هزار داستان
(رياض شاهد جو عمدو ناول)
ليکڪ: تصنيف حيدر
اجمل ڪمال جي مھربانيءَ سان ھيسيتائين اسان پوري دنيا جي ٻين زبانن ۾ ڇپيل نوان ۽ پراڻا ناول ته پڙھيا آھن، پر گڏوگڏ اردوءَ جا به ڪجھ اھم ناول اجمل صاحب ڳولھي ھٿ ڪيا آھن، جيڪي شايد آساني سان اسان جي نظرن مان نه گذرن ھا. ”آج“ جي نئين شماري ۾ شامل رياض شاهد جو ھي ناول به ھڪ اھڙو ئي فن پارو آھي، جيڪو ھُن تائين محمود الحسن جي ذريعي پھتو. ناول جي متعلق ڪجھ اھم ڳالھيون خود اجمل ڪمال ان جي تعارف ۽ انتساب جي حوالي سان بيان ڪيون آهن، جيڪي قابل غور آھن.
ڪجھ ڏينھن پھريان آئون پنھنجي تاريخ دان دوست رماشنڪر سنگھ جو بانس جو ڪم ڪرڻ وارين ذاتين تي لکيل مضمون پڙھي رھيو ھئس، جنھن ۾ ھن ڪاشي ناٿ سنگھ جي ڪتاب ”گھر ڪا جوگي جوگڙا“ جو ذڪر ڪيو ھو. انهيءَ ذڪر جو حوالو هينءَ هو ته پوئتي پيل ۽ ھيٺين ذاتين وارن کي ھندستان ۾ ان حد تائين تعصب برداشت ڪرڻو پوندو ھو، جو انھن جي ڳوٺ جي طرف کان ايندڙ ھوائن کي به بيمارين جو سبب سمجھيو ويندو ھو. ڪاشي ناٿ پنھنجي مخصوص انداز ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي، پڙھڻ ۾ خراب لڳي ٿو، پر امبيڊڪر جي ڪتاب ”جاتي ڪا خاتمه“ ۾ انهيءَ کان به زياده ۽ خطرناڪ قسم جو متڀيد تاريخي ثبوتن سان پيش ڪيو ويو آھي. ظاھر آھي ھن موضوع تي ڪتابن يا خود ناولن جي ڪا ڪمي ڪونھي، پر ھي به سچ آھي ته اردوءَ ۾ ھن طرح جا ناول تمام گھٽ لکيا ويا آھن، جيڪي لکيا ويا آھن انھن جو به ڪو خاص تذڪرو نه ٿيو آهي.
مراٺي ناول نگار ملڪه امر شيخ جي سوانح عمري ”مين خود ڪو برباد ڪرنا چاهتي هون“ مون ان تجسس سان پڙھڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي ته شايد ان ۾ مھاراشٽر جي دلت مسلمانن جي حالات زندگيءَ تي بھتر ڍنگ سان روشني وڌي وئي هوندي، پر ملڪه جي سوانح ۾ اھڙو ڪو خاص تفصيل ان حوالي سان نٿو ملي.
ائين ناھي ته اسان وٽ غريب مزدور يا اڻ پڙھيل مسلم سماج تي ڪھاڻيون يا ناول نه لکيا ويا ھجن، مگر سچ ھي آھي ته اھڙا مسئلا ڪا خاص توجه حاصل نه ڪري سگھيا، حالانڪه رياض شاهد جو ناول جنھن موضوع تي آهي، انھيءَ تي شوڪت صديقي ”خدا ڪي بستي“ ۾ نھايت ئي تفصيل سان روشني وجهي ٿو. هُتي تعليمي مسئلن سان گڏوگڏ مسلمانن وٽ مذهب جي نالي تي ٿيندڙ گندي سياست تي به خاص توجه ڏني وئي آھي. مون کي محسوس ٿيندو آھي ته اردوءَ وارن زبان جي نفاست ۽ دھلوي لکنوي جي قصن ۾ ھندستان جي ٻين علائقن ۾ ڳالھائي، پڙھي ۽ لکي ويندڙ اردوءَ سان جيڪو ناروا سلوڪ اختيار ڪيو آهي، هي ناول به انھيءَ جي ڀيٽ ٿي ويو آهي. مون خود به پنھنجن دوستن جي محفلن ۾ اھڙن اديبن ۽ شاعرن تي تمام گھڻا لطيفه ٻڌا آھن، جن جي مادري زبان پنجابي، سنڌي يا ڪا ٻي رھي ھجي. ناول ۾ زبان کي اضافي مارڪون ڏيڻ جو اسان جو ھي رويو ڪنھن مذهبي جنوني وانگر ھر وقت اسان جي سرن تي سوار رھي ٿو.
