران ۽ ستون مجموعو “ڇپر ڇمر ڇانورو” ڇپيو. هن مجاهد بي ڊپي انسان جو نادر ابڙو پنهنجين لکڻين ۾ وڏو ذڪر ڪيو آهي. نادر ابڙو جڏهن ڪوٽڙي ۾ اينٽي ڪرپشن آفيسر ٿي آيو هو ته مون سندس والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تي تنوار اخبار لاءِ مضمون لکيو هو ان مضمون ڇپجڻ بعد سندس سان گهڻي نيازمندي ٿيڻ ڪري سندس آفيس ۾ ملڻ به ويندو هئس. هُن هڪ ڀيري پنھنجي والد صاحب جي حوالي سان ابراهيم منشي جو ٻڌايل هڪ واقعو ٻڌايو جيڪو بعد ۾ ڪنھن ڪتاب ۾ به ڇپرايو ويو هو، هن ٻڌايو ته 1988 ۾ ممتاز علي ڀٽو وٽ منشي سان هڪ ملاقات دوران ابراهيم مونکي چيو ته “نادر تون منھنجي محسن جو پٽ آهين” نادر ابڙو جي پڇڻ تي هن پنھنجو هڪ واقعو ٻڌايو ته “مون تي مارشلا جي دور ۾ هڪ ڪوڙو ڪيس مڙهيو ويو هو. تنھنجو والد (ڪامريڊ تاج محمد ابڙو) تڏهن ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٺٽو هو. جڏهن مون کي سندس ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو ۽ سندس روبرو آيس ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو رڙ ڪري چيو ته منشي توهان! ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پوليس کي چيو ته هن کي منھنجي چيمبر ۾ وٺي اچو. جڏهن مان سندس چيمبر ۾ جوابدار جي حيثيت ۾ ويس ته ڀاڪر پائي آڌر ڀاءُ ڪندي چيائين ته “منشي! هاڻي ڀلا ڪو ماڻهو ضامن، ڪري سگهندين.” چيم “ها سائين ٿي ويندو.” چيائين ته “پوءِ وارو ڪر ته هاڻي ٿو ضمانت ڏيان.” مون چيو ته “ڪامريڊ! تون ٻچڙيوال آهين، خبر اٿئي ته مون تي مارشلا تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.” ان تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وڏو ٽھڪ ڏئي چيو ته “توکي هاڻي جو هاڻي ضمانت تي آزاد ڪندس. باقي منهنجي نوڪري چڙهي آڱوٺي تي.” سو مان انهي ڏينهن ضمانت تي آزاد ٿيس. نادر ابڙو، ابراهيم منشي جي سچائيءَ ۽ خلوص نيت جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته: 1993ع ۾ بيروزگار هئس اوچتو ابراهيم منشي سان حيدرآباد ۾ ملاقات ٿي وئي. پڇيائين ته نادر لاڙڪاڻي کان حيدرآباد ڇو آيو آهين. مون چيو ته روزگار جي ڳولها پيو ڪريان. اهو ٻڌندي ئي چيائين ته مير منور علي ٽالپر ايڪسائيز جو وزير منھنجو دوست آهي. جنھن مون سان واعدو ڪيو آهي ته منھنجي پٽ کي ايڪسائيز جو انسپيڪٽر ڪندو. سو تون منهنجي مرحوم دوست ۽ محسن جو پٽ آهين. اها نوڪري مان توکي ٿو وٺرائي ڏيان. منهنجي پٽ جو ڀاڳ منھنجي پٽ سان، نادر لکيو ته “اها هئي هن جي، مرحوم دوست جي اولاد سان سچائي ۽ مرحوم دوست جي قبر کي عزت ڏيڻ” هي سچو قوم سان مخلص انسان زندگيءَ جي آخري ڏينھن ۾ دل، جگر ۽ شگر جي مرض ۾ مبتلا رهيو ۽ ڪافي ڀيرا اسپتال ۾ به داخل ٿيو.
2001 ۾ کيس دل جي تڪليف ٿي پئي ۽ هو ديوان مشتاق وارڊ ۾ داخل ٿيو. هن کي قوم سان شڪايت هئي جنھن شڪايت کي ان وقت جي اخبارن ڇپيندي لکيو هو ته “منشي دانهون ڪري سڀني کي اکيون آليون ڪري چوي ٿو ته آئون ٻن، ٽن ڏينهن کان اسپتال جي بستري تي پيو آهيان، پر ڪوبه لڙي پڇڻ به نٿو اچي” سندس زندگيءَ جا آخري ڏينھن ڪسمپرسي واري حالت ۾ گذريا، سندس دل جا ٽي والو بند هئا، ڪافي دفعا اسپتال ۾ داخل به ٿيو، مالي وسيلا نه هجڻ سبب سندس دل جو آپريشن نه ٿي سگهيو. بار بار اپيلن جي باوجود سرڪار کيس لنڊن نه اماڻيو. آخرڪار هي موتين جهڙو سنڌ جو عظيم ڀلوڙ شاعر 31 جولاءِ 2003ع تي دل بيهڻ سبب هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، 2018 جي هڪ رسالي جي مطابق کيس ٽي پٽ، چار نياڻيون هيون، اهو هڪ الڳ تحقيق جو ڪم آهي. في الحال ايترو ضرور چوندس ته ابراهيم منشي ڪير سڏائي. منشي جهڙا شاعر ڌرتي صدين کانپوءِ پيدا ڪندي آهي. سندن خال ڀرڻ مشڪل آهي. سندس فن ۽ فڪر تي ڊاڪٽر قربان چنا وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان، ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري جي نگرانيءَ ۾ تحقيقي مقالو لکي پي ايڇ. ڊي ڪئي، پر اڄ ان جي ڄم جي ڏينھن تي نه کيس ڪو ياد ٿو ڪري نه ڪير سندس ورسي تي ڪو ياد ڪندو، ابراهيم کي حياتي ۾ اهي سڀ شيون نظر اچي چڪيون هيون تڏهن ايئن چئي ويو هو ته: