نشي جي عادت سماج جو وڏو مسئلو
اينٽي نارڪو ٽڪس فورس سنڌ جي ڪمانڊر برگيڊيئر نور الحسن “ڊرگ ابيوز” جي عنوان سان ٿيل هڪ سيمينار ۾ چيو ته نشي جي عادت نوجوانن ۾ هڪ تمام سنجيده ۽ ڳڻتيءَ جوڳو مسئلو آهي. هن يونائيٽيڊ نيشن 2016 جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته ويهن مان هڪ يا هڪ ارب ماڻهن مان 25 ڪروڙ ماڻهو ڪو نه ڪو نشو واپرائين ٿا. جنهن ۾ 15 سالن کان 64 سالن جي عمر جا ماڻهو شامل آهن. هڪ ڪروڙ ويهه لک ماڻهو نشي جون سُيون هڻن ٿا، جنهن مان 14 سيڪڙو ماڻهو HIV (هيومن ايميون ڊيفيشنسي وائرس) جو شڪار ٿيل آهن. سراسري طور دنيا ۾ سورهن مريضن مان صرف هڪ مريض کي نشي آور عادت مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ علاج نصيب ٿئي ٿو. هن چيو ته هن وقت نشي جي شين جو واپار دنيا ۾ تمام گهڻو فائدي مندي واپار آهي. جڏهن ته سڄي دنيا ۾ نشي جي واپرائڻ سان روزاني جي بنياد تي 685 ماڻهو موت جو شڪار ٿين ٿا پر دهشتگرديءَ جي ڪري 39 ماڻهو زندگيءَ کان محروم ٿين ٿا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي نشي جي عادي ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ انهن سان پيار ڪرڻو پوندو ۽ انهن جي سچائيءَ سان مدد ڪرڻي پوندي.