اسان سٺي ٻوليءَ ۾ ويڙهيل ڪچري ادب کي کلي قبول ڪري ٿا وٺون، مگر جيڪڏهن لساني معاملو الجهيل ھجي ته اسين ان کي ادب مان ٻاھر ڪڍندي ٻه منٽ به نٿا لڳايون.
رياض شاهد جو ناول ڪافي حد تائين مون کي پنھنجي ٻالڪپڻ سان ڳنڍيل محسوس ٿيو. هن جي ناول ”ھزار داستان“جي مرڪزي ڪردار فياض وانگر مون به ننڍپڻ ۾ بک ۽ تنگدستي جون اھڙيون ته عجيب و غريب دنيائون ڏٺيون آھن، جو مون کي ڪئين دفعا ناول پڙھندي اوڻيھ سو پنجاھ جي ڏھائي ۾ جنم وٺندڙ فياض جي چھري ۾ پنھنجو چھرو نظر اچڻ لڳو.
اُھي ئي گهٽي پاڙي جا سير، اھي ئي دوستن سان سير و سفر، انھيءَ دوران لکڻ پڙهڻ جو شوق. اھا ئي غربت جي سبب تعليم ڇڏڻ جي مجبوري، ماءُ جو رپين پيسن لاءِ پريشان ٿيڻ، ڀاءُ جو ننڍي عمر ۾ دڪان تي وڃي ويھڻ. الغرض فياض جي گھر ۾ جيتري غربت آھي، ھن جي گھر ۾ جيتري اونداهي آھي، جيتريون تڪليفون ھن جي سيني ۾ جمع آھن، اوتري ئي بي حيائي سان ٻاھر پاڙي جي آباد دنيا ۾ اڻ کُٽ جھالت اگھاڙي مٿي گھمي رھي آھي. بندو نائي، حنيف گويا، ٺيلو پھلوان ۽ ميان حيات اھي سڀئي ملي جيڪا دنيا ٺاھين ٿا، اھا ڏٺل وائٺل آھي.
انھيءَ سان مون کي رياض شاهد جي لکيل مھاڳ جي ھيءَ ڳالھ بلڪل سچ معلوم ٿي ته ھو اھڙن لکن ڪروڙن انسانن جون آکاڻيون لکڻ چاھي ٿو، جن جون زندگيون موت جي نمائندگي ڪن ٿيون.
ھي ناول بظاھر ھڪ اھڙي شخص جي ڪھاڻي آھي، جيڪو حالتن جي مجبوري جي ڪري تعليم اڌ ۾ ڇڏي پنھنجي گھر جي خرچ جو بار سنڀالي ٿو، ھن جو پيءُ تڏهن مري ويو ھو، جڏهن ھو پندرهن سالن جو هو، مگر جن جا پيءَ زنده ھوندا به آھن انھن کي به تعليم جي صحيح اصولن سان اسان جي دنيائن ۾ آگاھي مشڪل سان ميسر ٿيندي آھي. آئون اڄ جنھن پاڙي ۾ رھان ٿو، اتي ڪئين بھترين انگريزي اسڪول قائم ڪيا ويا آهن، پر انھن سڀني ۾ پڙھندڙ ٻارن کي اسلامي تعليم جو ھڪ خاص سبجيڪٽ پڙھايو ويندو آهي، ان تي خاص زور ڏنو ويندو آهي ۽ ڪجھ اسڪول ته پاڻ کي باقاعده اسلامي اسڪول سڏائڻ تي زور ڏيندا آهن.
