پابندي پيل تنظيمن جا سترهن قيدي ڪراچي کان سکر منتقل
اربع ڏينهن ڪراچي سينٽرل جيل مان سترهن قيدين کي سکر جيل منتقل ڪيو ويو. هڪ صوبائي وزير بيان ڏيندي چيو ته جيل مان ڪوبه قيدي ISIS ۾ ڀرتي ناهي ٿيو. جڏهن ته ڪراچيءَ کان سکر منتقل ڪيل سترهن قيدي مختلف دهشتگرد تنظيمن سان لاڳاپو رکن ٿا جن تي حڪومت طرفان پابندي مڙهيل آهي. انهن قيدين کي سيڪيورٽيءَ جي بنياد تي سکر اماڻيو ويو آهي.