تشدد جي راھ تي هلندڙ ھن دنيا ۾ اسان جي حصيداري ان حد تائين آھي ته اسين پنھنجي اسڪولن، ڪاليجن ۾ پنھنجي مذهبي شناخت جو اھو حوالو وڌيڪ مضبوطي سان ٺاھي رھيا آھيون، جيڪو اسان کي ڄڻ سڌي رستي تي گامزن ڪري ٿو ۽ جنھن دنيا ۾ اسين جيئون پيا ان کان ڪٽڻ ۽ پري ڪرڻ جا سڀ گس اسان تي کولي ٿو.
ھيءَ دنيا اسان وٽ صرف نئين پراڻي تعليمي نظامن، عام زندگيءَ جي تعليم کان الڳ آگاهي کي مسلط ڪرڻ جو ضد ۽ دنيا کان خود کي ممتاز سمجھندي به ان کان الڳ رھڻ جي ھٺ ڌرمي جي ذريعي ئي نه پھتي آهي، بلڪه تصوف جھڙي عام طور تي لبرل روحاني تصور سان به ان جو گھرو تعلق آھي.
انھيءَ ڪري ئي داتا گنج بخش جي مزار تي آفيم ۽ چرس جي نشي ۾ آسماني درجي تي پھچڻ واري مولا جي متوالن جو جيڪو حشر ڏيکاريو ويو آهي، اھو اسان کي عام طور تي سڀني مزارن تي ڏسڻ لاءِ ملي ويندو آهي.
ھتي جڏھن ھي ذڪر ھلي ئي رھيو آھي ته عرض ڪندو ھلان ته رياض شاهد جو مطالعو وڏي ڪمال جو آهي، ھن ملنگن جي جيڪا گفتگو اُن موقعي تي پيش ڪئي آھي ۽ جھڙي طرح ”آمريڪا“ جي بادشاهه چڙچل کي آفيمي ۽ ڪوٽلي واري بابا کي ھن جي بادشاھي ملڻ جي بشارت ڏيڻ جو جيڪو نقشو ڇڪيو آهي، اھو بيحد مزيدار ۽ حقيقت پسند آهي.
رياض شاهد جو ناول عام زندگيءَ جي ڳالھ ڪري ٿو، ھي پڻ حقيقت آھي ته ھن تي ورھاڱي کانپوءِ پاڪستان ۾ ھندن جي گھرن، پاڙن، دڪانن تي قبضي ڪرڻ جي ھڪ المناڪ فضا ته طاري آهي، مگر ڇاڪاڻ ته ھاڻي ھي دنيا آباد ٿي چڪي آهي، پر ھن ۾ ٿيڻ وارن لالچي سيٺين، سرمائيدارن، قرآن پڙھائڻ وارين عورتن، سڀني جي سچائيءَ کي نھايت ئي عمدگي سان بيان ڪيو ويو آهي.
ھن معاشري ۾ ائين نه آهي ته مرڪزي ڪردار ڪنھن به طرح جي انساني غلطي کان پاڪ آهي، ھن وٽ به چوري، بد ديانتي، غصي، بيوفائي ۽ بزدلي جا عنصر موجود ھوندا آھن.
مگر انھن سڀني جا مختلف سبب آهن. دراصل ھي معاشرو ٺھيل ئي اھڙين سِرن سان آھي، جنھن ۾ لڪي، دٻجي ۽ پيسجي سڀ ڪجھ سھڻ جي اذيت کي انسان جو اصل ڪردار تصور ڪيو ويو آهي. تقويٰ جي ڪوڙين دعوائن جي چادر اوڍڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. ھتي ھڪ چور اھو آھي جنھن مجبوريءَ جي ڪري چوري ڪئي پر ٻيو چور اُھو آھي جنھن کلي عام سينه زوري ڪندي غريبن جو رت چوسيو آھي، انھن کي لُٽيو آھي، استحصال ڪيو آهي ۽ انھن جي حق تي ڌاڙو ھنيو آھي.
مگر ٻيو چور، جيڪو اصل ۾ وڏو چور آھي، عزت دار بڻجي ويو آهي. ھن جي اڳيان سماج جي مرلي بند آھي. فياض جو ھڪڙو دوست آھي ماجد جيڪو پڙھيل لکيل آھي، ھو سموري دنيا جي ملڪن جي عورتن جو ذڪر ڪندو رھندو آھي، دنيا جي عورتن جي خوبصورتي جو وڙ ھن وٽ ملي ويندو آهي ۽ ھو پنھنجو پاڻ کي اديب چورائيندو آهي، ھن جي ڳالھين ۾ عورت جو ذڪر اهڙي حد تائين آھي، ايترو زياده بيزار ڪرڻ وارو محروم ڪردار آھي جو فياض به ڪنھن حد تي بيزار ٿي ويندو آهي.
ھن ناول جو ھڪ اھم ڪمال ھي به آھي ته ھي اسان کي ڏيکاري ٿو ته اسين پنھنجي معاشري ۾ اديب، شاعر، فنڪار يا عالم ڪير به ھجي ان وٽ عورت ڪل وقتي مسئلو آهي. ھي مسئلو اسان جي محرومين مان جنم وٺي ٿو. اسين ھڪ ”شاطي“ نالي ڇوڪري جا ڌتڪاريل آھيون، اسان جي اوقات ۽ اسان جي حيثيت ايتري ئي آھي، پر اسان جا خواب اسپين جي عورتن سان لاڳاپيل/جڙيل آھن، مصر جي قلوپطره سان دل لڳايون ٿا ۽ دنيا جھان جي حُسن کي بيان ڪرڻ جي پنھنجي ٿڪل صلاحيت کي ئي ھڪڙي اديب جي صلاحيت مڃي وٺون ٿا.
رياض شاهد جي ھيءَ ڪھاڻي، مفلسيءَ جي ڪھاڻي آھي، فقط اھڙي مفلسيءَ جي نه جيڪا نه ڄاڻ ڪيترن فياضن کي رت ٿُڪڻ تي مجبور ڪري ٿي، بلڪه اُن ذھني مفلسيءَ جي به جيڪا ھن سماج کي ھڪ طرف اندر ئي اندر استحصال پسند ۽ فريبي بنائي ٿي ته ٻئي طرف شرافت به اھڙن مراعات يافته طبقن جي جھولي ۾ وراثت جي مثل وجھي ٿي، جن ڪڏهن بک جي گندي نالي ۾ جھاتي نه پاتي ھجي. جنھن امن و آشتي جا ڪتابي سبق پڙھي، گوتم ٻڌ جا گيان رٽي، سرمائيدارن جي گھرن ۾ جنم وٺي بس زندگيءَ جي ھنن نالين ۾ ترندڙ زندھ انسانن تي ھوسٽائل، جنگلي، جاھل ۽ معاشري مان ڌڪي ٻاھر ڪڍيل ھئڻ جي لائق ھجڻ جو ليبل چنبڙائي ڇڏيو آهي.
اردوءَ ۾ لکيل اھڙن ناولن کي پڙھڻ گھرجي، انھن تي بحث ٿيڻ گھرجي ۽ انھن جي آرسين ۾ اسان جي موجوده سماج کي ڏسڻ گھرجي. شايد اسان کي کي خبر پوي ته انساني ترقيءَ جي ڏاڪڻين تي چڙھڻ جي اسان جي ترڪيب ايتري حد تائين منعڪس رھي آھي ته ھي ناول ۽ ان جا ڪردار اسان لاءِ اڄ به بيحد متعلق آھن ۽ شايد ايندڙ ڪئين سالن تائين رھندا.
***